تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ

تبديلي ناهي- تباهي آهي
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪالهه پي ايم عمران خان، تبديلي نهين تباهي هي، ڪي اليڪٽرڪ، ڪووڊ 19، ميڪ پاڪستان اسٽرانگ اگين، فاطمه جناح، اسڪول ري اوپننگ، نيشنل اسيمبلي، سيو اولڊ سکر هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل رهيا.

پراڻو سکر بچايو !

سکر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ٽوئيٽر تي سيو اولڊ سکر هيش ٽيگ ٽرينڊ شروع ڪيو ويو ۽ آچر ڏهاڙي ان حوالي سان ٽوئيٽر تي ڀرپور مهم هلائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ سنڌو نواز گهانگهرو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته پراڻي سکر جو حال اھو آھي جو ماڻھو پنڌ به نه گھمي سگھي، روڊ رستا تباهه ٿيل آهن، رستن تي گندو پاڻي بيٺل آهي، امجد مير لکيو ته پراڻي سکر ۾ بنيادي انفرااسٽرڪچر ناهي، ان جو ذميوار ڪير آهي..؟ ڇا سکر ۾ عوام لاءِ آزار وفاق وارن ڪيو آهي؟، ڇا سکر جي ماڻهن کي گهرن ۾ گندو پاڻي وفاق وارا فراهم ڪري رهياآهن؟، ڇا صفائي جو ناقص ترين نظام به وفاق جي ڪري ٿيو آهي؟ ڇا سکر وارا پراڻي سکر جي تباهي لاءِ وفاق کي ذميوار سمجهن؟، شهباز خان لکيو ته رڳو سکر نه پر سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اهڙو حشر آهي، روڊ رستا تباهه آهن، گندگي آهي. مختيار عباسي چيو ته اسان کي پنهنجي شهرن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، هي سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي جتي اهڙي حالت ٿي وئي آهي. حڪيم زنگيجو لکيو ته هي پراڻي سکر جو حشر ڪيو ويو آهي، سالن کان اها ئي صورتحال آهي، ماڻهو پنڌ به نٿو گهمي سگهي، رهواسي مصيبت ۾ آهن. فهد قاضي لکيو ته سکر جي اهڙي حالت ته ڪو دشمن به نه ڪندو، هتي ڪيتريون ئي فيڪٽريون ۽ ملز آهن پر سکر جو ميئر عوام کي سهولتون ناهي ڏئي سگهيو.

This entry was posted in Suggestion. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *