تازا ترين
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*

ٻارڙن کي جنسي حراسان کان ڪيئن بچائجي؟ … منظور ھاليپوٽو

عمر جو ھڪ حصو جيڪو ٻارسڏرائيندو آھي اھو حصو ڪنھن حد تائين جسماني فيصلا سازي يعني ذھني طور  ڪمزور تصور ڪيو ويندو آھي ان حصي ۾ ٻار جو استصحال يعني ڪھڙي به طريقي سان غلط استعمال ٿيڻ  جا وڌ ۾ وڌ موقعا ھوندا آھن، عمر جي ان مرحلي  گذرڻ  بعد سندس باقي حياتي تي ٻالڪپڻ جي سرگرمين جا گھرا اثر  پنھنجو سلسلو قائم رکيو ايندا آھن جن جو باقي معاشري تي پڻ اثر پوندو آھي. خاص ڪري جنسي استصحال ٻار جي عمر تي جيڪي ناڪاري سماجي اثر ڇڏي ٿو سي لکڻ لا ھڪ الڳ موضوع گھرجي، ٻار کي جنسي حراسان گھر کان شروع ٿيندو آھي ان کي روڪڻ جا اپاءُ وٺڻ آسان آھي، بلوغت واري عمري جا ويجھا سال چاھي ٻار بالغ نـ ٿيو ھجي بايولاجيڪل تبديلي جا ھارمونز ٺھڻ جي تياري واري مرحلي دوران  ٻار ۾ عجيب تبديليون تجسس پيدا ٿيندا آھن، ٻار ڪڏھن ڪڏھن اھڙيون عجيب فحش حرڪتون ڪندا آھن جنھن جو ٻار کي مائٽ تـ ناھي سيکاريندو پر جينتاتي انساني موروثي طور  ڊي اين اي رت ۾ اھي شيون ھئڻ ڪري ٻار ھارمونز /اسپرم کي ڪھڙي طرح بـ وقت کان اڳ خارج ڪرڻ جي ھر ممڪمن ڪوشش ڪندو آھي ۽ کوڙ سارا ٻار ان عمل ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن پوءِ اهي وقت کان اڳ بالغ ٿي چڪا ھوندا آھن سندس اھڙو عمل ھم عمر جي ٻارن لا برو ثابت ٿيندو آھي جنسي عمل حرڪتن حنسي حراسان کي ختم تـ نـٿو ڪري سگھجي پر ان تي ضابطو آڻي ٻار کي ھڪ سٺو شھري بڻائي سگھجي ٿو. 
ٻارن کي گھڻو وقت اڪيلو نـ رھڻ ڏجي اڄ ڪلھه جي دور ۾ موبائل ڪمپيوٽر ٽيبليٽ جھڙيون سھولتون ڏئي پاڻ غافل ٿي وڃون ٿا، ٻارن جي غيرضروري چرپر تي نظر رکڻ گھرجي، ڪمري جو در بند ڪري ويھڻ نـ ڏجي ائين ڪرڻ سان ٻار ۾ جنسي خيال پيدا ٿيندا آھن جنهن سبب هو غلط سرگرمين جو شڪار ٿي ويندو آھي، ٻارن جي دوستن تي بـ نظر رکڻ گھرجي تـ ڪھڙي عمر جي ٻارن سان دوستي اٿس پاڻ کان وڏي عمر وارن جي دوستي جنسي حراسان جو سبب ثابت ٿيندي آھي. ٻارن جي دوستن توڙي سئوٽ ماساتن کي ڪمري اندر اڪيلو ويھڻ نـ ڏجي جيڪڏهن گھڻو ضد ڪن تـ انھن تي نظر رکڻ گھرجي.ٻارن کي فارغ ويھڻ نـ ڏيڻ گھرجي ڇاڪاڻ تـ  عمر جو ھي حصو بري يا سٺي ڪم کي جلد قبول ڪري وٺندو آھي انڪري ٻارن کي پاڻ سان گڏ ڪنھن ڪم ۾ باقائدي مصروف رکو.ٻارن کي اونڌو ۽ سڌو سمھڻ کان منع ڪيو انھن  ٻنھي  پوسجرز ۾ ليٽڻ سان سلفي خيال ايندا آھن انڪري ٻارن کي پاسي  ڀر سمھڻ  جو عادي ڪجي . پاڻ سان گڏ  روزمرھ جي مذھبي عبادتن  جو پڻ عادي ڪجي ائين ڪرڻ سان ٻار صاف سٿرو رھي پاڪيزا رھندو.
بلوغت واري عمر کي ٻار ويجھو اچي ان وقت واش روم ۾ گھڻو وقت لڳائڻ تي ٻارجو ماءُ پيءُ ان کي تنبيهھ پڻ ڪري، معصوميت واري زماني ۾ ٻار کي خاص عضون کي ڇيڙڻ کان منع ڪجي بعد ۾ عادت پوڻ ڪري جنسي خيالن کي فروغ ۾ ڏيڻ ۾ مدد ملي ٿي، اڻڄاڻ ماڻھن سان ملڻ کان تنبيهھ ڪجي ۽ ڪو رشتيدار حد کان وڌيڪ پيار ڏئي ٿو تـ ان جو سبب  اھڙي طريقي سان پڇا ڪيو جو ٻار محسوس نـ ڪري ۽ ٻارن کي گھڻو وقت رشتيدارن وٽ ويھڻ کان منع ڪجي، خاص ڪري پيار ۾ ڳلن کي ڇڪڻ، چمي ڏيڻ ڀاڪر پائڻ جھڙي عمل کان منع ڪجي، ٻارن جي شين کي موبائل کي پڻ غير محسوس طريقي سان چيڪ ڪندا رھو تـ جيئن خبر پوي ٻار جي الماڙي ۾ڪھڙي قسم جو مواد پيل آهي اڄ ڪلھه ميڊيا تي ٻارن جي رازداري جي نالي سان ٻارن کان پري رھڻ لا مسلط ڪيو پيو وڃي، جڏھن تـ ماءُ پيءُ ئي ٻار جي ڀلائي کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو پر ميڊيا تي  ٻار کي ماءُ پيءُ جي نظرن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻار کي بستري ۾ تڏھن وڃڻ ڏيو جڏھن ٻار گھري ننڊ ۾ وڃڻ وارو ھجي ٻي صورت ۾ ٻار جنسي حرڪت ۾ ملوث ٿي سگھي ٿو‚ ماءُ پيءُ ٻار جي سامھون جسماني حرڪتن کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ ٻار اھڙين شين کان باخبر ٿي ويندو ٻار جي سامھون با حيا لفظن جو استعمال ڪرڻ گھرجي ايتريقدر شڪي لفظ نـ ڳالھائڻ گھرجي نـ تـ ٻار ۾ وقت اڳ بي باقي اچي ويندي جنھن جو سلو مائٽ کي ڀوڳڻو پوندو آھي.اڪثر مائٽ ٻارڙن کي ملازم ڏانھن ماني کڻي وڃڻ لا ڏيندا آھن جيئن تـ ملازم الڳ ڪمرن ۾ رھندا آھن مثال سيڪيورٽي گارڊ، مال جو ڌنار ۽ ڊرائيور اھڙي قسم جا ملازم جيڪي مھينن جا مھينا گھر ناھن ويندا اھي ٻارڙن کي حوس جو نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، کوڙ سارن جڳھن تي ھڪ ٻار لاءِ استاد ديني يا دنياوي ٽيوشن پڙھائڻ ايندا آھن ان قسم جا ٻار پاڻ جنسي حراسان جي نشاني تي ھوندا آھن انھن کي بند ڪمري ۾نـ پر کليل جڳھه تي ٽيوشن جو بندوبست  ڪري ڏيڻ  گھرجي، مختلف درسگاھن ۾ وقت کان گھڻو اڳ شاگرد جو پھچڻ پڻ جنسي حراسان جو سبب بڻبو آھي ان لا مقرر وقت کان اڳ ٻار کي انسٽيٽيوٽ روم ۾ نـ ڇڏجي، ادارن کي گھرجي ٻاھر انتظار گاھ الڳ ٺاھين ڪمرن جا تالا صرف چند منٽ پھرين کولين ته جيئن وقت کا اڳ آيل ٻه يا ٽي  ٻار ڪمري ۾ وڃي نـ سگھن ٻي صورت ام اڪيلي ۾ ٻه ٻار جنسي حرڪت ڪري سگھن ٿا.ٻارن جي لڪ ڇپ واري راند تي سخت نـظر رکي وڃي ان قسم جون رانديون ٻارن لاءِ جنسي سرگرمين ڪرڻ  جو محفوظ ٺڪاڻو ھوندو آھي ان قسم جي راندين تي ڪرڙي نظر رکڻ گھرجي ٻيو اھڙيون رانديون جن ۾ ٻارن کي ھڪ ٻئي کي ڇھڻو پوي انھن تي نظر رکڻ گھرجي مثال ڌڪ چونڊڙي واري راند، اھڙي قسم جي راند ۾ وڏا ٻار ننڍن ٻارن کي مخصوص جڳھن تي ڇھڻ جي ڪوشش ڪري سگھن ٿا. ٻار کان غير محسوس طريقي سان اھڙي قسم جا سوال پڇجن جن ۾ مٽ مائٽ ۽ دوست جي ٻار ۾ گھڻي دلچسپي، ھمدري جي خبر پوي پوءِ انھن تي نظر رکڻ گھرجي. خاص ڪري مختلف سماجي  ايونٽ ۾ ويندڙ ٻار آساني سان جنسي حراسمينٽ جو شڪار ٿي سگھن ٿا ڇو تـ اتي مائٽن کان دوري ھئڻ ڪري خوف ختم ٿي ويندو آھي مثال اسڪول ٽوئر، شادين ۾ والدين کان سواءِ ٻين رشتيدارن سان وڃڻ پوءِ ڪنھن بھاني سان مائٽن جي ٽولي کان ڇڄي وڃڻ جنسي سرگرمين جو شڪار ٿي وڃڻ جو خدشو ھوندو آھي. جيڪڏهن ٻار ھر سال ٽاپ جون مارڪون کڻي ٿو يا ھميشا اداري  طرفان ان کي تحفا ملن ٿا تـ مائٽ کي ٻار جي اسسمينٽ ڪرڻ گھرجي تـ ڇا واقعي ٻار ان جو قابل آھي يا ان قسم جي ھمدري ڪٿي ٻار لا غلط تـ استعمال نـ پئي ٿئي !!!!
ٻارڙن سان جيڪڏهن جنسي حراسان جو ڪو ڪيس ٿئي ٿو تـ ان کي لڪائڻ نـ گھرجي پر فوري طور رپورٽ ٿيڻ گھرجي، رپورٽ جي بـ ھڪ پاليسي آهي اھڙي طريقي سان رپورٽ ٿئي جو ٻار جي عزت نفس مجروح نـ ٿئي ان لا عالمي ادارن رازداري جو قانون پروٽوڪول ٺاھيو آھي پر افسوس سان اسان وٽ علم۽ شعوري تربيت جي کوٽ سبب اھڙن جنسي واقعن کي سوشل ميڊيا تي بنا رازداري معيارن جي شيئر ڪرڻ ڪري متاثر ڌر تي ناڪاري اثر پون ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *