تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ … برساتن ۾ وفاقي حڪومت سنڌ ۽ سنڌين کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي!

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ته برساتن بعد رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به پاڻي جي ڪري انتظاميا جي نااهلي سامهون اچي وئي اهي جنهن ڪري سوشل ميڊيا تي حڪومت ۽ انتظاميا مخالف پوسٽون شيئر ٿينديون رهيون آهن. ڪالهه جمن ڄامڙو به هڪ پوسٽ ڪئي ته سنڌيو گواھ رهجو جڏهن اوهان کي قدرتي آفت برسات جي روپ ۾ گهيريوته هن ملڪ جي صدر، وزيراعظم، گورنر سميت پوري وفاق سنڌ ۽ سنڌين کان لاتعلقي جواظهار ڪيو، ڄڻ سنڌي هن ملڪ جا شهري نه هجن ۽ سنڌ پاڪستان جو حصو ئي نه هجي، هنن کي سنڌين سان ڪا به همدردي ناهي هنن کي صرف ئي صرف سنڌ جا وسيلا گهرجن. فيس بڪ تي عبدالرحمان چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ تعلقه سنڌڙي ٽائون هڱورنو تگوسر يوسي سامارو، سبزل اسٽاپ لال شاخ ڳوٺ عبدالمجيد نقرچ، ڳوٺ نورالله نقرچ، ڳوٺ گل بيگ سراڙي نقرچ ۽ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن برساتي ٻوڏ سبب گهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، پاڻي پيئڻ جا تلاء خراب ٿي ويا آهن ڳوٺاڻن کي وڏيون تڪليفون آهن ۽ لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هن لکيو ته اسان وٽ هن مهل تائين ڪير به لڙي نه آيو آهي اسان وس وارن کي اپيل ٿاڪريون ته هيڏانهن به نظر ڪن ايم اين اي . ايم پي اي ۽ جيڪي به آفيسر آهن انهن کي اپيل آهي. هن علائقي ۾ آيل برساتي ٻوڏ جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون. خالد ميمڻ پڻ ڦل شهر جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته تازين برساتن يوسي ڦل، يوسي ڏگيجا، يوسي ويسر، يوسي خيرواه سميت ضلع انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي ضلعي جو عوام برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب سخت پريشان آهي ۽ وٽن ڪو به لڙي نه آيو آهي. بيٺل پاڻي جي ڪري گهرن جون جڳهيون ڪرڻ معمول بڻيل آهي مڇرن جي ڀرمار آهي ۽ گندگي سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ڦل شھر جي مختلف پاڙن غريب آباد محلا، پراڻو نار، پهنور محلا ۾ ماڻھن گندي پاڻي جي نيڪال وارن نالين کي پنهنجي گهر اڳيان بند ڏئي بند ڪري ڇڏيو آهي. ناليون بند ڪندڙن جو چوڻ آھي ته اسان جي گهرن اڳيان نالين جو گندو پاڻي اوورفلو ڪري گهر ۾ اچي بيهي ٿو. هڪ ٻئي نالي بند ڪندڙ جو چوڻ هيو ته منهنجي زمين ۾ سڄي شھر جو پاڻي ڇوڙ ڪري ٿو جنهن سبب منهنجو بيٺل لکين رپين جو فصل مڪمل تباهه ٿي ويو آھي انڪري مان پاڻي پنهنجي زمين ۾ ڇوڙ ڪرڻ نه ڏيندس. ٻئي پاسي علائقي جي ٻين ماڻھن جو چوڻ آھي ته هي سڄو ڪم يوسي ڦل جي انتظاميه جو آھي پر افسوس يوسي ڦل جي انتظاميه اگهور ننڊ پيل آھي ۽ اگر انهن ڪو قدم نه کنيو ته ماڻھو پاڻ ۾ وڙهي پوندا ۽ خونريزي جو پڻ خطرو آھي ۽ اگر ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو ٿيو ته ان جي ذميوار يوسي ڦل انتظاميه هوندي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *