تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ٻيو حصو…يورپ ۾ مذهبي سڌاري وارين تحريڪن جو تحقيقي جائزو …شعيب سيال

يورپ ۾ مذھبي سڌاري واري تحريڪ ايتري تيزي سان نه ڦھجلي سگھي جيتري تيزي سان جديد دور ۾ سياسي ,سماجي ۽ مذھبي تحريڪون ڦھلجن ٿيون انجو سبب نه رڳو ڪميونيڪيشن جا ذريعا ھئا پر ڊڄ ,خوف ۽ ڊپ به ھئا پر سورھين صدي کانپوءِ يورپ ۾ سڌارن واري تحريڪ تيزي سان ڦھلجڻ لڳي جنھن ۾ ھڪ ٻئي ادبي تحريڪ نئين جاڳرتا تحريڪ جواھم ڪردار آھي. ھي ڳالھه ياد رکڻ گھرجي ته ھوريان ھوريان ھر تحريڪ ۾ خيالن جي تبديلي ايندي رھندي آھي ڇاڪاڻ ته تبديلي سميت ھر شيءِ تبديلي پذير آھي. مذھبي سڌاري واري تحريڪ کي Protestant Movement به سڏجي ٿو ڇاڪاڻ ته سڌارو رومن ڪيٿولڪ چرچ جي وڌندڙ طاقت کي روڪڻ لاءِ دراصل مروج مذھبي نظام خلاف احتجاجن ڪيو ويو ھوجن ۾ ھيٺيون طبقو به شامل ھو ته بادشاھي ۽ اميري طبقو به. جيڪا تاريخ رڪارڊ ٿيل آھي ان مطابق وچين دور ۾ يورپ ۾ Peter Waldo نالي ھڪ شخص فرانس جي ليون شھر ۾ پيدا ٿيو جنھن Waldensian Movement جي نالي سان ھڪ تحريڪ 1173 جي لڳ ڀڳ شروع ڪئي جنھنجي اڄ جي دور ۾ باقيات Methodist Churches کي چئي سگھجي ٿو جيڪي اٽلي,ارجينٽينيا, برازيل ۽ آمريڪا ۾ عام جام آھن. ھو چرچ جي شاھاڻي ۽ دنيوي ڏيک جي خلاف ھڪ اصول کي اڳتي کڻي آيو جنھن کي ھن پيغمبري غريبي انداز Apostolic Poverty چيو .ھن رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ خانقاھن جي عياشي واري انداز کي رد ڪيو ۽ سادگي جي تلقين ڪئي. ھو چرچ وٽ زمينن جي قبضي جي به خلاف ھو. ان تحريڪ مان سوئيزرلينڊ جو ھڪ پندرھين صدي جو Theologian الاھي متاثر ٿيو جنھن جو نالو ھو Huldryche Zwingli . زونگلي به رومن ڪيٿولڪ چرچ جي عيش عشرت ڏسي روايتي مذھب کان منھن موڙيو ۽ چرچ جي ڏاڍ ۽ ظلم تي لکيو.ھن خود عيسائيت جي نئين سر تشريح ڪئي. ھو زيورڪ ملڪ جي چرچ جو وڏو پادري به ھو. ھن جو جانشين سورھين صدي ۾ Heinrich Bullinger نالي شخص ٿيو جنھن خود چرچ ۾ Protestant Reformation جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو. ساڳي وقت وچين دور واري يورپ ۾ يعني يارھين صدي ۾ اٽلي ۾ ھڪ ٻيو شخص به پيدا ٿيو جنھن جو نالو Arnold of Brescia ھو. ھن به ڪيٿولڪ چرچ کان ساڳي بغاوت ڪئي ۽ چرچ جي عياشين ,دولت ۽ زمين ۽ جاگيرداري جي ھٿي تي طنز ڪيو جنھن لاءِ ھن کي ڦاھي ڏني وئي, لاش کي ساڙي River Tiber ۾ ڦٽو ڪيو ويو. ٻارھين صدي ۾ ھنن جي حامين Arnoldists تحريڪ شروع ڪئي ۽ انھن غسل ڪرائي پاڪ ڪرڻ واري رسم يعني Baptism ۽ پوپ جو خدا سان ھم ڪلامي ڪري رعيت جا مسئلن جو حل ڏيڻ واري رسم يعني Eucharist کي ننديو. پوپ لوسيس ٽئين Pope Lucius III انھن تي بدعتي ڪافرن جي فتويٰ جاري ڪئي پر ھنن جو يورپ تي اثر ايترو گھڻو ڪونه ھو. ھا پر ائين چوڻ درست رھندو ته ھنن بنيادي ڪم ڪيو ھو ۽ اھو بنيادي ڪم ھو رومن ڪيٿولڪ چرچ لاءِ آواز اٿارڻ. يقينن انھن جو انجام سٺو نه ٿيو پر ھو پنھنجي مقصد سان بيٺا رھيا ۽ ثابت قدم رھيا. وقت جي ملائن ۽ پادرين انھن تي ڪفر جون فتوائون ته ڏنيون پر ھو تاريخ ۾ سرخرو رھيا ۽ ملان ۽ پادرين تي تاريخ ۾ ملامت ٿيندي رھي ٿي.
يورپ جو عام ماڻھو جڏھن شھري زندگي ۾ رھڻ لڳو, علم پرائڻ طرف ڌيان ڏيڻ لڳو ۽ سياست جي ڪرت کي سمجھڻ لڳو ته انھن ملائن ۽ پدرين Clergyman جي حرڪتن,سوچن ۽ حڪمت عملين پٺيان ذاتي مقصد يا پارٽي مقصد ڳولھڻ شروع ڪيا. سورھين صدي تائين جيئن ته پرنٽنگ پريس ۽ علم جو عام ٿيڻ شروع ٿي چڪو ھو انڪري ھاڻي ڪافي ماڻھن علم پڙھڻ به شروع ڪيا ۽ سوال اٿارڻ به انھن ماڻھن مان چرچ جو پنھنجو ھڪڙو پادري Martin Luther نالي سان سورھين صدي جي جرمني ۾ پيدا ٿيو جنھن يورپ ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي طبقي يعني papcy ۾ اھڙيون ته ڇرڪائيندڙ ڳالھيون ڪيون جو سمورا ڪيٿولڪ مولوي ھاڻي صفا چڙي پيا. لوٿر تي جيئن ته اڳم ئي امير طبقي جو ھٿ ھو انڪري ھو بيخوف ٿي ڪري اھڙيون ڳالھيون ڪيون جيڪي عام ماڻھو پڙھڻ کانپوءِ پاپائيت کان بيزار ٿي پيا. لوٿر جي ڳالھين ھاري طبقي Peasantry ۾ بغاوتي شعور پيدا ڪيو ۽ انھن بغاوت ڪئي. لوٿر ملان ھوندي ۽ حق جون ڳالھيون ڪندي به غريب ھارين جي ڀيٽ ۾ جرمن امير طبقي جي حمايت ڪري جاگيردارن جو ۽ سرمائيدارن جو مولوي بڻجي ويو. وائڪلف ,جان ھس ۽ لوٿر يورپي ريفارميشن ۾ اھم ٽي مذھبي فلسفي ھيا جنھن يورپ جي مذھبي ارتقائي خيالن ۾ اھم ڪردر ادا ڪيو. ساڳي ئي صدي ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ John Calvin نالي ھڪ مذھبي فلسفي پيدا ٿيو جنھن به سڌاري واري تحريڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ Predestination واري ڪيٿولڪ اصول جي ابتڙ انجي نئين تشريح ڪئي ته خداوند ڪريم ئي اڪيلو فيصلو ڪندو ته نجات ڪنھنکي ملندي ۽ دوزخ جي حوالي ڪنھن کي ڪيو ويندو.
سورھين صدي جي انگلينڊ ۾ باقائدھ ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ جا فساد وڌڻ لڳا ۽ آسپاس جي ملڪن ۾ به اھو مذهبي جھيڙو شروع ٿيو. خاص ڪري انگلينڊ ۽ اسپين ۾ جنگ لڳي ٿي جنھن ۾ اسپين جا جھاز جنھن کي Armada سڏيو ويو سي تباھ ٿيا. ان جو مثال ايئن وٺجي جيئن مسلمان دنيا ۾ سني شيعا جھيڙا ,فساد ۽ جنگيون ٿيندا رھن ٿا. ٻنھي پاسي شديد تشدد ۽ ڏاڍ استعمال ٿيو ۽ جيڪو کٽيو تنھن جو مثال اھو ئي آھي ته “سوءُ ڪوئا کائي ٻلي حج ڪرڻ وئي.” ھن جھيڙن ۾ آخر ڪار پروٽيسٽن جي فتح ٿي.
اڄ جي متضاد دنيا ۾ توڙي جو اڪثر ملڪ رياست ۽ مذھب کي الڳ الڳ ڪري ھلائن ٿا پر ساڳي طرح سان ڪجھه اھڙا ملڪ به آھن جتي مذھب ۽ رياست ھڪ ئي ٻيڙي ۾ سفر ڪن ٿيون. مثال اولهه جون قومون رياست ۽ مذھب کي الڳ ھلائن ٿيون جنھن ڪري اھي سيڪيولر سڏجن ٿيون جڏھن ته ڏکڻ جون اڪثر قومون,خاص ڪري مسلمان ۽ ھندو مذھبي قومون ليکجن ٿيون.اسرائيلي يھودي به مذھبي قوم ليکجي ٿي. ان کان علاوھ موجودھ دنيا جو ٻيو متضاد منظر ھي آھي ته مذھبي تحريڪن جي جڳھه ھاڻي مذھبي پارٽين ورتي آھي جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح سان رياست جي ھٿ ھيٺ ڪم ڪن ٿيون . انڪري اھو نتيجو اخذ ڪرڻ آسان بڻجي پوي ٿو ته مذھب رياست ۽ سياست جي ماتحت آھي انڪري انجون تشريحون به رياستي ۽ سياسي نوعيت جون ھونديون آھن. ان يتري ڊگھي بحث جو مطلب آھي سنڌي ماڻھو پنھنجي تاريخ کي پڙھن ۽ پنھنجي مذھب جي تاريخي پرک ۽ ان ۾ پيدا ٿيل فرقن جي سياست کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن. سنڌي سماج ۾ ھيٺائي سطح تائين مذھبي انتھاپسندي ۽ رجعت پسندي جو سبب آھي ئي تاريخ جي علم جي کوٽ. سنڌ ۽ پاڪستان جي مولين فرقاپرستي جا سبق پڙھائي ھلندڙ نسل ۽ ايندڙ نسلن کي غلام ڪرڻ لاءِ اھڙيون ئي حڪمت عمليون اپنايون آھن جيڪي ھزارن سالن تائين عيسائي پادرين اپنائي قومن کي اوندھ ۾ رکيو. ايئن ناھي ته وکر ڪونھي. وکر ته ڍيرون ڍير آھي پر وھائڻ وارا ويسرا لڳا پيا آھن.
پورو ٿيو

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *