تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪالهه پي پي آءِ سي ٿري، اين سي او سي، علي زيدي، ميري گهر ڪوئي لفافه دي گيا، جسٽس فار زهره هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل رهيا.
ميري گهر ڪوئي لفافه دي گيا ٽرينڊ ان وقت شروع ٿي ويو جڏهن پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بيان ڏنو ته منهنجي گهر ڪوئي لفافو ڏئي ويو هو، جڏهن اهو لفافو کوليو ته ان ۾ جي آءِ ٽي رپورٽس هيون، جيڪي عذير بلوچ ۽ نثار مورائي بابت هيون. ان حوالي سان دودو چانڊيو لکيو ته شڪر آهي ته سياستدانن به لفافي جو اعتراف ڪيو، پهريان ته اهو الزام صرف اسان صحافين تي لڳندو هو.هڪ صارف علي زيدي جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو اينڪر پرسن کي چئي رهيو آهي ته 15 پڙهو پوءِ وري چوي ٿو ته پيج نمبر 8 تي پوائنٽ نمبر 15 پڙهو، صارف ان وڊيو بابت چيو ته اها وڊيو ڏسي ٽيوشن ۽ اسڪول جا ڏينهن ياد اچي ويا، ايڊووڪيٽ محمد بلاول عذير بلوچ جون مختلف شخصيتن سان گڏ نڪتل تصويرون ۽ خبرن جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ عذير بلوچ جا ماڻهو هئا ان جو مطلب آهي ته پي ٽي آءِ پڻ عذير بلوچ جي سپورٽ ڪئي، عذير بلوچ به پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ بيان ڏنو هو ، هالار جمالي لکيو ته جيڪي ماڻهو بلديا سانحي ۾ ملوث هئا اهي پي ٽي آءِ جي حڪومت جا اتحادي آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *