تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

ٻالڪپڻ جي شادي ۽ اسان جو سماج … ايم بي ڪنڀر

ٻار ڪنهن به قوم جا روشن مستقبل ۽ قيمتي اثاثو هوندا آهن انهن جي بهترين تربيت، تعليم ۽ نگراني تي جيتري قدر وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ته قومن جي ترقي جا امڪان وڌي وڃن ٿا. هر قوم جو فرض آهي ته ٻارن جي حقن جو احترام ڪري ۽ انهن کي پورو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري، دنيا جي هر معاشري ۾ ٻار جو معاشرتي ۽ اخلاقي رتبوآهي دور جديد ۾ ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ وارو نمايان دستاويز گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن جو عالمي مهاعدو (UNCRC) آهي جنهن ۾ ٻارن جي بنيادي حقن جو ذڪر ڪيل آهي. اسان جي سماج ۾ ڌيئرن جي باري ۾ ٻه ڳالهيون هر ڪنهن جي زبان تي هونديون آهن.”ڌيئرون بار هونديون آهن جيترو بار جلد لاهجي بهتر آهي“، ”ڌيئرون پرايو ڌَن آهن“ اسان پنهنجي بزرگن جي چيل ڳالهين کي هيئين سان هنڊائي ڇڏيو آهي اسان ڪڏهن ان ڳالهه کي پرکڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي ته اسلام ۾ ڌي کي رحمت ۽ پٽ کي نعمت جو درجو ڏنو ويو آهي. سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڌَي ۽ پٽ ٻنهي جون جسماني ۽ ذهني صلاحيتون تقريباً هڪجهڙيون هونديون آهن ته پوءِ ائين ڇو ٿيندو آهي ته پٽ سهارو ٿي ويندو آهي ۽ ڌيئرون بار ٿي وينديون آهن جيڪڏهن اسان ٿورو سوچيون۽ غور ڪريون ته اسان ڌي ۽ پٽ جي پرورش ۾ ڪهڙو فرق رکندا آهيون ته اسان کي پاڻهي هي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته ڌيئرن کي اسان خود بار بڻائي ڇڏيو آهي جيڪڏهن اسان پٽ جي پرورش به ائين ڪريون جيئن ڌي جي ڪندا آهيون ته اُهي به اسان تي بار ٿي ويندا. اسان کي ڌي کي گهران نڪرڻ ئي نٿا ڏيون، پنهنجي مرضي سان ڪجهه ڪرڻ نٿا ڏيون ته ان ۾ خود اعتمادي، پنهنجي ماحول سان آگاهي ۽ فيصلي جي صلاحيت ڪيئن پيدا ٿيندي، نه هو پاڻ پاڙي ۾ ڀاءُ ڀيڻ جي گهر وڃي سگهي ٿي نه اسپتال وڃي سگهي ٿي ۽ نه ئي اسڪول وڃي سگهي ٿي. ايتري قدر جو زندگي جي روزمره جي ڪم ڪار ڪرڻ ۾ خوفزده ۽ هيسايل رهي ٿي.
ٻارن بابت گڏيل قومن جي عالمي مهاعدي تي نظر وجهنداسين ته مهاعدي تي عمل نه هئڻ جي برابر آهي کلي عام ٻارن جي حقن جي لتاڙ جاري آهي، ٻارن تي تشدد، ٻارن سان جنسي زيادتي، چائلڊ ليبر، ٻارن جو اغوا ٿيڻ، نياڻين کي تعليم جي بنيادي حق کان محروم رکڻ ۽ ٻاروتڻ ۾ شادي ڪرائڻ عام آهي.هن جديد ۽ ڊجيٽل دور ۾ به مدي خارج ريتون رسمون اسان جي سماج ۾ زندهه آهن معصوم گلن جهڙين نياڻين کي گهٽ سمجهڻ، گهٽ اهميت ڏيڻ، راند روند ۽ سهلين سان گُڏين سان راند ڪرڻ جي عمر ۾ شادي جهڙي اهم ۽ ڳري ذميواري سونپي انهن کان انهن جو بچپن کسيو وڃي ٿو ۽ انهن جي خوبصورت خوابن ۽ احساسن جو گلو ڪپيو وڃي ٿو. ٻالڪپڻ جي شادي جو رجحان سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ بچپن جي شادي گلوبل مسئلو بڻجي چڪي آهي ننڍپڻ جي شادي نياڻين کي صنفي اڻبرابري، غربت، گهريلو تشدد ڏانهن ڌڪي ٿي. گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن تي ڪم ڪندڙ اداري (UNICEF) جي انگن مطابق پاڪستان ۾ 21% ڇوڪريون 18 هين سالگرهه کان پهريان ئي شادي جي بار هيٺيان دٻجي وڃن ٿيون ۽ 3% ڇوڪريون 15 هين سالگرهه ملهائڻ کان اڳ ئي شادي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. گرلس ناٽ برائيڊ (Girls Not Brides)جي انگن اکرن مطابق هر سال 12 ملين ڇوڪريون 18 سال جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ ئي شادي جون شڪار ٿي وڃن ٿيون، مطلب ته دنيا ۾ 700 ملين عورتون آهن جيڪي هينئر تائين بچپن جي شادي جو شڪار ٿيون آهن، UNICEF جي انگن مطابق پاڪستان ۾ ننڍي ڄمار جي شادين (Child Brides) جو تعداد 1,909,000 آهي جيڪو دنيا ۾ 6 هين نمبر تي آهي. ننڍي ڄمار ۾ شادين جو سلسلو ائين جاري رهيو ته 2030ع 1 بلين ڇوڪريون ننڍي ڄمار جي شادي جو شڪار ٿينديون. 2017ع جيStudy مطابق پاڪستان ۾ ٻاروتڻ جي شادي جي خاتمي سان 6229 ملين ڊالر آمدني ۽ پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو. ٻالڪپڻ جي شادين جو اهم سبب غربت، جهالت، ريتون رسمون ۽ نياڻين جي تعليم جو نه هجڻ آهي جيڪڏهن نياڻيون اسڪول وڃن ٿيون ته به پنج درجا پاس ڪرڻ کانپوءِ انهن کي اڳتي ڪونه ٿو پڙهايو وڃي ۽ انهي کي جهالت جي اونڌاهي ۾ ڌڪي معصوم گلڙن جي خوابن جو سرعام قتل ڪيو وڃي ٿو، چوندا آهن ته علم روشني آهي، علم انسان جي ٽئين اک آهي علم لازوال دولت آهي پر نياڻين کي انهي لازوال دولت کان محروم رکيو وڃي ٿو ۽ انهن کي ڇوڪرن جي برابر نٿو سمجهيو وڃي ۽ بنيادي حقن ۽ ضروتن کان پري رکيو وڃي ٿو خاص ڪري تعليم جهڙي انمول زيور کان محروم رکيو ٿو وڃي. آمريڪي اسڪالر برگهم ينگ جي چوڻي آهي ته ” مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو، عورت پڙهي ته نسل پڙهيو“.
پاڪستان دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏجي واعدو ڪيو آهي ته ٻاروتڻ جي شادين کي 2030ع تائين گهٽائيندو ۽ جٽادار ترقي واري حدف نمبر-5 صنفي برابري (Gender Equality) کي پورو ڪندو. پاڪستان اقوام متحده جي ٻارن جي حقن جي عالمي مهاعدي (UNCRC) سان گڏ عورتن جي خلاف امتيازي سلوڪ واري مهاعدي(CEDAW) تي پڻ 1996ع۾ صحيح ڪئي آهي جنهن ۾ عورتن سان هر قسم جي ٻٽي معيار کي ختم ڪرڻو آهي ۽ عورتن جي حقن کي تسليم ڪري انهن کي بااختيار ۽ سگهارو بڻائڻو آهي. سنڌ اسيمبلي قانون سازي ڪرڻ ۾ هميشه Progressive رهي آهي ۽ سنڌ واحد صوبو آهي جنهن ۾ ” ننڍي ڄمار جي شادين جي روڪٿام وارو قانون 2013ع“ پاس ڪيو ۽ ننڍي ڄمار ۾ شادين کي روڪڻ لاءِ بهترين قدم کنيو آهي.سنڌ اسيمبلي ننڍي ڄمار جي ٻارن جي شادين جي روڪٿام وارو قانون 11 آڪٽوبر 2013ع تي پاس ڪيو آهي. هن قانون جي مطابق:-
01-ڇوڪري توڙي ڇوڪريءِ جي لاءِ شادي جي عمر 18 سال آهي ٻالڪپڻ يا ننڍي ڄمار جي شادي مان مراد اهڙي شادي جنهن ۾ ٻنهي فريقنمان ڪنهن هڪ يا ٻنهي جي عمر شادي جي عمر کان گهٽ هجي.
02-ارڙهن سال کان وڏي عمر جو ڪوبه مرد ڪنهن ٻارڙي سان شادي ڪري ٿو ته ان کي وڌ کان وڌ 3 سال گهٽ کان گهٽ 2 سال قيد بامشقت ۽ جرمانو ٿي سگهي ٿو.
03-ٻارڙن جي شادي ڪرائڻ وارا يا ان ۾ مدد ڪرڻ واري شخص کي وڌ کان وڌ 3 سال ۽گهٽ ۾ گهٽ 2 سال قيد بامشقت ٿي سگهي ٿي ۽ جرمانو به لڳندو. سزا ۽ جرماني کان بچڻ لاءِ ان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هن کي معلوم نه هو ته هي ٻاراڻي شادي آهي.
04-والدين يا سرپرست يا ٻيو ڪو شخص قانوني يا غيرقانوني حيثيت ۾ بچپن جي شادي جي فروغ جي لاءِ ڪوبه ڪم ڪري ٿو يا اهڙي شادي جي اجازت ڏيئي ٿو يا اهڙي شادي روڪرائڻ ۾ غفلت ڪري ٿو ان کي گهٽ ۾ گهٽ 2 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 3 سال قيد با مشقت ٿيندي ۽ جرمانو به لڳندو.
05-جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي شادي ٿي وڃي ٿي ان جي ذميواري هن ٻار جي سرپرست ٿي لاڳو ٿيندي ۽ هن سيڪشن جي تحت اهو سمجهيو ويندو ته ٻار جو سرپرست هن شادي کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي.
06-هن قانون جي تحت ٿيندڙ جرم جو مقدمو صرف درجه اول جي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ هلايو ويندو.
07-جيڪڏهن عدالت کي هي خبر ملي ته هن قانون جي خلاف ورزي ڪندي اهڙي شادي ٿي رهي آهي ته ان شادي کي روڪڻ جو حڪم جاري ڪري سگهي ٿي.
08-عدالت ڪنهن شخص کي پهرين نوٽيس جاري ڪندي ۽ وضاحت جو موقعو ڏيندي ۽ پوءِ عدالت حڪم جاري ڪندي درخواست وصول ٿيڻ تي عدالت هن شخص يا هن جي وڪيل کي پنهنجي سامهون پيش ٿيڻ جو موقعو ڏيندي.
09-ننڍي ڄمار جي شادي جو جرم ناقابل ضمانت ناقابل راضي نامو هوندو.
10-عدالت کي هن قانون جي تحت مقدمي جي ڪاروائي 90 ڏينهن جي اندر مڪمل ڪرڻي آهي.
11-هن قانون جي ضابطن کي موثر ٺاهڻ ۾ جيڪڏهن ڪو رڪاوٽ پيش اچي ٿي ته حڪومت هن مشڪل کي حل ڪرڻ ۾ آرڊر جاري ڪري سگهي ٿي.
12-هن قانون جي تحت سٺي نيت سان ڪيل ڪنهن به عمل کي ڪنهن شخص لاءِ استعمال ڪونه ڪيو ويندو.
13-هن قانون کانپوءِ ٻالڪپڻ جي شادي 1929ع جي قانون جا ضابطا منسوخ ٿي وڃن ٿا. 1929ع جي قانون جي منسوخي جي باوجود عدالت جي سڀني فيصلن کي صحيح سمجهيو ويندو.
سنڌ حڪومت پاران ننڍي ڄمار جي شادين جي روڪٿام واري قانون 2013ع جا هدايت نامو (Rule of Business) 2016ع ۾ ٺاهيا ويا جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي قانون ڪهڙي طرح عمل ۾ ايندو ۽ شڪايت درج ڪرائڻ جو طريقو، ننڍي ڄمار جي شادي جي متاثر ٻار کي بچائڻ، حراست ۾ وٺڻ جو خصوصي طريقه ڪار، پوليس کي شڪايت ڪرڻ، عارضي حراست، ٻارن کان پڇا ڳاڇا جي دوران ڪمره عدالت مان ماڻهن کي ٻاهر وڃڻ جو حڪم، متاثر ٻار کي حاضري کان آجو ڪرڻ جو هدايت نامي ۾ تفصيلي ذڪر آهي.حڪومت هڪ صوبائي ڪميٽي جوڙندي جنهن کي ٻارن جي شادي روڪرائڻ واري صوبائي نگران ڪميٽي (PMC) چيو ويندو، هي ڪميٽي ڪراچي ۾ قائم ڪئي ويندي. جتي هو پنهنجا اختيار استعمال ڪري ٻارن جي شادي کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. صوبائي ڪميٽي چيئرمين سميت 18 ميمبرن تي مشتمل هوندي. وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمنيٽ (WDD) هر ضلع ۾ ضلعي نگران ڪميٽي (DMCs) قائم ڪندي، ضلعي ڪميٽي جي ميمبرن جي گهٽ ۾ گهٽ تعداد 11 هوندي پر ميمبرن جي تعداد چوڏهن کان وڌيڪ نه هوندي. ضلعي نگران ڪميٽي جو چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر ۽ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جو ضلعي آفيسر ڪميٽي جو سيڪريٽري هوندو. ضلعي نگران ڪميٽي جو ڪم هوندو ته، مقامي ٿاڻي يا عدالت ۾ اطلاع فراهم ڪرڻ ته ٻار جي ننڍي ڄمار ۾ شادي ٿي رهي آهي يا شادي جون رسمون ٿي رهيون آهن يا ٿي چڪيون آهن. متاثر ٻار کي ٻالڪپڻ جي شادي کانپوءِ طبي امداد فراهم ڪرڻ، جيڪڏهن ضروري هجي ته ٻار کي ڪنهن محفوظ جڳهه تي منتقل ڪرڻ جيڪو ٻار جي لاءِ قابل ئي قبول هجي، جيڪڏهن ضروري هجي ته ٻار کي قانوني مدد جي فراهمي کي يقيني بنائڻ، ضلعي نگران ڪميٽي (DMC) جو هر ٽن مهينن کانپوءِ اجلاس ٿيندو،اجلاس جي هنڌ جو فيصلو ڪميٽي جو چيئرمين ڪندو، جيڪڏهن ضرورت پوي ٿي ته ڪميٽي جا وڌيڪ اجلاس به گهرائي سگهجن ٿا. ننڍي ڄمار جي شادين جي روڪٿام لاءِ اسان کي هيٺيان ٽوس قدم کڻي ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهون ٿا.
01-سنڌ گورنمينٽ کي گهرجي ته (Rule of Business)تحت جڙيل صوبائي نگران ڪميٽي کي فحال بڻائي ۽ سڄي صوبي ۾ ضلعي نگران ڪميٽيون(DMCs) جوڙي ان کي فحال بڻايو وڃي.
02-هر ضلعي ۾ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جون ضلعي آفيسون قائم ڪيون وڃن ۽ انهن کي مڪمل عملو ۽ بجيٽ ڏني وڃي.
03-ننڍي ڄمار ۾ شادين جي روڪٿام واري قانون 2013ع مڪمل طور عمل ڪرائڻ.
04-Article-25-A تي عمل ڪرائي مفت ۽ معياري تعليم کي عام ڪرڻ.
05-شادين جي رجسٽريشن ڪرڻ ۽ نڪاح خوان ۽ پنڊتن کي رجسٽر ڪرڻ.
06-ٻارن جي برٿ رجسٽريشن کي يقيني بڻائڻ.
07-اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ڀرپور نموني سان ٻارن جي بنيادي حقن ۽ ٻارن جي متعلق اقوام متحده جي جڙيل ڪنويشن ۽ ننڍي ڄمار جي پابندي واري قانون 2013ع جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ.
08-ڇوڪرن ۽ مردن (Men & Boys) کي عورتن جي ترقي ۽ حقن لاءِ بااختيار بنائڻ لاءِ Engage ڪرڻ
09-ٻارن جي لاءِ صحت ۽ تعليم جي سهولتن سان گڏ زندگي گذارڻ جي مهارتن (LSBE) جي تعليم کي عام ڪرڻ.
10-گورنمينٽ جي ادارن ۽ انٽرنيشل ڊونر ايجنيسر کي انهن ملڪن ۾ وڌيڪ سيڙيڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي بچپن جي شادين جي شرح وڌي رهي آهي.اهو وقت پري ڪونهي جڏهن ڇوڪريون ۽ عورتون پنهنجي حقن ۽ حيثيت جي لحاظ سان برابر جون انسان تسليم ڪيو وينديون. اسان سڀ خوب ڄاڻو ٿا ته اونڌاهي چاهي ڪيتري به شديد ڇو نه هجي روشني جي هڪ چڻنگ اونڌاهي جي خوف کي مٽائي ٿي ڇڏي.
پاڪستان کي فلاحي رياست جي تصور کي عملي جامعو پهرائڻ لاءِ اسان کي انهي روشني جي چڻنگن کي اسان جي ڌيئرن کي، اسان جي عورتن کي بااختيار ۽ سگهارو بڻائي ملڪ کي خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائي سگهجي ٿو انهي لاءِ ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ (Mass Mobilization)، قائدا نه صلاحيتون پيدا ڪرڻ (Leadership Skills)۽ پرڀور پيروڪاري (Advocacy) جي ضرورت آهي.پيروڪاري هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ فيصله ساز پوزيشن تي موجود ماڻهن يا معاشرتي يا سياسي طور تي بااثر ماڻهن کي شامل ڪري پاليسي يا قانوني سطح تي تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن مسئلي کان منهن ڏيئي سگهجي. هتي سول سوسائيٽي، سماجي تنظّيمن، سياسي جماعتن، مذهبي اڳواڻن، نوجوانن ۽ چونڊيل نمائيندن جو پرڀور ڪردار جڙي ٿو ته ننڍي ڄمار جي شادين تي پابندي واري قانون 2013ع تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور طور تي پيروڪاري ڪري اسان جي نياڻين جي مستقبل کي محفوظ ۽ روشن بڻائي سگهن ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *