تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

ٻھراڙي جي اٻوجهه….فاطمه ناعوت (مصري شاعره ) سنڌيڪار: عرفان لُنڊ.

آئون روئڻھارڪي ٿي رهي آھيان
مان سچ ۾ روئي پوان ٿي
گهٽين ۾ هڪ ڇوڪري گهمندي آھي
جيڪا حساب ڪتاب ڪرڻ
۽ ڳڻڻ نٿي ڄاڻي
هر ويل کلندي رهندي آھي
جيڪا رستي ويندڙن جي مسڪراهٽ سان
پاڻ کي پراميد رکندي آھي
جيڪا نه ڀوڳ ڪرڻ ڄاڻي ٿي نه ئي رحم ڪرڻ
ٻلي جا ٻلونگڙا پڪڙي
سيني سان لڳائيندي آھي
ٻانهن کان وانجهيل گندي چولي سان
ها، ميري ۽ نامناسب قميض پاتل
۽ بي ترتيب الجهيل وارن سان
گهمندي ڦرندي نظر ايندي آھي
هن جي کيسي مان
مٽر جو هڪ داڻو
۽ سڪل ماني جو مٿيون تهه نڪري ٿو
هن جي ڏندن مسڪرائڻ وساري ڇڏيو آھي
هن جي ڪابه ماءُ ناهي
جنهن کي هوءَ ٻڌائي سگهي ته گرمي لڳي رهي آھي
سج تپي رهيو آھي
۽ ڇاڪاڻ ته
“باب الخلق” تي هڪ پوڙھي عورت
هن کي ٻڌايو هو ته
ڦد مان ڏند نڪرندو آھي
پر هوءَ سڪل ماني کان جند ڇڏائي ناهي سگهي
هوءَ پنهنجي ننهن کي ڏندن سان ڪرٽڻ
کان پرهيز ڪندي رهي
ايستائين ڏند نڪرڻ جي موسم وڃي چڪي هئي
هوءَ اڪيلي ۽ تنها آھي
هن جو ڪو خاندان ناهي
ڪابه ساهيڙي ناهي
۽ ماڻھو هن سان محبت نٿا ڪن
هو غلطين باوجود گيت ڳائي ٿي
هن جي وات مان لفظ به
صحيح معنيٰ ۾ اچارجي نٿا سگهن
کوهه وٽ هڪ شخص
هن کي هڪ ڇوڪري جي اميد ڏئي ويندو آھي
جيڪا سڪل ماني کائڻ جي ڪري مري وئي
هن جو ڪو خاندان ناهي
ماڻھو هن سان محبت ڇو نٿا ڪن ؟
آخرڪار هو روئڻ جو فيصلو ڪندي آھي
ٻھراڙي جي اٻوجهه ڇوڪري
اوهان جي ڪلهي تي مٿو رکي
روئڻ جي باري ۾ سوچيندي آھي
جڏھن هوءَ اوهان جي ڪلهي ٿي مٿو رکي
پنهنجي آڱرين کي نه ڳڻي سگهي
ته ان کي ڇڙٻ نه ڏجو
جڏھن پوهه سياري ۾
اڌورن ڪپڙن سان هو
ٿرٿر ڏڪي رهي هجي
ته اوهان هن جي
ٽنگن کي گھورڻ جي ڪوشش نه ڪجو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *