تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ

5 آگسٽ بليڪ ڊي ۽ اسڪول کوليو مهم
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪالهه ڪشمير جو مسئلو ۽ پاڪستان جا ان باري ۾ کنيل قدم ڇانيل رهيا. هيش ٽيگ آءِ ايم ڪشمير ايمبيسيڊر، 5 آگسٽ بليڪ ڊي، اينڊ ايجوڪيشنل لاڪ ڊائون، ريلس فار رائٽس، 1 ايئر آف لاڪ ڊائون، نيو پوليٽيڪل ميپ، پاڪستان، سر ڪريڪ، ڪشميريز ۽ ڄمون اينڊ ڪشمير ٽاپ ٽين ٽرينڊ رهيا.حڪومت پاران پاڪستان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪري ان ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي شامل ڪرڻ واري معاملي تي مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ احسن اقبال پاڪستان جو پراڻو نقشو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پاڪستان جتي ڪهڙا حڪمران ٿاڦجي ويا آهن، پاڪستان جي نقشي ۾ والاريل ڪشمير هميشه کان شامل رهيو آهي. اسڪول ۾ جاگرافي جي ڪلاس ۾ هميشه والاريل ڪشمير سان پاڪستان جو نقشو ٺاهيو ويندو هو. ڪجهه ڪرڻ جي قابل نه آهن، نقشن جو ناٽڪ، روڊن جي نالي جو ناٽڪ، ڪجهه ڪرڻو اٿو ته اسلامي سربراهي اجلاس سڏايو. 5 اگسٽ بليڪ ڊي ۾ ڀارت پاران ڪشمير کي پنهنجو حصو بڻائڻ واري واقعي کي سال گذرڻ تي ڀارت جي ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي وائکو ڪيو ويو. اينڊ ايجوڪيشنل لاڪ ڊائون ٽرينڊ ۾ مير ڪيريو، سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل، اسد کوسو، هيمون ڪالاڻي، نتاليا خان، علي محمد خاصخيلي، سماويه راشدي، مشي، علي ثقلين، عامر لطيفسٽ، سيام فراش، شائسته سنڌي، ڊاڪٽر اياز پرهياڙ، ندا علي، ماروي ميمڻ، عقيل جان ۽ 22 هزار 500 کان وڌيڪ ٽوئيٽس ڪيون ۽ اسڪول کولڻ جو مطالبو ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *