تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ … موهن جو دڙو ڪراچي کان بهترين شهر هو

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪالهه مختلف ٽرينڊ هلايا ويا، جنهن ۾ بلوچ رجيڪٽ بي ايل اي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، تبديلي سرڪار سو رهي هي، حجاب پريس ڪانفرنس 2020، مسلمان مسلمان ڀائي ڀائي، بلاول هائوس ڪراچي، سنٿيا، ايشيا، ممجون، سيفي شامل آهن. جڏهن ته هڪ ٻيو ٽرينڊ به هلايو ويو جنهن جو نالو هيش ٽيگ ميڪ ڪراچي موهن جو دڙو هو.
ميڪ ڪراچي موهن جو دڙو ٽرينڊ ۾ سنڌ حڪومت جي برساتن بعد کنيل قدمن تي تنقيد ڪئي وئي ۽ سنڌ حڪومت جي 10 سالن جي ڪارڪردگي تي ڇوهه ڇنڊيا ويا. هن ٽرينڊ ۾ تحريڪ انصاف جي حامين ٽوئيٽس ڪيون ۽ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي. جڏهن ته هي ٽرينڊ اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ کانپوءِ هلايو ويو آهي جنهن ۾ هڪ پلي ڪارڊ تي لکيل هو ته ڪراچي کي موهن جو دڙو بڻائڻ وارئو ڪجهه شرم ڪجهه حيا؟؟ ان جي جواب ۾ ذيشان علي جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو تهذيب جو اهڃاڻ آهي. موهن جو دڙو سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ قديم آثارن جي سائيٽ آهي جتي جو ڊرينيج نظام هن وقت به موجوده ڪراچي جي نظام کان بهتر آهي. شجاعت جتوئي چيو ته ڪراچي سيمينٽ جي عمارتن جو جهنگ آهي جتي نه ته ٿيٽر آهن نه پارڪ آهن نه پاڻي جي نيڪال جا رستا آهن. نه ئي ڪا وندر جي جاءِ آهي منهنجي خواهش آهي ته شهر جي منصوبابندي موهن جو دڙو جيئن ڪئي وئي هجي ها. مجاهد حسين سيد چيو ته موهن جو دڙو ڪراچي کان وڌيڪ تهذيب يافتا هو حيرت آهي ته اتي جو نيڪال نظام 4 هزار قبل مسيح جيان اڄ به ڪم ڪري رهيو آهي. ڊيڊ پول سنڌي جو چوڻ هو ته ڪراچي کي موهن جو دڙو بڻائڻ جو مقصد اهو نه آهي ته ان کي جيئن اڄ موهن جو دڙو کنڊر آهي تيئن بڻايو پر ان جو مطلب آهي ته ان موهن جو دڙو جيان بڻايو جيئن اهو هزارين سال اڳ دنيا جو سڀ کان بهترين شهر هو. حڪمرانو جواب دو چيو ته ڪراچي موهن جو دڙو جي ڀيڻ آهي. شنڊو منڊو زنده باد چيو ته ڪراچي اسان جي دور جو موهن جو دڙو آهي. عمران مجيب صديقي چيو ته ڇا توهان کي اڃا اميد آهي ته هي حڪومت ڪراچي لاءِ ڪجهه ڪندي؟ سحر بڪڪ چيو ته موهن جو دڙو جي کوٽائي ۾ اتان هڪ به هٿيار نه مليو آهي ان جي بدران آرٽ، هنر، ثقافت، علم، تهذيب جون نشانيون نڪتيون آهن. ڪاش اسان جا حڪمران پاڪستان کي به موهن جو دڙو جي طرز تي هلائين ته ملڪ جا اڪثر مسئلا حل ٿي وڃن. سينئر صحافي زرار کهڙو چيوته موهن جو دڙو جو ڊرينيج سسٽم تمام گهڻو بهترين آهي. جڏهن ته خالد حسين چيو ته کل ٿي اچي هن پلي ڪارڊ تي. هي لفظ هڪ عظيم تهذيب موهن جو دڙو تي ٺٺولي آهن. موهن جو دڙو تمام گهڻو جديد شهر هو، جتي گندي پاڻي جي نيڪال جو بهترين انتظام هو، اتي جا ماڻهو سلجهيل هئا اتي جي تهذيب شاهوڪار هئي اها ڊي ايچ اي کان وڌيڪ سٺي هئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *