تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

ٻي عالمي جنگ دوران اڏيل سامونڊي قلعا

مانسيل سامونڊي قلعا ٿيمس ۽ ميرسي دريائن تي ٻي عالمي جنگ دوران برطانيا جي تحفظ لاءِ اڏيا ويا هئا. اهي قلعا گي مانسيل 1942ع ۾ ڊرائين ڪيا، جن ۾ اينٽي ايئر ڪرافٽ بندوقون، سرچ لائيٽون وغيره نصب ٿيل هيون ته جيئن جرمني جي بمباري ڪندڙ جهازن تي حملا ڪري سگهجن. مانسيل 2 قسمن جا سامونڊي قلعا ڊزائين ڪيا، هڪڙا آرمي لاءِ، ٻيا نيوي لاءِ، پوءِ جڏهن جنگ هلي پئي ته گي مانسيل ڊي- ڊي لينڊنگ لاءِ پٿر جا ٻيا به قلعا جوڙيا. تاريخي رپورٽن مطابق انهن سامونڊي قلعن جي مدد سان برطانيا جي نيوي ۽ آرمي پاران لڳ ڀڳ دشمن فوجن جا 22 جهاز، 30 بنا پائلٽ وارا بمبار جهاز ڪيرايا ۽ هڪ يو-بوٽ کي ڀڄائي ڪڍيو.
آرمي جا اهي 7 سامونڊي قلعا هئا، جيڪي ڏاڪڻين ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا، سڀني لاءِ هڪ مرڪزي ڪنٽرول ٽاور به ٺهيل هو، جن مان هڪ ڪنٽرول ٽاور، هڪ اينٽي ايئر گرافٽ بندوق وارو ٽائور، هڪ سرچ لائيٽ ٽاور ۽ چار عام بندوقن وارا ٽاور هئا. انهن سڀني کي مهارت سان هڪ مرڪزي ٽاور سان ڳنڍيو ويو هو.
نيوي جا قعلا ڊزائين ۾ ٿورا مختلف هئا، انهن ۾ٻن پٿر جا ٽاور هئا، جن جي اسٽيل واري ڇت تي ٻه 3.73 انچن جون بندوقون ۽ 2 اينٽي ايئر ڪرافٽ بندوقون نصب ٿيل هيون، انهن قلعن جون ٻه ٿلهيون متاريون ڄنگهون به هيون، جيڪي ايتريون ته ڪشاديون هيون جو انهن ۾ رهائشي ڪوارٽر ٺهيل هئا، هر قلعي ۾ لڳ ڀڳ 120 ماڻهو رهيل هئا.
مانسيل قلعن ۾ 1950ع ڌاري فوجين سرگرمين جي پڄاڻي ٿي ۽ انهن کي ٻين سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو ويو. 1953ع ۾ جڏهن ناروي جي هڪ ٻيڙي انهن مان هڪ قلعي سان ٽڪرائجي وئي ۽ نتيجي ۾ 4 عام شهري مارجي ويا، جڏهن ته 2 ٽاور بندوقن، ريڊار واري مشينري وغيره سميت تباهه ٿي ويا، نتيجي ۾ جيڪو ملبو پيدا ٿيو ان ٻيڙين جي اچ وڃ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيدا ڪيون. ان کانپوءِ اهي قلعا ڪيترن ئي سالن تائين ويران پيل رهيا. 1960ع ۾ پائريٽ ريڊيو اسٽيشن انهن قلعن ۾ پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون، انهن 1967ع تائين پنهنجو ڪم جاري رکيو، جنهن کانپوءِ حڪومت هڪ نئين قانون ذريعي انهن کي قلعا ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. انهن مان هڪ قلعو پوءِ “پرنسپلٽي آف سي لينڊ” طرفان رهائش لاءِ استعمال ڪيو ويو.
هن وقت ريڊ سينڊس نالي منصوبي تحت ٻي عالمي جنگ جي انهن يادگارن جو ٻيهر مرمتي ڪم ڪيو پيو وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *