تازا ترين
  • آئين ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار ڪري بل پيش ڪيو ويو،حملا ٿيڻ باوجود موقف تي قائم آهيون: پ پ چيئرمين*نانا کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، منهنجي ماءُ ۽ مامن شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو: بلاول*برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا، بلوچستان ۾ به لکين ماڻهو بي گهر ۽ متاثر ٿيا: بلاول*
  • *ٽنڊي ڄام واسين سان نوري آباد ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، نوجوان زخمي *سوزڪي ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب عبدالڪريم مگسي ٿڏي تي فوت، ساجد مگسي زخمي *
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ۽ نوجوان وارو معاملو *عدالت ناري اسماءَ کي مڙس ارشاد مگسي سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي *مونگي وارثن سان خوف آهي، مونکي قتل ڪري ڇڏيندا: ناري جو عدالت ۾ بيان*
  • *ڪراچي: اي وي ايل سي جي ڪارروائي، موٽر سائيڪلز ڦر ڪندڙ گروهه گرفتار *جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل 5 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون: ايس ايس پي سرفراز نواز *جوابدارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن: ايس ايس پي*
  • *ڪراچي: ٻارڙي مروا قتل۽ زيادتي ڪيس، گرفتارجوابدارن جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا: ذريعا *ٻارڙي مروا جي ڪپڙن ۽ جوابدار فيضو جي گهر ۾ بيڊ جا سيمپلز ورتا ويا هئا: ذريعا *جوابدارن جا سيمپلز ميچ ٿي ويا، ٻئي جوابدار اڳ ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪا آهن *
  • *ڪراچي: سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن جي هڙتال سبب سائل سخت پريشاني جو شڪار *وڪيلن جي هڙتال سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿيون، نه ئي جوابدارن کي پيش ڪيو ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن جو واپڊا عملي جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڳوٺ باغات مالهي واسين واپڊا آفيس آڏو ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *واپڊا عملي بلن جي آخري تاريخ کان اڳ ئي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي: ڳوٺاڻا *بجلي ڪاٽڻ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائي وڃي: ڳوٺاڻا*
  • *لاهور: موٽروي تي عورت سان زيادتي وارو ڪيس، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي *جوابدار عابد جي گرفتاري لاءِ قصور ويجهو ڪارروائي، جوابدار فرار ٿي ويو *پوليس سرچ آپريشن دوران جوابدار جي 5 عزيزن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو*
  • *اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ڇڪتاڻ برقرار *لاڙڪاڻي ۾ پيراميڊيڪل جي احتجاج دوران اي ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا *احتجاجي ڪئمپ کي ڊاھڻ جي معاملي تان پيراميڊيڪل عملو مڇرجي پيو *اي ايم ايس گل شيخ ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻن وچ ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ويا *پيراميڊيڪل عملي او پي ڊيز، ليباريٽريز، سينٽرل اسٽور، سٽي، ايم آر آئي اسڪن مشين کي تالا ھڻي ڇڏيا *مريضن کي دوائڻ ڏيڻ لاءِ آيس ته پيراميڊيڪل عملي بدتميزي ڪئي: اي ايم ايس گل شيخ *
  • *ٺارو شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو بجلي جا ڳرا بل اچڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو *ڳوٺ موليڏنو لاڙڪ ۽ ڳوٺ يوسف چنڙ جي رھواسين ايس ڊي او سيپڪو خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو احتجاج ڪيو *ڳرا بل اچڻ ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب عذاب ۾ مبتلا آهيون: ڳوٺاڻا*
  • *گهوٽڪي: سبزي منڊي مان وڪيلن جي چيئمبر کي خالي ڪرائڻ وارو معاملو *سي ايم او گهوٽڪي جي فرياد تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر صدام چند سميت26وڪيلن مٿان ڪيس داخل *وڪيلن جي احتجاج سبب عدالتي ڪارونهوار نه هلي سگهيو*
  • *سُپريم ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي *جوابدارن جي عدم گرفتاري تي سنڌ پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ *پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي: عدالت *ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا آهن؟: عدالت جو سوال*
  • *ڪنب: نامعلوم ماڻهن پاران کڏ ۾ مبينا زهر وجهڻ سبب ڳوٺاڻن جي مڇي مري وئي *غريب آباد ڪالوني ڀرسان مڇي مرڻ سبب علائقي ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي، متاثرن پاران ڪارروائي جو مطالبو نامعلوم ماڻهن مڇي جي کڏ ۾ زهر وجهي لکين روپين جو نقصان پهچايو: متاثر ڳوٺاڻا*
  • * حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري اسماءَ ۽ نوجوان ارشاد مگسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش *ناري نابالغ آهي، سندس عمر 15 سال آهي: جاچ آفيسر جو عدالت ۾ بيان* عدالت ناري اسماءَ کي دارلامان اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڪنٽينرز تحويل ۾ وٺڻ خلاف درخواست *عدالت گهرو وزارت کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو *سياسي جلسن جي لاءِ به پوليس ڪنٽينرز کڻي ويندي آهي: درخواستگذار *

ٻي دفعي..عبدالقادر جوڻيجو جون ڳالهيون …ڊاڪٽر اسد جمال پلي

ٻي دفعي، اها ڳالهه ٻڌايائين ته کيس پرائمري ماستر جي نوڪري ملي، خانصاحب عطا محمد پلي جي ڳوٺ لڳ صوفي شاخ جي اولهه ۾ چوڌري شاهنواز جي ڳوٺ ۾ پر مون اچي لڏو لاٿو عبدالڪريم پلي وٽ جتي مون کي ادبي خوشبوءِ آئي ٿي. هتان ٻه- ٽي ڪلوميٽر اسڪول لاءِ اڪثر وفا پلي مون کي موٽرسائيڪل تي ڇڏي ايندو هو ۽ وري کڻي به ايندو هو. ايئن ئي وقت گذريو. عبدالڪريم پلي وٽ روز ادبي ڪچهري ۽ رهاڻ متل هوندي هئي. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته اهو 1965ع جو سال هو جو منهنجي پهرين ڪهاڻي ٻرندڙ لانچ جنوري جي روح رهاڻ ۾ شايع ٿي. ساڳي پرچي ۾ عبدالڪريم پلي جو هڪ گيت به ڇپيو هو. آئون ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس جو پهرين تحرير ڇپي هئي. پوءِ هن ڪهاڻي تي رات جو هڪ تفصيلي ويهڪ پڻ ٿي جنهن ۾ يار محمد چڱائي سڀني کان گهڻو ڳالهائيو. اسان جي هن ادبي گاڏي ۾ محمود يوسفاڻي به هوندو هو. هو سنجيده ۽ معتبر ماڻهو هو. ڪير به ساڻس گهڻي حجت ۽ کل ڀوڳ نه ڪندو هو. جهڙو شخصي طرح معتبر هو. تيئن علمي طرح به معتبر هو. محنتي ۽ گهڻو لکندڙ هو. گرامر ۽ ٻولي جي حوالي سان ۽ شاعري تي سندس گفتگو مستند هئي. اسين سڀ کيس سائين معمور سڏائيندا هئاسين. منهنجي گهڻي ڪچهري راڄ محمد سان هئي. راڄ محمد گهڻو مطالع ڪندڙ ۽ ڏاهو ماڻهو هو. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته مون کي اتي رهائش دوران سائي (Jaunalice) جي بيماري ٿي پئي ته مون کي ڀڳڙا جام کارائيندو هو. ڀڳڙن جي کائڻ سان اڃ جام لڳندي هئي ۽ پيشاب گهڻو ٿيندو هو. راڄ محمد مون کي چيو ته اهو اٿئي ”سائي“ جو علاج. نڪو ”خاڪ“ نه ڪو تعويذ.
عبدالقادر مون کي ٻڌايو ته مون راڄ محمد کي تمام گهڻا خط لکيا. راڄ محمد جنهن کي آئون ”دا راڄو“ لکندو هئس. اهو خط فائل ڪري رکندو هو. سنڀايل هوندا. اوهين هٿ ڪجئو. پوءِ مون هٿ ڪيا ۽ مون وٽ سنڀاليل آهن. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته کيس سخت بخار آيو رت جي رپورٽ ۾ ڪينسر جا جذا اچي ويا. چيائين عبدالڪريم پلي سان حال اوريم ته مون کي حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ جاءِ اوهين وٺي ڏيو. ٻارن جي جي تعليم جو خرچ فقير شير محمد بلالاڻي تي آهي. چلهه پينشن مان ٻرندي. ٻارن جي تعليم مڪمل ٿي بس، منهنجا ٻيڙا پار. پوءِ جيڪڏهن ٻار وڏا ٿي پنهنجي جاءِ وٺي اوهان جي جاءِ واپس ڪن ته به مرضي جا مالڪ جي نه واپس ڪن ته به بخش اٿن. عبدالڪريم پلي کلندي کلندي چيو ته يار تون ڊڄ نه رپورٽ ڪنهن سٺي ليبارٽري مان ڪراءِ. پاڻ ويهي منهنجو علاج مڪمل ڪرايائين. رپورٽ ٻيهر ڪرايائين ته ڪينسر هئي ئي ڪو نه الائي ڪيڏانهن اڏامي وئي. يار اسد! ڇا ماڻهو هئا.
ٻي دفعي، ٻڌايائين ته جڏهن ستر واري اليڪشن ۾ عبدالڪريم پلي ايم پي اي جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور بيٺو ته سندس انتخابي نشان ”گهڙيال“ هو. آئون ۽ علي بابا سندس بنگلي تي ويٺا ورڪ ڪندا هئاسين. ورڪ ڪهڙو سڄو ڏينهن مکيون ماريندا هئاسين ۽ شام جو جڏهن پلي ورڪ تان واپس ايندو هو ته سندس همت وڌائيندا هئاسين. جڏهن اليڪشن ٿي ۽ پلي جي سيٽ کٽڻ جو اعلان ٿيو ته علي بابا اهڙو زور سان ٽپ ڏنو جو ڪرسي تان ڦهه وڃي پٽ تي ڪيائين. سڀني جا کل جا ڪوڪريا. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته شيرين پاشا (شارٽ اسٽوري رائيٽر) مون کي چيو آئون کڱيس سنڌ جي ٻهراڙي گهمايان. آئون سندس فرمائش تي شيرين پاشا کي وٺي وڃي عبدالڪريم پلي وٽ نڪتس. عبدالڪريم پلي انتهائي خانداني بصيرت سان ساڻس فرشي نشت تي ڪچهري ڪئي. ڳوٺاڻيون ڳالهيون، ڳوٺاڻا کاڌا بعد ۾ ڪافي ڀرت ٿيل شيون ڏنائين. واپسي ۾ مون ڏٺو ته شيرين پاشا جي اکين ۾ لڙڪ هئا. مون سبب پڇيو ته چيائين، قادر تمام گهڻي عرصي کانپوءِ مون خانداني خوءِ واري شخص سان ڪچهري ڪئي آهي. مون کي ايئن لڳو ته آئون پنهنجي ڪنهن خاندان جي وڏي بزرگ جي ڪچهري ۾ ويٺي آهيان. مون کي جيڪي پنهنجي ڏاڏا سائين متعلق ڳالهيون گهر ۾ ٻڌايون ويئيون هيون سي سڀ پلي ۾ موجود مليون. عبدالقادر چيو ته مون ڪالر ڇنڊيندي چيو ته آخر قادر جو يار آهي. گهٽ هوندو ڇا؟
ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته هيءُ جيڪو هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڇوڪرو پيو کيڏي ”اجئه جڊيجا“ اهو ڪڇ جو ”جاڙيجو“ سمون آهي. هنن جاڙيجن جا جيڪي سنڌ جي سمن سان تاريخي مائٽيون ۽ رشتا ناتا آهن اهي توکان ڳجها ڪونهي. عبدالقادر هيءَ ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻو ڳنڀير ٿي ويو ڄڻ هو لاکي ڦلاڻي کان هينئر به جاڙيجن کي خبردار ڪندو هجي ته ”جاڳو جاڙيجا. سمان سک مَ سمهو“ ڳالهه کي جاري رکندي چيائين پنهنجي پاسي وارو انضمام الحق وري ملتان جي پيراڻي گاڌي مان آهي ۽ اهي ملتان وارا جاڙيجن جا ”پير“ آهن جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ مئچ ٿيندي آهي ته آئون ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي مرشد ۽ مريد جي بئٽنگ جا مزا ڏسندو آهيان. ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته عبدالڪريم پلي جو والد خانصاحب عطا محمد پلي واقعي خانصاحب هو. خانصاحب جي کوٽ ڪونهي پر عطا محمد پلي ڪير سڏائي. سندس وڏ ماڻهپي جو هڪ اسٽائل اهو به هوندو هو جو سئو رپئي جي نوٽ ۾ تماڪ وجهي ٻيڙي ٺاهي ڇڪيندو هو. دوستي هئس ته وري صوفي قلندر بخش شهيد سان، مهل جو مڙس ماڻهو هو. هو ته خانصاحب انگريزن جو ٽائيٽل يافته پر بااصول اهڙو هو جو انگريز تي به اک ڪا نه ٻڏندي هئس. حرن واري مارشل لا لڳي ۽ حضرت سورهيه بادشاهه تي ڏکيا ڏينهن آيا. انهن ڏينهن ۾ عمرڪوٽ لڳ ٽالهي جوڻيجي جي ڳوٺ تي پوليس ڇاپو هنيو. ڳوٺ جا مڙسالو ته پاسيرا ٿي ويا پر سڀئي ”غازياڻيون“ بيل گاڏين ۾ اچي خانصاحب جي ڳوٺ پهتيون. خانصاحب سڀني ”سامن“ کي ڪوٽ ۾ آندو ۽ چيائين ته اوهان تان منهنجو سر صديقي، جيستائين ساهه سلامت آهي انگريز اوهان جو وار به وِنگو نه ڪري سگهندو. مون اها سڄي ڳالهه ”سانگهڙ ناول“ ۾ پڙهي آهي ۽ عبدالقادر جي ٻڌائڻ وقت ايئن لڳو ڄڻ هو پاڻ ان وقت خانصاحب سان گڏ هو.
ٻي دفعي، ٻڌايائين ته خبر اٿئي خانصاحب عطا محمد پلي جي اوطاق ڪا عام وڏيرڪي اوطاق نه اٿئي.هن اوطاق نه صرف سنڌ جي ”موسيقي“ جي خدمت ڪئي آهي پر سچ، صداقت ۽ شرافت جي فيصلن جا به مثال قائم ڪيا آهن. پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي تاڙي ملائي چيائين ۽ سنڌي ادب جا ٻه وڏا افسانه نويس ۽ ڊراما نگار به هن اوطاق جي ايجاد اٿئي. هڪڙو تنهنجي سامهون ويٺو اٿئي جنهاڻي ۽ ٻيو ڏيپلائي. يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين يارن جون. سنڌ کي اهڙا وڏيرا ئي ته کپن. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته بابا جي پوليس آفيسر وقت مون ٿاڻن اندر واڙيل يارن سان ڪچهريون ڪيون. حال احوال ورتا ۽ آهستي آهستي مون کي زندگي جا ڪيترائي سچ سمجهه ۾ اچي. اندر واڙيل يار بي ڊپا ٿي سچ ڳالهائيندا هئا ۽ ڇوٽ ٻولي ڳالهائيندا هئا. منهنجن ڊرامائي ڪردارن ۾ به توکي اها ڇوٽ ٻولي ملندي. اڄ جڏهن سنڌ جو هيءَ بي ڊپو ليکڪ سنڌ ڌرتي جي سطح کان اندر ٽپي هڻي ويو آهي ته مون کي لڳندو آهي ته هي ”يار“ انهي جهان ۾ به ايئن ڪانڀ ڪڍي پنهنجي هٿ جي آڱرين جي اشارن سان ڪچهرين ۾ هوندو جيڪو ماڻهو سورهن آنا سچ سان ڪميٽڊ رهيو. اهو وري اتي ڪيئن ڏکيو هوندو. سندس ڪتاب ”شڪليون“ جنهن به پڙهيو هوندو اهو منهنجي اها ڳالهه ضرور قبول ڪندو ته عبدالقادر جا سڀ ڪردار هر دؤر ۾ هن ڌرتي تي موجود رهيا آهن پوءِ اها ”راڻي“ هجي يا ”ڪيسري.“

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *