تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

ٻي عالمي جنگ … روشن داس

تاريخ نويس مطابق انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي، طويل ۽ خونريز ۽ تباهه ڪن ويڙهه ٻي عالمي جنگ هئي، جيڪا پهرين سيپٽمبر 1939ع تي پولينڊ تي جرمنيءَ جي حملي سان شروع ٿي ۽ 2 سيپٽمبر 1945ع تي وڃي ختم ٿي، جڏهن آخري محوري طاقت جاپان سرڪاري طرح پنهنجي شڪست تسليم ڪئي. ٻي عالمي جنگ هونئن ته جاپان جي چين ۾ مداخلت سان پهرين سيپٽمبر 1939ع کان اڳئي شروع ٿي چڪي هئي ۽ جرمني جي غير مشروط طور هٿيارن ڦٽا ڪرڻ سان يورپ ۾ 8 مئي 1945ع تي ختم ٿي هئي. هيءَ جنگ جزوي طرح 1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن ۾ ايشيا ۾ جاري هئي. ان کان سواءِ هيءَ جنگ آفريقا جي ڪن حصن ۽ آمريڪا جي ڀر وارن ملڪن ۾ به وڙهي پئي وئي. بعد ۾ هن جنگ دوران مختلف سمنڊن ۾ وڏين طاقتن جي بحري فوجن، جهازن ۽ آبدوزن سان تمام وڏيون ۽ خطرناڪ ويڙهون ٿيون هيون. هيءَ انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ويڙهه هئي، جنهن ۾ دنيا جا ذري گھٽ سڀئي ملڪ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح شامل ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ پراڻن آزمايل هٿيارن سان گڏ نوان خطرناڪ هٿيار به استعمال ٿيا ۽ آخر ۾ ته ايٽم بم به استعمال ٿيو، جيڪو آمريڪا جاپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو هو. ٻي عالمي جنگ جا بنياد پهرين عالمي جنگ جي خاتمي سان ئي پئجي چڪا هئا. اهو هن طرح ته پهرين عالمي جنگ (1914ع کان 1918ع) جي فاتح اتحادي طاقتن، شڪست کاڌل جرمنيءَ کان جيڪو صلح نامو ”ٽريٽي آف ورسائيليز زرو زبردستيءَ سان صحيح ڪرايو هو، تنهن ۾ جرمنيءَ کي نهايت ذلت وارا شرط قبول ڪرڻا پيا هئا. مثال طور، اتحادين جرمنيءَ جي ڪن خاص علائقن تي، جتي جرمنيءَ جا فولاد جا ڪارخانا ۽ هٿيارن ٺاهڻ جون فيڪٽريون هيون، قبضو ڪري پنهنجون فوجون ويهاري ڇڏيون. جرمنيءَ تي پنهنجي اندروني انتظام کان وڌيڪ فوج رکڻ تي بندش وجھي ڇڏي ۽ اتحادي طاقتن هٿيار ٺاهڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي ۽ خاص طور فرانس کي، جنهن تي جرمنيءَ جي حملي سان پهرين عالمي جنگ وڏي پئماني تي شروع ٿي هئي ۽ جنهن ۾ فرانس کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهتو هو. ان کي جنگي نقصانن جو معاوضو ڀري ڏيڻ به اتحادين جرمنيءَ کان قبول ڪرايو هو.
پهرين عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ جي شڪست سبب جرمنيءَ جي پراڻي بادشاهت کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي جمهوري نظام رائج ڪيو ويو ۽ جرمنيءَ کي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ يعني عوامي جمهوريه قرار ڏنو ويو، جيڪا شروعاتي ڪاميابي کانپوءِ ناڻي واڌ، مهانگائيءَ، بيروزگاري ۽ اقتصادي مسئلن ۽ جرمنيءَ جي سندس مخالف طاقتن هٿان قومي ڦر لٽ سبب سخت ڪمزور پئجي ويئي. ملڪ ۾ مختلف شدت پسند سياسي تحريڪون ۽ سياسي جماعتون پيدا ٿي پيون. جن مان هڪڙي ڪميونسٽ پارٽي هئي ۽ ٻي هئي ايڊولف هٽلر جي نازي پارٽي. هٽلر ۽ ان جي نازي پارٽيءَ جرمنيءَ جي ٻي عالمي جنگ ۾ شڪست کانپوءِ جي ذلت جو الزام هڪڙو اتحادي طاقتن طرفان جرمنيءَ کان زوري مڃايل ورسائيليز معاهدي ۽ ٻيو يهودين تي لڳايو. هٽلر جي نظر ۾  يهودين جو جرمنيءَ تي ايترو ته مضبوط اقتصادي ۽ مالي تسلط هو، جو جرمني پنهنجي دفاع جو پورو انتظام نه ڪري سگھي ۽ يهودي اندران جرمنيءَ سان ڪوڙا ۽ اتحادين سان سچا هئا
مسئلو هميشه لاءِ پنهنجين فوجن کي هٿيار، بارود، کاڌي، تيل ۽ ضروري شين جي سپلاءِ جو رهيو آهي ۽ ٻيو وڏي ۾ وڏي مسئلو روس جي خوفناڪ سردي هئي. جنهن ۾ روسين کان سواءِ ٻيا ٻاهران حملي آور نه ٿي وڙهي سگھيا. روسين ۽ سردي ٻنهي سان وڙهڻ مشڪل هو. جرمنيءَ سان به ائين ٿيو. جرمنيءَ جو پلان هو ته ايندڙ سردين کان اڳ ۾ روسين کي شڪست ڏني ويندي. ائين ٿيو ڪونه روسي پويان هٽندا ۽ ملڪ خالي ڪندا ويا ۽ پويان فصل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون به برباد ڪندا ويا. اهڙيءَ طرح جرمنيءَ کي دوبدو وڙهڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو، جو روسي فوجن کي ختم ڪري سگھي. ان کانپوءِ جرمن فوجون پيشقدمي ڪندي 5 ڊسمبر 1941ع تي ماسڪو کان 35 ميل پري پهچي بيهي رهيون، جو انهن جي سپلاءِ لائين ان کان وڌيڪ سلامت ڪانه هئي ۽ روسي گوريلا فوجون هر هنڌ انهن تي حملا ڪري رهيون هيون، جرمن ته ايتري روسي علائقي تي قبضو ڪري چڪو هو، جو روسي اهو 1944ع تائين جرمن فوجن کان مس خالي ڪرائي سگھيا هئا.هٽلر جي فوجين لينن گراڊ شهر (موجوده نالو پيٽرزبرگ) کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هٽلر حڪم ڪيو ته، ”هن شهر کي صفحه هستي تان مٽايو وڃي ۽ ان جي سڀني شهرين کي ماريو وڃي.“ هٽلر روسين کي انساني سطح کان گھٽ نسلن جا ماڻهو قرار ڏيندو هو، جن کي ماري تباهه ڪري ڇڏڻ ڪو ڏوهه ڪونه هو، هو جرمن قوم کي ئي انسان ذات جي اعليٰ قوم تصور ڪندو هو، هن جي خيال ۾ جنهن کي ئي دنيا تي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل هو،
هٽلر لينن گراڊ شهر کي گھيرو ڪري ويهي رهڻ جو حڪم ڏنو، جيئن هن شهر جي باشندن کي اڃيو ۽ بکيو ماري ختم ڪري ڇڏجي. ساڳئي وقت بمبار جهازن ۽ توپن جي گولي باري به شهرين تي جاري رهي. هن شهر جي گھيري جي نتيجي ۾ انهن جا ڏهه لک ماڻهو مري ويا. اهو گھيرو 900 ڏينهن جاري رهيو. 42-1941ع جو سيارو ڪاٽڻ بعد جرمن فوج ماسڪو تي حملي جو پروگرام بدلائي اسٽالن گراڊ شهر (موجوده نالو وولگو گراڊ) تي حملو ڪيو ۽ ان تي قبضو ڪيو، جنهن کان پوءِ اسٽالن گراڊ جي گھٽين ۾ جنگ شروع ٿي ويئي. هيءَ جنگ ايتري ته شديد ٿي وئي، جو شهر جي چؤڌاري موجود سڄي جرمن فوج کي شهر ۾ وڙهڻ لاءِ موڪليو ويو ۽ جرمنيءَ جي مددگارن رومانيه ۽ هنگريءَ جي فوجين کي شهر جي ٻاهران حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويو. روسين ڇا ڪيو، جو هن شهر تي جوابي حملو ڪري هنگري ۽ رومانيه جي ڪمزور فوجين کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ شهر ۾ موجود جرمن فوج کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. جرمن فوج جي ڇهين ۽ ستين ڊويزن جا لکين فوجي بنا مدد بنا سپلاءِ، بنا کاڌي ۽ بنا بارود جي شديد مصيبت ۾ اچي ويا. 1943ع جي شروعات ۾ باقي بچيل جرمن فوج شڪست قبول ڪندي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ تيستائين شديد ترين خوني جنگ ۾ جرمني ۽ روس جا ڪل 20 لک ماڻهو مارجي ويا. جن مان 5 لک شهري ۽ باقي ٻنهي ملڪن جا سپاهي هئا.هٽلر ضد ۾ اچي آخر تائين جرمن سپاهين کي جنگ جاري رکڻ لاءِ چيو، پر جرمن فوج جي سپهه سالار مجبور ٿي هٿيار ڦٽا ڪيا، جيتوڻيڪ هن کي ائين ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هٽلر هن کي جنرل مان فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي، جو اوستائين ڪنهن به جرمن فيلڊ مارشل ڪنهن دشمن اڳيان هٿيار نه ڦٽا ڪيا هئا. هن جنگ کانپوءِ جرمنيءَ جي فوج جو زور ٽٽي پيو ۽ روسي فوجن اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. تان جو اهي وڃي مئي 1945ع ۾ خود جرمنيءَ اندر برلن جي شهر تي پهتيون. ان کان اڳ 1945ع جي بهار ۾ جرمنيءَ ڪرسڪ جي هنڌ وٽ روسي فوجن تي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ٽينڪن وارو حملو ڪيو ۽ اتي دنيا جي ٽينڪن جي وڏي ۾ وڏي لڙائي ٿي. هزارين ٽينڪن ۽ لکين فوجن، ٻنهي پاسن کان جنگ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ به آخرڪار جرمنيءَ کي شڪست ۽ روس جي فتح ٿي. هن جنگ ۾ ٻنهي پاسي وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *