تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ٻار کي توهان جي دوستي، سنڀال ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي … پون ڪمار منڌاڻ

ٻارن کي توهان جو وقت ، ڌيان ۽ محبت کپي ڇوته محبت ۽ ڌيان کانسواءِ ڪوبه ٻار صحيح طريقي سان واڌ ويجهه نٿو ڪري سگهي، پيسا ڪافي نه آهن، رانديڪا ۽ رانديون ۽ فيشن ايبل قيمتي ڪپڙا ۽ مهانگو اسڪول اهي شيون سڀ ناهن جيڪي توهان جي ٻار جي ضرورت آهن، هن کي توهان جي محبت توهان جي دوستي، توهان جي سنڀال توهان جي رهنمائي ۽ ڊسيپلين جي ضرورت آهي هن کي توهان جي پيار واري ڌيان جي ضرورت آهي ته جيئن هن کي يقين ٿئي ته هو اڪيلو ڪونهي ۽ ڪو اهڙو آهي جيڪو هن کي ڏاڍو پيار ڪري ٿو، ۽ ڪو اهڙو جنهن تي هو رات ياڏينهن ڪنهن به وقت ڀروسو رکي سگهي ٿو. ٻار اوهان جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهي پئسن ميڙڻ ۾ ايترو مصروف نه ٿي وڃو جو پنهنجي عظيم ترين زخاني کي نظرانداز ڪريو.
اڄ ڪلهه والدين مصروف ٿي پيا آهن هنن کي ڪرڻ لاءِ گهڻائي ڪم آهن پيءُ ڪنهن ڪمپني جو وڏو آهي جهاز ۾ چڙهي ٻين ملڪن ڏانهن واپار سانگي وڃي ٿو موڪل واري ڏينهن تي گولف کيڏي ٿو ۽ ڊائيننگ ٽيبل تي موبائل فون تي ڳالهائيندو رهي ٿو، اهڙا والدين چوندا اسان کي سرگرم زندگي گذارڻي آهي وقت سٺو گذري ٿو پر ان جو اهو مطلب ناهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي انهن جي آرام ۽ آسائش جو هر سامان انهن کي مهيا ڪيو آهي، خاص طور ڊزائين ٿيل بيڊروم آهن ۽ انهن جي سنڀال لاءِ خاص طور تي سکيا ورتل بيبي سيٽر به موجود آهي انهن کي هڪ ڪار ۽ ڊرائيور استعمال لاءِ الڳ مليل آهي جيڪو انهن کي اسڪول ڏي وٺي وڃي ٿو ۽ واپس آڻي ٿو انهن جي هر ضرورت لاءِ اسان نوڪر مقرر ڪيا آهن انهن کي خبر آهي ته اسان انهن سان پيار ڪريون ٿا گهڻائي وچئين طبقي وارن والدين جي حالت به انهن کان بهتر ڪونهي. گهر ۽ ڪم واري جاءِ جي وچ ۾ ڊوڙندي ڊڪندي يا ٻٽي نوڪري ۾ سهڪندي زندگي گذارين ٿا ڪم ڪندڙ مائرون سمجهنديون آهن ته جيترو ٿورڙو وقت ٻارن کي ڏين ٿيون اهو ڪافي آهي، غريبن جو حال اهو آهي ته هو گهرڀاتين جي پيٽ ڀرڻ لاءِ جدوجهد ۾ ٻارن کي وقت ڏيڻ جو سوچي به نٿا سگهن.
مان سڀني والدين کي چوان ٿو ته توهان جي ٻارن کي توهان جي پيار جي ضرورت آهي ۽ اها هرشي کان اتم آهي روح جي فطرت پيار آهي ۽ پيار کانسواءِ ڪوبه ٻار صحيح طريقي سان پرورش نٿو وٺي سگهي توهان کي ضرور پنهنجو وقت انهن کي ڏيئڻو آهي انهن جي آساني سان موڙ کائيندڙ ذهنن ۾ اخلاق جا ٻج ضرور پوکيو جن کانسواءِ زندگي بي مقصد آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *