تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

ٽيلي ميڊيسن: عوام گهر ويٺي علاج ڪرائي سگهندو…شيما صديقي/ سارنگ خاصخيلي

ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي اهو محاورو ڪورونا وائرس کانپوءِ ڪيترن ئي هنڌن تي سچ ثابت ٿيندي نظر اچي ٿو، مثال طور آن لائن ذريعي تدريسي عمل شروع ٿيڻ، خريداري لاءِ آن لائن جو استعمال، اهڙي طرح گهر ويٺي علاج جي سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيلي ميڊيسن جو رجحان وڌي رهيو آهي ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته موجودا هنگامي حالتن ۾ هڪ بهتر ۽ آسان طريقو اهوئي آهي، اڄڪلهه ڪيترين ئي خانگي اسپتالن ۾ ٽيلي ميڊيسن جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ ڪجهه ٻيا ادارا به عام ماڻهو کي اها سهولت فراهم ڪري رهيا آهن، ڪٿي اها سهولت مفت فراهم ڪئي وڃي ٿي ته ڪٿي في به مقرر ٿيل آهي، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان ۾ موجود ٽيلي ميڊيسن جو شعبو ڪيتري حد تائين ڪامياب آهي؟ ۽ اسان جي ملڪ ۾ ان جو مستقبل ڇا آهي؟ گڏوگڏ اهو به ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته ٽيلي ميڊيسن جي سهولت سان مريض ۽ سندس خاندان ڪنهن حد تائين مطمئن ٿئي ٿو.
پيما ٽيلي ڪلينڪ
پاڪستان اسلامڪ ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي هيلٿ لائن پروجيڪٽ جي سربراهه ڊاڪٽر حوريه ٻڌائي ٿي ته ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون ۾ اهو ضروري هو ته ماڻهو گهرن مان ٻاهر گهٽ نڪرن ۽ جيڪڏهن انهن کي صحت جو مسئلو پيش ٿئي يا تڪڙو طبي مشورو گهرجي ته هو گهر ويٺي آساني سان ڊاڪٽر سان رابطو ڪري سگهن ان مسئلي کي سامهون رکي پيما 23 مارچ تي پنهنجي هيلٿ هيلپ لائن جي شروعات ڪئي، ان ميڊيڪل هيلپ لائن جي سهولت پوري ملڪ ۾ بلڪل مفت فراهم ڪئي پئي وڃي.سندس چوڻ هو ته 3 هزار کان وڌيڪ مريضن رابطو ڪيو ۽ 450 ماڻهن ڪورونا وائرس بابت ڄاڻ ورتي،
گهر ويٺي مريض ڪهڙي ريت ان سهولت جو فائدو کڻي سگهي ٿو؟
هڪ مريض عورت مسز حيدر موجب کيس شگر جو مسئلو آهي ،لاڪ ڊائون دوران هن پيما جي يورولاجي ڪنسلٽنٽ سان رابطو ڪري کيس پنهنجي تڪليف کان آگاهه ڪيو جنهن بعد هن ڪجهه دوائون تجويز ڪيون جن جي استعمال سان کيس گهڻو فائدو ٿيو، هيلپ لائن جي حوالي سان ڊاڪٽر حوريه ٻڌايو ته مريض واٽس ايپ ڪال ۽ وڊيو ذريعي رابطو ڪري پنهنجون ميڊيڪل رپورٽس ۽ دوائن جا نسخا موڪليندا آهن ته جيئن ڊاڪٽر مرض ۽ مريض جو بهتر انداز ۾ معائنو ڪري سگهي، اسان کي نه رڳو ملڪ جي مختلف علائقن پر سعودي عرب، برطانيا، دبئي ۽ امريڪا مان ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 140 کان 150 ڪالون وصول ٿين ٿيون.
امن ٽيلي هيلٿ سروس
امن ٽيلي هيلٿ يونٽ جي انچارج شيخ نادر موجب سندن اها سروس گذريل 10 سالن کان فعال آهي اسان جي هيلپ لائن کي اڳ ۾ به ڪالون اينديون هيون پر ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ او پي ڊيز جي بند ٿيڻ سبب فون ڪالز ۾ تيزي اچي وئي، عام ڏينهن جي مقابلي ۾ کين 2.45 سيڪڙو وڌيڪ ڪالون آيون، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 14 سيڪڙو فون ڪالز ڪورونا وائرس جي مريضن جي هئي، جن کي نفسياتي دٻاءُ کي منهن ڏيئڻو پئي پيو انهن ماڻهن کي لڳو پئي ته ڪٿي هو ڪورونا کان متاثر ته نه ٿي ويا آهن.
صحت ڪهاڻي ٽيلي ميڊيسن ايپ سروس
اها هڪ ٽيلي ميڊيسن موبائل ايپ سروس آهي ان جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي عورتن جي ڊاڪٽر سارا سعيد ۽ ڊاڪٽر عفت ظفر خاص طور تي عورت مريضن لاءِ تيار ڪيو آهي، ان ايپ ذريعي عورتون بنا ڪنهن پريشاني جي ليڊي ڊاڪٽرز سان کلي ڳالهائي سگهن ٿيون، ان پليٽ فارم تي مختلف 26 مرضن جي حوالي سان 60 ڊاڪٽرز طبي خدمتون فراهم ڪري رهيون آهن، صحت ڪهاڻي ايپ جي هوم پيج موجب ان کي ڏيڍ لک ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽرن جي مدد حاصل آهي اها سروس پهرين کان ٽيلي ميڊيسن جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ هتي ڊاڪٽرز کي ڏيکارڻ جي 500 رپيا في ورتي وڃي ٿي پر صحت ڪهاڻي لاڪ ڊائون دوران مريضن سان سهڪار ڪندي جون تائين اها سهولت مفت فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
فزيو ٿيراپي ۽ ايڪو پيشنل ٿيراپي جي سهولت
لاڪ ڊائون دوران جٿي ٽيلي ميڊيسن تحت جنرل ڊاڪٽر تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي اتي ٻين طبي سهولتن کان به فائديمند ٿي سگهجي ٿو، ڪيترائي ايڪو پيشنل ٿيراپسٽ ۽ فزيو ٿيراپسٽ به آن لائن ٽريننگ فراهم ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان زرمين حسن نالي ايڪوپيشنل ٿيراپسٽ جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مون ٿيراپي ڪوچ نالي اداري سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو منهنجو اهو ادارو آٽزم جي شڪار ٻارڙن جو علاج ڪري ٿو انڪري هو ايڪوپيشنل ٿيراپيسٽ جي حيثيت سان لاڳيتو پنهنجي مريضن سان ڳنڍيل رهي ٿي، لاڪ ڊائون سبب هاڻي آئون انهن سان آن لائن رابطي ۾ آهيان .سندس چوڻ هو ته شروع ۾ والدين کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اسين ڪيئن ڪم ڪنداسين پر هاڻي هو چون ٿا ته ان طريقي سان گهڻي آساني ٿي پئي آهي، آئون کيس هڪ ڏينهن اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيندي آهيان ته سڀاڻي اسين ڪهڙي سرگرمي ڪنداسين ۽ ڪهڙو وقت بهتر رهندو. هن ٻڌايو ته مريضن جو وڏو انگ ٽيلي ميڊيسن ذريعي طبي سهولت حاصل ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته نه ماڻهن بيمار ٿيڻ ڇڏيو آهي ۽ نه ئي ڊاڪٽرن جي ضرورت ختم ٿي آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *