تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ … سنڌ ڪنهن جي ڪالوني ناهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪالهه مختلف معاملن تي ٽرينڊز هلندا رهيا، جن ۾ حجاب حفاظت رحمت، ساجد گوندل کي آزاد ڪريو، سنڌ ڪنهن جي ڪالوني ناهي، اپوزيشن ايف اي ٽي ايف معاملي تي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، پي ايم عمران خان، ملير هيش ٽيگ ٽاپ ٽين ٽرينڊز ۾ شامل رهيا.
سنڌ ڪنهن جي ڪالوني ناهي هيش ٽيگ ٽرينڊ ۾ عروسه کٽي لکيو ته سمورا صوبا برابر آهن، ملڪي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت کي صوبن سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان کي ڪراچي جي معاملي تي سياست ڪرڻ بدران ڪي پي ڪي ۾ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي جتي ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي آهي، جاويد چنا لکيو ته اسان ساهه جي آخري گهڙي تائين سنڌ جي حقن لاءِ وڙهنداسين. بلاول زنگيجو لکيو ته ڪير به سنڌ کي ورهائي نٿو سگهي، سنڌي مهذب قوم هئي، آهي ۽ رهندي، سنڌي پرامن ۽ مهذب آهن. ايڊووڪيٽ مجيب حفيظ الله پنهور لکيو ته سڌ سنڌين جي ڌرتي آهي اها ڪنهن جي ڪالوني نه آهي، اسان سنڌي پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪريون ٿا. منظور علي لکيو ته سنڌ ان وقت به هئي جڏهن اوهان نه هئا، واجد جاگيراڻي لکيو ته اسان پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا. صدام لکيو ته ڪراچي ۾ 1913ع ۾ ان وقت جي ميئرز مان هڪ ميئر هريچند راءِ بجلي متعارف ڪرائي هئي اهو سنڌي هندو هو، ان ڪري اڄ به ڪراچي کي روشنين جو شهر چيو ويندو آهي پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 1920ع ۾ به آمريڪا ۾ بجلي عام نه هئي. غلام رسول راهمون لکيو ته سنڌ قديم تهذيب رکندڙ آهي هتي موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي، گورک هل، ساڌ ٻيلو، ننگرپار ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سياحتي جايون ۽ قديم ماڳ آهن. انعم ٽالپر ڏاند گاڏي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي خوبصورتي ۽ ساوڪ، هي سنڌ جي خوبصورت تصوير آهي.اعجاز قريشي لکيو ته اسان سنڌ سان پيار ڪريون ٿا، سنڌ ورهائڻ واري سازشن کي برداشت نه ڪيو ويندو، مرتضيٰ ٽالپر لکيو ته اسان کي سنڌ ڌرتي سان محبت آهي، مصري مسڪين لکيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ سان ملڪ جو نقصان ٿيندو.حضور بخش چنا لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، سنڌ هڪ آهي، اندروني سنڌ چوڻ وارو اصطلاح بند ڪيو وڃي، محمد اڪرم لکيو ته سنڌ ملڪ کي 74 سيڪڙو روينيو ڏئي ٿي پر موٽ ۾ سنڌ کي صرف 23 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي ٿو، ويتر وڌيڪ وسيلا کسڻ چاهين ٿا؟ عبيدالله بلوچ لکيو ته سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي ان کي ڪالوني بڻائڻ نه ڏينداسين. ڪائنات هاليپوٽو لکيو ته سنڌ ڪنهن بيڪري جو ڪيڪ ناهي جو ان کي ڪنهن به وقت ڪٽيو وڃي، سنڌ سنڌين جي ڌرتي آهي ۽ ڪراچي سنڌ جو گادي وارو شهر آهي، عاجز جمالي لکيو ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ هزارين سالن کان ڪراچي سنڌ جو حصو آهي. حڪيم زنگيجو لکيو ته سنڌ رت جيان آهي جيڪا اسان جي رڳن ۾ وهي ٿي، افتخار قريشي لکيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي. خليل احمد لکيو ته پيپلزپارٽي جي بدحڪمراني جي ڪري سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هن قسم جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن جو اڄ هي ٽرينڊ هلي رهيو آهي.مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته اڄ هر سنڌي جو هڪ ئي آواز آهي ته سنڌ ڪنهن جي ڪالوني نه آهي. نور احمد ڪاتيار لکيو ته پ پ جي حڪمرانن سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي لٽيو آهي، کربين رپين جي بجيٽ باوجود سم نالن شاخن واهن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري گهارا لڳڻ سبب هزارين ماڻهو بي گهر آهن. اقصيٰ جمالي لکيو ته دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ وٽ سنڌ وطن جهڙي خوبصورت ثقافت نه آهي، سنڌ ئي ثقافتن جي ماءُ آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *