تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

ٻوڏ جون ستايل زندگيون!… عبدالغني شر

سج اڀريندي ئي شديد گرمي گُهٽ ۽ ٻوسٽ جو ماحول هو، صبح ۾ ئي اهڙي گرمي ماسي ڄامل کي بيحال بنائي ڇڏيو، هوءَ به جلدي ۾ گهر جي معمول جي ڪمن ڪارن مان واندي ٿي پنهنجي ٻنهي معصوم پوٽن سميت کليل هوا ۽ وڻ جي ڇانُ هيٺ کٽ تي پوٽن سان ڪچهري ڪرڻ لڳي، جيئن جيئن ڏينهن وڌندو ويو تئين تئين گرمي وڌندي وئي، قهر جي اهڙي گرمي ۾ ھي پنهنجي چند ٻڪرين لاءِ فصل مان گاه لوڻي وري اچي انهي ساڳئي وڻ هيٺ ويهڻ سان پنهنجا ۽ معصوم پوٽن جا پگهر سڪائڻ لڳي.ڄامل جنهن جي زندگي سراپا سور بڻيل هئي، پورهيت جي گهر مان جنم وٺندي ئي ننڍي هوندي کان ڏک ڏٺا هئس، اولاد اسان وانڱر پريشان حال نه هجي! پر شايد ڪجهه ورهيه بعد اچانڪ ورَ جو وڇڙڻ هن کي بيحال ڪري ڇڏيو هو، هن پنهنجي اڪيلي پٽ مشتاق خاطر ٻي شادي ڪرڻ بجاءِ شريف جي ڪکن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندي مشتاق جي پالنا ڪرڻ لڳي، وقت گذرندي دير نه ڪئي مشتاق جوان ٿي ويو، مئٽرڪ پاس هي ماءُ سان گڏ مزدوري ڪرڻ لڳو، ٿوري عرصي بعد ڄامل به هن جي شادي ڪرائي ڇڏي هئي، وقت ۽ ڏينهن گذرندا رهيا انهي ڏينهن ڄامل جي خوشي جي حد نه ھئي! جڏھن هن کي معصوم جاڙا پٽ ڄاوا جنهن کي هوءَ وس آهر لاڏ ڪوڏ سان پالڻ لڳي، اها خوشي به ھن کي ڪجه گهڻي دير لاءِ راس نه آئي، اها خبر هن جي مٿان وڄ وانڱي ڪڙڪي! جڏھن هن جو پٽ روڊ حادثي ۾ هنن کي اڪيلو ڪري هليو ويو! هڪ پٽ جو وڇوڙو ٻيو وري ننهن جو گهر ڇڏڻ…!جڏھن ننهن پنهنجي ٻن جاڙن پٽن خاطر ٻي شادي وارو خيال دل مان ختم ڪري هن ئي گهر ۾ رھڻ جو فيصلو ڪيو، ڄامل پنهنجي پوٽن مٿان ساه ڇڏيندي هئي، پورهيو ڪري پيٽ پاليندي پنهنجي ننهن کي سلائي مشين وٺي ڏني ، جيڪا سڄو ڏينهن ڳوٺ وارن جا ڪپڙا سبيندي هئي، جيئن شام ٿيندي وئي، تئين ڪارن ڪڪرن آڪاس کي ڍڪي ڇڏيو،
ٿوري دير هوا سان وڏ ڦڙو شروع ٿي ويو گرمي جو زور گهٽجي ويو برسات وفقي وفقي سان سڄي رات بارش وسندي رهي ٻئي ڏينهن به برسات بند ٿيڻ واري نه هئي، کنوڻ جي چمڪار گوڙ جي ٺڪاءُ سان گڏ ڳوٺ مان ڪچن گهرن جي ڪرڻ جا آواز ڄامل جي ڪنن سان ٽڪرائبا ويا، ڄامل خوف وچان ڪچي گهر مان ٻاهر نڪري ڪکائن منهي مان پناهه ورتي! اچانڪ زوردار ڌماڪي سان هنن جو گهر به پٽ پئجي ويو، جنهن جا سڀ سپنا ورهين جون نشانيون سيڌو سامان مٽي بنجي ويو! پنهنجي ڊٺل گهر کي وسندڙ بارش ۾ ڏسندي اکين مان ڳوڙھن جي درد کي ڪوبه سمجهي نه سگهيو ڇو ته اهي لڙڪ بارش سان گڏ جهوُر چهري مٿان ترندا رهيا، ڳوٺ جون گهٽيون پاڻي جو تلاءُ ڏيک ڏيڻ لڳيون هيون اڃان برسات مس بس ڪئي، ڳوٺ ۾ هل هنگامو شروع فيدر جو بند ڀڄي پيو آھي جلدي گهرن مان ٻاهر نڪرو نه ته سڀ پاڻي ۾ لڙھي وينداسين ڄامل اهو ٻڌي تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي مختصر خاندان سميت اچي روڊ وسايو هن وٽ سواءِ دردن جي ڪجهه به نه هو! سوچون ساهه منجهائي رهيون هئس ٻه راتيون هن کليل آسمان هيٺ زندگي جا تمام ڏکيا ڏينهن گذاريا هئا برسات بعد مڇرن اهڙو ته مارو ڪيو جيڪي ٻه ٻڪريون هئس اهي به چڙي چڙي ٿي مري ويس،ٽن ڏينهن بعد روايتي سياسي وڏيرا سيلفي چمچن سميت پهچي ويا! جن فقط هن جي مٿي تي هٿ رکندي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان چئي رهيا هئا، تون دلجاءِ ڪر توکي سڀ ڪجهه ملي ويندو سڀاڻي اسان جي پارٽي جو اڳواڻ اچي پيو جيڪو پنهنجي هٿن سان خيما راشن ڏيندو ٻئي ڏينهن جيئن سج اڀريو انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي هن کي خيمو ۽ راشن مليو اهي راويتي وڏيرا بار بار چوندا ويا تون اسان جي اڳواڻ کي ووٽن جي تصديق ڏئي شڪريو ادا ڪجان، نيٺ نعرن جي گونج سميت پارٽي اڳواڻ پهتو حال احوال بعد واپس هليو ويو هڪ ڏينهن بعد نوجوانن جو هڪ جٿو پهتو جيڪو هنن جا خيما ڊاهيندو پنهنجي گاڏين ۾ لڳائيندو ويو، سڀ متاثر ڏسندا ويا ڪنهن به ٻڙڪ نه ڪڍي، ڄامل ويگو ۾ ويٺل هڪ صاحب کي چوڻ لڳي ته توهان جي خدمت جو اهڙو جزبو آھي ته اسان کي ڪجه به نه گهرجي ، هڪ رحم ڪيو اسيمبلي مان هڪ بل پاس ڪرائي اسان جي سورن دردن ۽ تڪليفن سميت وڃي سمنڊ ۾ اڇلايو! صاحب جو منهن هيڊو ٿي ويو ڄڻڪ لڳو پئي هنن جي وس ۾ ائين هجي ته دير ئي نه ڪن…!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *