تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٽائيم ڊاليشن ڇا آهي؟ ڇا مستقبل جو سفر ڪري سگهجي ٿو؟ … شهريار رحمان کوسو

ڪڏهن ڪنهن اهو سوچيو آهي ته ماڻهو هڪ سواري تي سوار ٿين ۽ هڪ ڏينهن جي سفر کانپوءِ جڏهن سواري کان ٻاهر نڪرن ته ڪئي هفتا گذري چڪا هجن مطلب انهن سواري اندر محض هڪ ڏينهن جو سفر ڪيو هجي ۽ ٻاهر دنيا ۾ ڪئي هفتا گذري چڪا هجن يعني سواري جي اندر جو وقت ٻاهر واري دنيا کان گهڻو گهٽ ٿي وڃي، يا خلائي سير ڪرڻ لاءِ وڃجي ۽ ڪجھه مهينن جو سفر ڪري جڏهن ڌرتي ڏانهن واپس اچجي ته ڌرتي تي صديون گذري چڪيون هجن ان قسم جي ڳالهھ ڪرڻ وقت اهو يقينن ٻڌڻ ۾ ائين لڳي ٿو جئين اڪثر ناولن ۽ فلمن ۾ ٿيندو آهي جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويندو آهي ته ٽائيم مشين نالي هڪ مشين آهي جيڪا توهان کي مستقبل ڏانهن وٺي ويندي بهرحال! اصل ۽ حقيقي زندگي ۾ ائين ٿيڻ ناممڪن ناهي پر ممڪن آهي. ٽائيم ڊاليشن جو تعلق مشهور سائنسدان آئينسٽائين جي “ ٿيوري آف ريليٽويٽي” سان آهي آئينسٽائين جي ٿيوري کان اڳ اهو سمجهيو ويندو هو ته سڄي ڪائنات ۾ وقت هڪ جهڙو آهي پر آئينسٽائين پنهنجي ٿيوري سان اهو ثابت ڪيو ته ڪائنات ۾ وقت الڳ الڳ قسم جو آهي آئينسٽائين جي ٿيوري کي اڄ جي سائنسدانن به تجربن ڪرڻ ۽ جاچڻ کانپوءِ صحيح قرار ڏنو آهي ان کان علاوه سائنس جي شاخ فزڪس ۾ اها شيءَ ثابت ٿي وئي آهي ته ٽائيم ڊاليشن هڪ حقيقت آهي، وقت جو هڪڙي گهڙيال ۾ تيز ٿيڻ ۽ ٻي گهڙيال ۾ آهسته ٿي وڃڻ جو تعلق رفتار سان به آهي ۽ ماس سان به آهي ماس جيترو وڏو هوندو اوترو وقت ۽ ان ۾ فرق پيدا ٿيندو. مصر جا قديم احرام جن جو ماس گهڻو وڏو آهي تنهنڪري اتان جي وقت ۽ زمين جي وقت ۾ ڪجهھ سيڪنڊن جو فرق رڪارڊ ڪيو ويو آهي مصر جي احرامن وٽ وقت ڪجهه سيڪنڊ آهستي آهي نسبتن دنيا جي عام وقت جي.
آئينسٽائين جي مطابق جيڪو گهڙيال هلندڙ هوندو يا تيز رفتار سواري تي هوندو ان جو وقت ديوار تي لڳل گهڙيال کان ڪجهه سيڪنڊ آهستي ٿيندو ويندو، جيڪي خلاباز خلا ۾ اسپيس اسٽيشن تي رهندا آهن انهن اهو تجربو ڪيو آهي ته اسٽيشن ۾ ۽ ڌرتي جي وقت ۾ ۽ اسٽيشن ۾ هر سال ڪجهھ سيڪنڊن جو فرق پيدا ٿيندو آهي جنهن ۾ خلا اسٽيشن جو وقت زمين جي وقت کان ڪجهه سيڪنڊ آهستي ٿي ويندو آهي، هتي هڪڙي ڳالهھ سمجهڻ کپي ته اهو محض گهڙين جو فرق نه هوندو آهي پر انساني جسمن ۽ زندگين تي به فرق پوندو آهي مثال طور هتي جيڪر سيڪنڊن جي بجاءِ ڪلاڪ يا ڏينهن جو فرق پيدا ٿئي ته ٻه شخص هجن انهن ٻنهي شيو ڪئي هجي ان مان هڪڙو هليو وڃي خلا اسٽيشن تي يا ڪنهن اهڙي سواري تي سوار ٿئي جنهن جي رفتار گهڻي تيز هجي اهو شخص محض هڪ ڏينهن سفر ڪندو ۽ جڏهن موٽي ان شخص سان ملندو جنهن ان سان گڏجي شيو ڪئي هئي ته ان جي شيو وڌيڪ وڌيل هوندي ڇو ته جيڪو شخص سفر ڪرڻ ويو هو ان جو وقت آهستي ٿي ويو هو جڏهن ته ان جا سفر ۾ گذاريل 24 ڪلاڪ ڌرتي جا ڪئي ڏينهن ٿي ويا ٽائيم ڊاليشن جو تعلق زمين ۽ خلا ۾ موجود ڪشش سان به آهي مشاهدو ڪيو ويو آهي ته جنهن شي جو ماس گهٽ هوندو انهن جو وقت وڏي ماس واري شين کان آهسته هوندو خلا ۾ ڪي اهڙا سيارا ۽ زمينون آهن جن جو وقت زمين جي نسبت آهسته آهي جيڪر ڪو انسان اهڙي سواري تي وڃي جيڪا روشني جي رفتار جيتري رفتار سان سفر ڪري ته انسان جو محض ڪجهھ هفتن جو سفر زمين جي ڪئي صدين برابر هوندو جڏهن اهي سفر ڪري زمين ڏانهن موٽي ايندا ته زمين تي ڪئي صديون گذري چڪيون هونديون. ان تي هڪڙي انگريزي فلم به ٺاهي وئي هئي انٽرسيٽلر نالي سان. لفظ انٽرسيٽلر جي معني آهي اها شي جيڪا ٻي ڪنهن گليڪسي يا ٻي ڪنهن سياري مان هجي. ان فلم ۾ آمريڪي خلائي ادارو ناسا اهڙو سيارو ڳولڻ لاءِ منصوبو ٺاهيندو آهي جنهن ۾ مستقبل ۾ انسانن کي اوڏانهن شفٽ ڪري سگهجي ڇو ته زمين جو وجود مسقبل ۾ خطري ۾ هوندو آهي ۽ زمين جو ماحول زندگي لاءِ آهسته آهسته خراب ٿيندو ويندو آهي تنهن ڪري ناسا خلا ۾ ڪجھه ماڻهن جي ٽيم ٺاهي خلا ڏانهن موڪليندي آهي جئين انسانن لاءِ نئون سيارو ڳولي سگهجي انهن کي بليڪ هول جي ويجهو هڪڙو سيارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي جيڪو انهن جي خيال ۾ انسانن لاءِ مناسب آهي، بليڪ هول ڪائنات ۾ سائنسدانن لاءِ هڪ پر اسرار شي آهي اهو هڪ وڏي ڪاري سوراخ وانگر هوندو آهي هن بابت اهو چيو ويندو آهي ته ان ۾ ڪشش يعني گريويٽي ايتري وڌيڪ هوندي آهي جو ان جي ويجهو جيڪي به سيارا يا زمينون هونديون انهن جو وقت انسانن جي ڌرتي کان آهسته هوندو . انهن فلم ۾ به اهو ئي ڏيکاريو آهي ته جڏهن هو بليڪ هول جي ويجهي واري سياري ڏانهن ويندا آهن ته اتان جو هڪ ڪلاڪ زمين جي ستن سالن جي برابر هوندو آهي.
انسان جي خلا بابت تحقيق جاري آهي يقينن هڪ ڏينهن اهي اهڙيون سواريون ۽ ڪپڙا تيار ڪندا جئين اهي بليڪ هولز ۽ وارم هولز کان ڪراس ٿي سگهن ۽ ڪائنات ۾ موجود رازن کي سمجهي سگهن، اسان جي ڌرتي جي ويجهي ۾ ويجهي بليڪ هول جو مفاصلو 1000 روشني سال آهي مطلب 1000 سال روشني سفر ڪري پوءِ بليڪ هول تائين پڄندي، جيڪر انسان وٽ راڪيٽ هجي ۽ هو روشني جيتري رفتار سان سفر ڪري ته ان کي به بليڪ هول تي پهچڻ تائين 1000 سال لڳي ويندا باقي وارم هولز بابت في الحال مشاهدا ئي آهن، ياد رهي تا روشني 1 لک 86 هزار ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪندي آهي ۽ سج کان ڌرتي تائين جيڪا روشني پڄندي آهي اها محض 8 منٽن جو وقت وٺندي آهي. اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا ان ۾ اسان هر شيءَ جي ماپڻ لاءِ الڳ الڳ اوزار استعمال ڪندا آهيون ائين ئي ڪائنات جي نظام کي سمجهڻ لاءِ سائنسدانن مختلف ذريعن جو تصور ڏنو آهي ڪائنات ۽ ان ۾ موجود وقت ۽ ٻين نظامن کي سمجهڻ ۾ جئين آساني ٿئي انهي ڪائناتي ماپ جي ذريعن کي ڊائمينشنز چيو ويو آهي آئنيسٽائين کان پهريون آئزڪ نيوٽن ۽ ٻين فلسفين مختلف ڊائمينشنز جي باري ۾ نظريا ڏنا اڄ به گهڻيون ئي ٿيوريون موجود آهن جنهن ۾ ڊائيمينشنز جا مختلف انگ اکر آهن .
آئنسٽائين جي ٿيوري آف ريليٽويٽي کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته مستقبل ۾ ڪجهھ به نئون دريافت ٿي سگهي ٿو آئينسٽائين جي ٿيوري آف ريليٽويٽي سان ئي اسان کي 4 ڊائمينشنز مليون ۽ ان کي ئي بنياد بڻائي اسٽنگ ٿيوري تي وڌيڪ ڪم ڪري سگهجي ٿو مطلب ته اڳتي انسان ڪائنات جي لڪيل ڊائمينشنز کي ڳولي سگهي ٿو بهرحال! آئينسٽائين ٿيوري آف ريليٽويٽي ۾ ٽائيم ڊاليشن بابت اهو تصور ڏنو ته جيڪر هڪڙو راڪيٽ روشني يا روشني جي اڌ اسپيڊ جيتري رفتار ۾ به سفر ڪندو ته راڪيٽ جي اندر ويٺل ماڻهو جو وقت زمين تي موجود ماڻهن کان آهسته ٿي ويندو پر گهڻي رفتار سان ان جو ماس وڌندو ويندو مثال طور ٻه هڪ جهڙا راڪيٽ هجن انهن مان هڪ راڪيٽ جڏهن روشني جي رفتار جو اڌ جيترو به سفر ڪندو ته ان جو ماس ٻي راڪيٽ کان وڌي ويندو جيتري رفتار وڌندي ويندي اوتري ماس ۽ وقت ۾ تبديلي ايندي ويندي گهڻي رفتار سان وقت آهسته ٿي ويندو. آئينسٽائين جي ٿيوري مطابق ڪائنات ۾ ڌرتي سميت ڪا به شي هڪ جاءِ تي نه مڪمل بيٺي آهي ۽ نه وري مڪمل متحرڪ آهي، آئينسٽائين جي پنهنجي ٿيوري ۾ ٻڌايو ته رفتار اسپيس ۽ وقت کي تبديل ڪري سگهي ٿي آئينسٽائين جي ٿيوري کي سمجهڻ ڏکيو آهي پر سائنسدانن ايٽمڪ گهڙين سان ۽ خلا ۾ سيٽلائٽن جي مدد سان وقت بابت تجربا ڪيا آهن انهن اهو نتيجو ڪڊيو آهي ته بلڪل آئينسٽائين جي ٿيوري صحيح هئي پر اهو فرق ڪجھه منٽن ۽ سيڪنڊن جو ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي اڄوڪي سائنسدانن کي وقت ۾ سيڪنڊن جو فرق ڏسڻ ۾ آيو آهي ان جي بنياد تي اهي ائين چون ٿا آئينسٽائين جي ٿيوري صحيح آهي. آئينسٽائين جي ٿيوري مڪمل تڏهن ڏسي سگهبي جڏهن انسان روشني يا روشني جي اڌ رفتار جيتري تيز هلندڙ سواري ٺاهي سگهندو، پر خلا ۾ ٿيل تجربي مان اهو ظاهر ٿيو آهي آئينسٽائين جي ٿيوري صحيح هئي جيڪر انسان روشني جيتري رفتار واري سواري تي سفر ڪندو ته ڪجهھ مهينن جي سفر کان جڏهن ڌرتي ڏانهن موٽي ايندو ته ڌرتي ۾ صديون گذري چڪيون هونديون جڏهن ته ان جي عمر مان محض ڪجهھ مهينا ئي گهٽ ٿيا هوندا، مطلب اڄ ڏينهن تائين ٿيندڙ سائنسي تجربن مان اهو يقين ٿي ويو آهي ته مستقبل جو سفر ڪرڻ ممڪن آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *