تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عيد الاضحيٰ جي حوالي سان ٽرينڊ ڇانيل رهيا. هيش ٽيگ قرباني ڪي کالين الخدمت ڪو ديجئي ٽاپ ٽرينڊ رهيو جڏهن ته عيد مبارڪ، چڙيلز، ايس او پيز ٽو سسٽين سڪسيس، عيدالاضحيٰ، گلوبل يوٿ ايسوسيئيشن، سلام بني آزاد جمو ڪشمير، هيري پوٽر، نائيڪي ۽ افغان ٽاپ ٽرينڊ رهيا.
عيد مبارڪ ٽرينڊ ۾ 4 لک 16 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ڪري عيد الاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون ويون. جنهن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پنهنجي اڪائونٽ تان مسلمانن کي مبارڪباد ڏني. آمريڪي پرڏيهي وزارت به عيد مبارڪ جو پيغام ڏنو. ماڊل لولا عرفات، ڪرڪيٽر عماد وسيم، بنگلاديشي فوج جي فينز جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان به مبارڪون ڏنيون ويون. دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن پنهنجا عيد جا فوٽو شيئر ڪيا.
ان کانسواءِ رليز آل مسنگ پرسنز جي هيش ٽيگ سان به ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن ماڻهن جي آزادي لاءِ اڄ عيد ڏهاڙي ٿيندڙ بک هڙتال جي حمايت ڪئي وئي. ان ٽرينڊ ۾ اجمل خان بلوچ ڪوئيٽا ۾ هلندڙ احتجاج جي وڊيو به شيئر ڪئي ۽ کنڀيلن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. مهراڻ ميمڻ، شيرمحمد بگٽي، سيد احمد، ظهير بلوچ، بشام بلوچ، شاهه 99، دادشا بلوچ، جيئي سنڌ ٿنڪرس فورم، ايم جي بلوچ، اڪمل سليم، گهنشام داس، مخدوم بلاول، گل زمان جمالي، راشد بلوچ به گم ڪيلن جا فوٽو شيئر ڪيا جنهن ۾ سنڌ مان کنڀيلن جون تصويرون به شامل هيون. اميرڀنڀرو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته انساني حقن جي علمبردار سنڌ ڄائي انسان دوست محترم بصير نويد پاران سڀاڻ مسينگ پرسنن جي آزادي لا۽ ٿيندڙٽوئٽر ٽرينڊ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، اسين ان عمل تي سندس ٿورائتا آهيون. هن ٻين ماڻهن کي به اڄ ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *