تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جا ٽرينڊ ڇانيل رهيا. هيش ٽيگ انگلينڊ ورسز پاڪستان، بابر اعظم، پارليامينٽ مسٽ رجيڪٽ پي ايم سي، جي آءِ اسٽينڊ فار ڪشمير، ڪشمير ڪا حل الجهاد، پري فار لبنان، سامسنگ، آرچر، بوبي ۽ اظهر علي ٽاپ ٽين ٽرينڊ رهيا.
انگ و پاڪ ٽرينڊ ۾ پهرئين ٽيسٽ ۾ ففٽي ميڪر بابر اعظم جون تصويرون شيئر ڪيون ويون ۽ کيس شاندار بيٽنگ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اهو به ٻڌايو ويو ته بابر اعظم گذريل 7 ٽيسٽ اننگز ۾ 4 سينچريون ۽ 2 ففٽيون اسڪور ڪيون آهن. هو ويرات ڪوهلي، اسٽيو اسمٿ، جو روٽ جهڙو شاندار بيٽسمين آهي. ميچ جي مختلف مرحلن جون وڊيوز به شيئر ڪيون ويون. جڏهن ته پارليامينٽ مسٽ رجيڪٽ پي ايم سي ٽرينڊ ۾ ڊاڪٽرن جي رجسٽريشن واري نئين ڪائونسل خلاف ٽوئيٽس ڪيون ويون. مخالف ڌر جي پارٽين کي اپيل ڪئي وئي ته هو اهو قانون منظور ٿيڻ نه ڏين. ڇاڪاڻ ته اهو ڊاڪترن جي حقن جي ابتڙ آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *