تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٽيون ۽ آخري حصو … پھرين عالمي جنگ … روشن داس

آمريڪي ڪارخانن جي پيداوار تمام گھڻي وڌي ويئي هئي. 19 جنوري 1915ع تي جرمنيءَ اعلان ڪيو ته، اهو پنهنجي تازي خطرناڪ ايجاد يعني آبدوز ذريعي اتحادي ملڪن ۽ فوجن ڏانهن هٿيار توڙي کاڌي خوراڪ کڻي ويندڙ بحري جهازن تي حملا ڪندو. جرمنيءَ جي انهيءَ ڳالهه آمريڪا کي ڪاوڙائي وڌو. آمريڪا جا ڪارخانيدار ڇتا ٿي پيا. انهن پنهنجي حڪومت کي جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪيو. 8 مارچ 1915ع تي جرمنيءَ جي آبدوزن لوسيٽانيا نالي هڪ وڏي برطانوي بحري جهاز کي غرق ڪري ڇڏيو، جنهن ذريعي آمريڪا مان هٿيار ۽ بارود برطانيه ڏانهن وڃي رهيا هئا. هن جهاز جي غرق ٿيڻ سان جهاز ۾ سوار 100 کان وڌيڪ آمريڪي عملي سميت سوين ٻيا مسافر مارجي ويا. جرمنيءَ هن واقعي بعد ٽي ٻيا به آمريڪي جهاز ٻوڙي ڇڏيا. جرمني ميڪسيڪو کي خط لکي، ان کي ٽيڪساس ۽ نيوميڪسيڪو تي حملي ڪرڻ لاءِ چيو، اهي ٻئي صوبا پهرين ميڪسيڪو جو حصو رهيا هئا. آمريڪي صدر وڊرو ولسن اپريل 1917ع تي آمريڪي ڪانگريس کان هن جنگ ۾ اتحادين جو ساٿ ڏيڻ جي اجازت گھري، جيئن واپاري رستن جي حفاظت ڪري سگھجي ۽ دنيا کي جمهوريت لاءِ محفوظ بڻائجي، پر آمريڪا ۾ آخر تائين عوام جو هڪ حصو هن جنگ ۾ ٽپي پوڻ جي مخالفت ڪندو رهيو. انهن آمريڪين جي ترجمان يوجين ڊيبس کي آمريڪا جي حڪومت غداريءَ جي الزام ۾ ڏهه سال ٽِيپ ڏئي ڇڏي. ڊيبس چوندو هو ته: ”هتان جا وڏا ماڻهو جنگ شروع ڪرائين ٿا ۽ هيٺئين طبقن جا ماڻهو جنگ وڙهن ٿا، جنهن ۾ نقصان هيٺئين طبقي جو ئي ٿئي ٿو ۽ جانيون به انهن جون ئي زيان ٿين ٿيون.“ اتحادين وٽ سپاهين جي کوٽ به آمريڪا جي تازي 12 لک فوج اچي پوري ڪئي. ان کان سواءِ برطانيه، فرانس جي ڪالونين جون فوجون به اتحادين طرفان وڙهي رهيون هيون. مثال طور هن جنگ ۾ رڳو هندوستان جا هڪ لک کان وڌيڪ سپاهي برطانيه جي سپاهين سان گڏجي وڙهندي مارجي ويا هئا، جن جون قبرون انهن جي قطبن سميت اڄ به پوري يورپ ۾ موجود آهن. پهرين عالمي جنگ دوران ٻنهي ڌرين جي مالي نقصان جو اندازو، 337 ارب آمريڪي ڊالر لڳايو ويو آهي. وڙهندڙ ملڪن اهي پئسا ملڪي ٽئڪسن ذريعي گھٽ ۽ قرضن ذريعي وڌيڪ گڏ ڪيا هئا. هن جنگ ۾ آمريڪا جا هڪ لک 16708 سپاهي مارجي ويا ۽ محوري طاقتن جا 35 لک ماڻهو مارجي ويا. هن جنگ ۾ حصو وٺندڙ يورپي ملڪ ته بلڪل تباهه ٿي ويا.
هن جنگ جا ٻيا ڪجهه عجيب نتيجا ظاهر ٿيا. مثال طور آمريڪا ۾ ڪارخانا هلائڻ لاءِ يعني نيگرو ماڻهو 90 سيڪڙو ڳوٺاڻن علائقن مان نڪري وڏن صنعتي شهرن ۾ گڏ ٿي ويا، جتان انهن هن جنگ بعد پنهنجا سياسي پروگرام شروع ڪيا. آمريڪا ۾ صنعتي ترقيءَ سبب مزدورن جون يـونيـنون طاقتـور ٿـي ويون ۽ بار بار هـڙتالـون ڪري مطـالبا مڃـرائيـنديـون رهيون. لکين نيگرو آمريڪي فوج ۾ ڀرتي ٿي يورپ ۾ وڃي وڙهيا ۽ پـنـهنـجـي لاءِ آمـريـڪـي فـوج ۾ بـه مـسـتقـل جـاءِ پيـدا ڪيائون. آمريڪي عورتون پورهيتن جي کوٽ سبب ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لڳيون ۽ جنگ بعد پنهنجي لاءِ ووٽ جا حق ۽ ٻيا ڪجهه حق به حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. هن جنگ ۾ هندوستان جي هڪ لک کان وڌيڪ سپاهين جي مارجڻ، هندوستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي وڏي هٿي ڏني. هندوستان جي اڳواڻن برطانوي حڪومت تي الزام هنيو ته، هندوستاني سپاهين کي هن جنگ ۾ توپن جي چاري‘ طور استعمال ڪيو آهي. انگلنڊ جي 6 لک 8 هزار فوجي آفيسرن ۽ سپاهين جي هن جنگ ۾ جاني نقصان بعد هندستان ۾ آءِ. سي. ايس ۽ وڏا فوجي عهدا به هندستانين لاءِ کوليا ويا. برطانيه ۽ فرانس وغيره جو ڪنٽرول پنهنجين ڪالونين تي ڪجهه ڪمزور پئجي ويو هو، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ هن جنگ ۾ تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويا هئا. آمريڪا هن جنگ جي ڪمائيءَ مان بيحد شاهوڪار ٿي ويو، جنهن آمريڪا جي صنعتي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي وڌيڪ وڌايو. ترڪيءَ جي شڪست کاڌل سلطنت بيت المقدس سميت فلسطين وڃايو ۽ مڊل ايسٽ جا ٻيا عرب ملڪ به ترڪيءَ جي قبضي مان نڪري برطانيه ۽ فرانس ۾ ورهائجي ويا. روس ۾ بادشاهت ختم ٿي ويئي ۽ اتي ڪميونسٽ انقلاب اچي ويو. ترڪيءَ ۾ ڪمال اتا ترڪ خلافت ختم ڪري ڇڏي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڏي پئماني تي سماجي اٿل پٿل ٿي. لکين ڪروڙين ڪٽنب پنهنجن ڪمائيندڙن کان محروم ٿي ويا. ڊگهي عرصي تائين سپاهين جي پنهنجي گهرڀاتين کان دوري، انهن جا گھر برباد ڪري ڇڏيا ۽ انهن جون شاديون به گھڻي ڀاڱي رُلي ويون. جنسي بي راهه روي وڌي ويئي. جنگ تان واپس آيل ماڻهن جون زندگيون پنهنجي معمول تي اچي نه سگھيون. يورپي ملڪن ۾ بيروزگاري وڌي ويئي ۽ کٽل حڪومتون وڏي مصيبت ۾ پئجي ويون. روس جي ڪميونسٽ انقلاب پوري سرمائيدار يورپ کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، جنهن پنهنجن شهرين کي زندگيءَ جون ضروري سهولتون ڏيڻ جي سنجيده ڪوشش شروع ڪئي. برطانيه جي ان وقت جي وزير اعظم لائڊ جارج يورپ جي سرمائيدارن کي وارننگ ڏني ته پنهنجي اڌ ماني غريبن کي ڏيو، نه ته سڄي ماني اوهان کان ڦرجي ويندي. بين الاقوامي تڪرار طئي ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏين طاقتن ليگ آف نيشنس جي نالي سان هڪ اهم عالمي تنظيم قائم ڪئي، پر ان سان جڙيل اميدون پوريون نه ٿيون، ڇاڪاڻ جو وڏين طاقتن جي هٺ ڌرمي ۽ مفادن سبب اها عالمي تنظيم صرف بحث مباحثي جو پليٽ فارم بڻجي رهجي ويئي ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي، پر سڀ کان وڏي حيرت جوڳي ڳالهه اها ٿي، ته سڄي دنيا پهرين عالمي جنگ کان ترت پوءِ اهو سمجهيو هو ته، ههڙي خوفناڪ ۽ تباهه ڪن جنگ، جنهن کي سڀني جنگين جي ماءُ‘ چيو پئي ويو، کانپوءِ دنيا وري ههڙي جنگ ڪڏهن ڪونه ڪندي، پر ٿيو ڇا جو هن جنگ جي ختم ٿيندي ئي سڀني مخالف طاقتن نئين سر هڪ نئين جنگ لاءِ ڀرپور تياريون ڪيون ۽

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *