تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ

حج مبارڪ ۽ راڻيپور کي لائبريري گھرجي
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪالهه حج بابت ٽاپ ٽرينڊ رهيا. جڏهن ته پشاور جي عدالت ۾ جوابدار جي قتل جي باري ۾ به ٽرينڊ هلايو ويو ۽ ڪرڪيٽر رميز راجا بابت به ٽرينڊ هليو. هيش ٽيگ حج مبارڪ، الحج، غازي خالف تيري جرات ڪو سلام، حج 2020ع، هيپي فرينڊشپ، دي اسپرٽ آف ڪي پي، عزم نو، عرفات، امه ۽ رميز راجا ٽاپ ٽين ٽرينڊ رهيا.
حج مبارڪ ٽرينڊ ۾ 30 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ڪيون ويون. ٽرينڊ ۾ هڪ رات اڳ جون وڊيو به شيئر ڪيون ويون جن ۾ منيٰ ۾ برسات وسندي ڏسي سگهجي ٿي. جڏهن ته حج پانڌيئڙن جي آمد، ڪعبته الله ۾ طواف ۽ 6 فوٽ فاصلي تي رهي طواف ڪرڻ جا فوٽو به شيئر ڪيا ويا. جن ۾ عورتون پهرين صف ۾ طواف ڪندي ڏس سگهجن ٿيون. ڪيترن ئي ماڻهن اسلام ۾ عورت جي مقام بابت ٻڌايو ته اسلام ۾ عورت کي مرد جي برابر نه پر مرد کان وڌيڪ حق مليل آهن. اها به دعا ڪئي ته ايندڙ سال الله تعاليٰ اسان کي حج ڪرڻ جو موقعو عنايت ڪري. الحج ٽرينڊ ۾ هڪ لک 30 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ڪيون ويون. جنهن ۾ هڪ اهڙي وڊيو به حرم شريف جي شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ حرم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پانڌيئڙن کي داخل ٿيندي ڏيکاريون ويو جنهن ۾ گيٽ تي سينيٽائزر رکيل نظر اچي رهيا آهن. منيٰ ۾ به تنبوئن جو شهر آباه هو جڏهن ته آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا. ماڻهو ماسڪ پهري حج جي ادائگي لاءِ آيا. جبل الرحمته جا فوٽيج به شيئر ڪيا ويا. جڏهن ته ڪعبته الله جو غلاف تبديل ڪرڻ جا فوٽو به شيئر ڪيا ويا.
دي اسپرٽ آف ڪي پي ٽرينڊ ۾ خيبرپختون خوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ڪي پي ۾ ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ 30 هزار تعليمي ڪارڪن ڀرتي ڪيا ويندا جنهن سان ڪي پي حڪومت تي 7 ارب 40 ڪروڙ رپين جو بار پوندو ۽ اهي عارضي نوڪريون هونديون. ٽوئيٽس ڪندڙن ۾ اڪثريت تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي هئي.
هيپي فرينڊشپ ٽرينڊ ۾ اڪثر ٽوئيٽس پرڏيهين جون هيون. مجموعي طور تي هڪ لک 57 هزار ٽوئيٽس ڪيون ويون. نوجوانن پنهنجي دوستن جون تصويرون شيئر ڪندي ساڻن پيار جو اظهار ڪيو. خاص طور تي جاڙن دوستن جا فوٽو شيئر ڪيا ويا.
سنڌ جي نوجوانن مختلف شهرن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلايا آهن هڪڙو ٽرينڊ راڻيپور ۾ لائبريري کپي جي نالي سان به هلايو ويو جنهن ۾ عباس مهراڻي، طارق علي ميمڻ، عبدالمجيد، معظم مختيار، تازه گل خان، عون علي، فياض حسين جوڻيجو، ايشور داس، شعيب احمد، امير ڀنڀرو، ڪاشف، آفتاب شيخ، سماويه راشدي، ايم بي چانڊيو، فياض احمد، شاهزيب خاصخيلي، درس لطيف، ايم هارون بلوچ، جنيد اختر ڀٽو، بشير ميراڻي، سردار شير راجا ڀنڀرو، شهرام باجڪاڻي، بلاول زنگيجو،ياسر علي، شيراز ڏاهري ۽ ٻين ٽوئيٽس ڪري راڻيپور ۾ لائبريري قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. سندن چوڻ هو ته راڻيپور شھر جا ادارا پوري پاڪستان ۾ مـشـھور آھـن. انهيءَ ڪري انهن ۾ سڄي ملڪ جا ٻار پڙھڻ اچن ٿا اگر انهن وٽ ھاسٽل جو خرچ ناھي ته اھي ٻاھر ڪنهن ھوٽل يا جڳهه تي رھن ٿا اتي لائبرري نه ھجڻ جي ڪري اھي سڄي رات ڪنهن روڊ تي پڙھن ٿا خدارا انهن کي لائبريري ڏيو.. علي اصغر عباسي مطالبو ڪيو ته ماڻھن کي بهترين سرگرمين ۾ مشغول رکڻ لا۽ هر يونين ڪائونسل سطح تي لائبرري قائم ڪئي وڃي. عبدالصبور لکيو ته اسان جو عوام هيڪر بيدار ٿي ويو ته پوء هن کي ڪا به طاقت پنهنجي منزل تي پهچڻ کان روڪي نه سگهندي حق جي فتح ٿيڻي آهي . منصور چانڊيو مطالبو ڪيو ته دنيا جتي نيون ڪهڪشائون، ستارا، سياره، دريافت ڪري پئي، مريخ فتح ٿيڻ تي آهي. سنڌ جي عظيم تهذيب، جديد علمن، جديد نصاب ،جديد سائنس، جديد ٽيڪنالاجي سان نئين تهذيب ٿيندي. سنڌ جي شهرين کي لائبريريون ڏيو. شهرام باجڪاڻي چئو سٽو شيئر ڪيو ته ڪتابن جو قدر ڪر شاگرد ڪتابن کي تون پڙھ شاگرد ڪتابن کي نه ڇڏ اڪيلو ڪتابن سان گڏ رھ شاگرد هن اهو به لکيو ته راڻيپور شهر ۾ ڊگري ڪالج سچل جي پراڻي عمارت منجھ ميران شاھ لائبرري ٺاهڻ جي نالي تي ڪروڙين روپيه هڙپ ڪيا، وري ان کي ئي پارڪ ٺاهڻ جو ڊرامو ڪيو ويو جنهن تي پڻ سياسي ماڻهن پنهنجا کيسا ڀريا. ايشور داس جو چوڻ هو ته لائبريري سياسي،سماجي،ادبي ۽ نصابي ڪتابن جو مجموعو آھي جنھن سان سنڌ جو شعور فيضياب ٿئي ٿو. آ حق اسان جو لائبريري شعيب احمد لکيو ته ھاري جي ٻار جي ھٿ ۾ قلم وڏيرڪي نظام لاء ھٿيار کان بـ وڌيڪ خطرناڪ آھي. ايم بي چانڊيو جو چوڻ هو ته حقن جي محرومي کان حقن کان لاعلمي وڌيڪ خطرناڪ هوندي ڇو ته محرومي هڪ ڏينهن انقلاب آڻيندي آ ۽ لاعلمي قوم کي تاريخ ۾ دفن ڪري ڇڏيندي آ . ٽوئيٽر تي هڪ ٻيو ٽرينڊ به هلايو ويو جنهن جو عنوان هو عاصم باجوه مني ٽريل دو. ان ۾ پي ٽي ايم جي ايم اين اي علي وزير، ڪيپٽن (ر) عمران خان نيازي، بلڊي سويلين، ذيشان ظفر، محمد طيب، تسليما جان، ملڪ زوهيب اعوان، سينئر صحافي مطيع الله جان ۽ ٻين به ان جي حمايت ڪئي. پب جي گيم تي پابندي جي مخالفت ڪندڙ ريئلٽي شو اينڪر وقار ذڪا جا ٿورا مڃڻ لاءِ به هڪ ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ وقار ذڪا زنده باد جا نعره هنيا ويا. ٻئي ٽرينڊ ۾ عمران خان کان پب جي گيم لاءِ آواز اٿارڻ جو مطالبو ڪيو ويو. عمران خان پبجي ڪي لئي بولو ٽرينڊ ۾ عثمان، وقار سحر، حسيب شاهد، اي آر خان ۽ ٻين ٽوئيٽس ڪيون.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *