تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ

سنڌ مان کنڀيل ماڻهو آزاد ڪريو: سنڌ جا استاد مستقل ڪريو
عيد جي موڪلن ۾ به سنڌ جا ماڻهو سوشل ميڊيا تي ڇانيل رهيا، سنڌ جي سڀ کان وڏي مسئلي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ عيد جي ٻئي ڏينهن ٽوئٽر تي ٽرينڊ هلايو ويو. جڏهن ته ڪالهه استادن کي مستقل ڪرڻ لاءِ ٽرينڊ هليو. ڪالهه هيش ٽيگ آءِ ايم آءِ ايس پي آر، ايس اي پي ايم، صاف پنجاب شڪريه بزدار، بيت السلام ويلفيئر ٽرسٽ، حمزه علي عباسي، شاداب، نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيولرائيز سنڌ ٽيچرز، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ مصباح ٽاپ ٽين ٽرينڊ رهيا.
کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ هيش ٽيگ رليز آل مسنگ پرسنز سان ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ لکين ماڻهن ٽوئيٽس ڪري کنڀي گم ڪيل، عاقب چانڊيو ۽ ٻين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ۽ هنن عيد جي رات آزاد ڪيل قومي ڪارڪنن کي به مبارڪون ڏنيون. ذوالفقار خاصخيلي، جمعو حوالي، اصغر بلوچ، ماهين بلوچ، مير اويس، فدا حسين، ايڊووڪيٽ مجيب حفيظ الله پنهور، عبدالقيوم، ظفر سهتو، چيتن مور، در بيبي، احتشام افغان، ڪرشنا ڪي شرما، مير سليم مير، ايم عثمان، غلام حسين، سيد اسد نقوي، مهراڻ ميمڻ، روي شرما، ميرمرتضيٰ زنگيجو، گوهر بلوچ، امتياز بروهي، شازيه چانڊيو، بلال احمد ۽ ٻين کنڀي گم ڪيلن جا فوٽو به ٽوئيٽ ڪيا ۽ انهن جي آزادي جو مطالبو پڻ ڪيو. جيئي سنڌ ٿنڪرز فورم ٽوئيٽ ڪيو ته شاهد جوڻيجو، حفيظ پيرزادو، عاقب چانڊيو، انصاف دايو، نواب مهر، شهزاد منگلو، بلوچ ۽ پستون کنڀيل ماڻهو ڪاٿي آهن. ريگيولرائيز سنڌ ٽيچرز ٽرينڊ ۾ سنڌ ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيل استادن کي پڪو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن کي به آفر آرڊر ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي. امير بخش پنهور، عرفان 1218 ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسان کي اجرڪ واري ماسڪ، نمبر پليٽ وارو لولي پاپ نه گهرجي، پر اسان کي سڌارا آڻي پنهنجي مسئلن جو حل گهرجي. حرا مهيسر چيوت ته اسان سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه ۽ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي هنن باصلاحيت نوجوانن کي مستقل نوڪريون ڏنيون وڃن، ڪاشف شفيق آرائين چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊماسترن ۽ استادن کي نوڪريون ڏئي سندن پريشانيون دور ڪيون وڃن. زاهد حسين چيو ته سنڌ يونيورسٽي، آءِ بي اي، اقرا ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. اعجاز علي سولنگي چيو ته ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل ڪيو وڃي. عبدالحفيظ گولو ٽوئيٽ ڪئي ته استادن جو قدر ڪريو ميرٽ جو قدر ڪريو استاد جي ڏنل تعليم جي ڪري ئي اڄ اوهان اسيمبلين جي ڪرسين ته ويٺل آھيو. اقرا يونيورسٽي ۔ سنڌ يونيورسٽي ۔ اين ٽي ايس استادن کي پڪو ڪريو. خدا ڏنو شاهه هي شعر شيئر ڪيو ته اسان جي نگري سندين ڇتين تي لُٽيل صُبح جا اداس پاڇا گلن جي موسم ڪليون نه آنديون بهار آندا پُٽن جا لاشا. سورٺ سنڌي سوال ڪيو ته گذريل ڏهن سالن کان استادن کي خالي رولايو پيو وڃي آخر ڇو؟ عاشق علي چنا ميرٽ جي لتاڙ بندڪريو، ميرٽ کي مان ڏيو. سنڌ يونيورسٽي پاس استادن کي ريگيولر ڪريو جو مطالبو ڪيو. حرا خان چيو ته اسان جي پياري نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي علم حاصل ڪيو ماءُ جي پيٽ کان قبر تائين احمد اوٺو راءِ ڏني ته هڪ تهذيب يافته معاشري ۾ قدرت کان پو۽ جيڪڏهن هن ڌرتي تي ڪنهن کي سزا ڏيڻ جو اختيار آهي ته اها قانون جي عدالت ئي آهي !اشفاق احمد چيو ته استاد ڀرتي ڀي توھان ڪيا آهن پڪا ڀي توھان ڪيو . سڄو ڪريڊٽ توھان جو .گلزار شر نعرو شيئر ڪيو ته اسان جي نسلن کي تعليم ڏيو… ٽهل ڪمار چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ظالمن جي حڪمراني ـ خدا خير ڪري ـ سنڌ جو شعور اسيمبلي جي گيٽ تي پھچي سگهي ٿو ته بلاول ھائوس به پري ناهي ـ نياز ٿهيم راءِ ڏني ته سنڌ اسيمبلي پاران پاس ڪيل استادن جي مستقلي جي بل تي عمل نه ڪرڻ مقدس ايوان جي توهين سمجهون ٿا۔ طالب سومرو چيو ته استاد هڪ قيمتي سرمايو آهي استاد کي مان ڏيو۔ سنيل ڪمار شعر ۾ اندر جي جذبن جو اظهار ڪيو ته هي ماڻهو، هي ماڳ، هتي منهنجو ساٿ آ، کٽي منهنجو ڀاڳ، لاري جھل ته لهي پوان. ضمير لاشاري چيو ته استادو اڄ جيئن پوري سنڌ اوهان سان گڏ آهي , ڪڏهن توهان به ائين سنڌ جي مسئلن تي گڏ ٿيو سنڌ سان محمد نواز لاشاري چيو ته سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استاد کي گذريل 10 سالن کان ريگيولر نه ڪيو ويو آهي ميرٽ جو قدر ڪريو اسان کي ريگيولر ڪريو قوم پرست اڳواڻ نواز خان زئونر چيو ته حڪمرانو! پنهنجو واعدو پورو ڪريو ۽ ميرٽ تي آيل استادن کي پڪو ڪريو. انعم ٽالپر هي شعر شيئر ڪيو ته اسان کان ضميرن جو سودو نه ٿيندو اوهان مان ڄَمي ڪو جوڌو نه ٿيندو چنيسر ڪڏهين بي دودو نه ٿيندو مگر عشق اسان جو ٻودو نه ٿيندو اوهان ته هر پاپيءَ جا جُوتا چَٽيا اسان پنهنجي پيرن تان ناهيون هَٽيا منير احمد لغاري چيو ته سڌريل قومون پنهنجي استادن جي عزت ڪنديون آهن ۽ سندن لاءِ آسانيون پيدا ڪنديون آهن ـ سڀني ميريٽوريس استادن کي فورن پڪو ڪريوـ. نور خان چيو ته استاد قوم جا سرمايو آهن سندن مستقلي واري جائز مطالبي کي مان ڏيندي ترت پوسٽنگ واري تاريخ کان پڪو ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي. واحد بخش رند لکيو ته جڏھن آڻڻ ۽ چاڙھڻ وارا جفاڪش ڪري ميرٽ تي استاد ڀرتي ٿيا تـ تونگر طبقي کي ڳالھ شايد ڏکي لڳي ۽ استادن کي ڪانٽريڪٽ جي سزا ڏني وئي ـ استاد کي عزت بخشيو ـ نور بلوچ چيو ته 3سال پگھار کڻڻ کانـپؤ سرڪاري ملازم پڪو ھوندو آھي. نثار چنا چيو ته ڪا حڪومت پنهنجي صوبي جي تعليم لاء ڪيتري سنجيده آهي انجو اندازو استادن جي مستقل بنيادن تي ڀرتي آهي. پنجاب کي پنهنجي صوبي جي ماڻهن جو اونهو هيو سو انهن استادن کي پڪو ڪري ڇڏيو , باقي سنڌ جو استاد ۽ آئيندو ڏھ ڏھ سال مهمو بڻيل آهن پروين ابراهيم چيو ته 10 سالن کان سنڌ جي ست ھزار استادن ڪي ڪنفرم ڪرڻ جي بجاءِ رلايو پيو وڃي جڏهن ته پنجاب حڪومت تمام ڪانٽريڪٽ تي آيل استادن کي ڪنفرم ڪري ڇڏيو.. جڏهن ته آفتاب وڌو پوسٽ ڪئي ته 7 آگسٽ کان سنڌ ۾ هيش ٽيگ سنڌ از ناٽ ڪالوني آءِ ڪي سان ٽرينڊ هلايو پيو وڃي ان ۾ ڀرپور حصو وروتو وڃي. هن لکيو ته سنڌ عمران خان جي ڪالوني نہ آهي. سنڌ تي ھميشہ وانگر ڪاھ ٿيندي رھندي آھي. جيتري تائين اوھان ھنن کي جواب نه ڏيندا. 07 آگسٽ ھن ٽرئيڊ ۾ حصو وٺو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *