تازا ترين
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*

ٻارڙن کي انگن ڳڻن ۾ پيش ايندر مسئلا ۽ تعليم کاتو … منظور ھاليپوٽو

دنيا ۾ ڪمن ڪارن ۾ مونجھارا زندگي جو حصو آھن، مونجهارا رنڊڪون محققن کي جنم ڏينديون آھن ترقي ۾ مونجھارن جو اھم ڪردار ھوندو آهي پر شرط اهو آهي ته مونجھارن تي معنيٰ خيز مڪمل تحقيق ٿئي نـ تـ مونجھارا ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل رھندا، اھڙو مونجھارو تعليمي نظام ۾ به موجود آھي جنھن کي ڪو تعليمدان ماھر مفڪر حل نـ ڪري سگھيو آھي‚ اھو مسئلو نرسري جماعت جي رياضي واري مضمون ۾ انگڻ ڳڻن ۾ اچي ٿو، جڏھن ٻار انگ پڙھڻ شروع ڪري ٿو ڏھاڪو ڪراس ڪرڻ بعد نون جي انگن تي پھچي ٿو سخت مونجھاري جو شڪار ٿي وڃي ٿو مثال اوڻٽيھ کي نو ايڪا ٻـ ڏھاڪا کي وري اڻويهھ پڙھڻ جر ڪوشش ڪري ٿو يعني ٻن ڏھاڪن مان ٽن جو آواز ڪڍڻ کي عقل تجربو تسليم نـ ٿو ڪري، نو ايڪا چار ڏھا کي اوڻونجاهه بدران اوڻيتاليھه پڙھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اھو سلسلو اوڻانوي تائين ھلي ٿو ھر نون جي انگ تي ٻار بيھي رھي ٿو مطلب 2 ڏھاڪن مان ٽن ٽن مان چار جو اچار آوز ڪڍڻ کي سندس عقل تسليم نـ ٿو ڪري پوءِ مجبور اھو اچار آواز بنا سمجھائڻ جي مڙھيو ٿو وڃي ان قسم جي رنڊڪ ٻار جي ذھني صلاحيتن جي موت جو سبب بڻجي ٿي ھڪ سئو تائين انگ ياد ڪرڻ ٻار کي مقرر مدي کان وڌيڪ وقت جي ضرورت پوي ٿي، ٻار جو چڱو خاصو وقت ضايع ٿي وڃي ٿو ٻيو اسڪول ۾ ايندڙ اڪثر مھمان وزيٽرس يا واسطيدار تعليمي آفيسر توڙي استاد رياضي جي اسسمينٽ مھل نو ڏھاڪن وارا انگ پڇي ٻارن کي وڌيڪ مونجهھ ۾ وجھي ڇڏين ٿا، اھو مسئلو صرف سنڌي ۾ نـ پر اردو ۾ پڻ موجود آھي، انگن جي ڳڻڻ ۾ ٻيا کوڙ سارا مسئلا مونجھارا موجود آھي جيڪي ٻار جي تخليقي صلاحيتن تي ناڪاري اثر وجھن ٿا، جيئن ايڪويهھ ايڪيتاليهھ ايڪونجاھه وغيرھ بدران ھڪ ويھه ھڪ پنجاھه ھڪ سٺ ھئڻ گھرجي تـ ساڳي طرح نو اوڻٽيھه بدران ٻڙي ايڪو ٻـ ڏھاڪا نو ويهھ ٻڙي ايڪو ٽي ڏھاڪا نو ٽيهھ ٻڙي ايڪو چار ڏھا نو چاليهھ (ٻڙي ايڪو چار ڏھا چاليهھ) پڙھڻ سان ٻار جو ڪانسيپٽ واضع رھندو ۽ مونجھارو ختم ٿي ويندو ذھني صلاحيتن ۾ واڌو ايندي صرف اوڻويھه جو اچار ٺاھڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي .
تعليمي نظام ۾ ھزارين خاميون آھن جن تي ڪم ٿيڻ کپي خاص ڪري سرڪاري سطح ٿي ڪاپي پيسٽ ريسرچ بـ نـ ٿي ٿئي پرائمري درجي لاءِ درسي ڪتابن سان گڏ استادن لاءِ سبقي منصوبا تـه پري جي ڳالهھ آهي سبقن سان گڏ اڌ صفحي تي سبق جو مقصد بيان ٿيڻ گھرجي استاد ۽ شاگرد کي خبر پوي تـ ھي سبق تعليم ڇو پڙھي رھيا آھيون ‚ مون تعليم جي منصوبن تي ڪم ڪندي سرزمين تي وڃي تحقيق ڪئي ھڪ استاد کان پڇيو کٽ جو سبق ڇو ٿا پڙھايون چيائين ٻار کي کٽ چي باري ۾ ڄاڻ ڏيون ٿا، کٽ آھي کٽ ۾ پاوا آھن وري تڏ اٺ واري سبق لاءِ ساڳيو جواب ڏنائين ڪافي استاد تـ جواب ڏئي نـ سگھيا چيو سائين بس اھو سبق مليل آهي پڙھائڻو آھي . در اصل ائين نـ آھي مٿين سبقن جا مقصد زير زبر پيش جا آواز ڪڍڻ لا آھن، افسوس سان استاد ۽ شاگرد جيڪا تعليم وٺي ڏئي رھيا آھن ان جي مقصد کان واقف ناھن تـ پوءِ اڳتي ھلي معاشري ۾ ڪھڙو سڌارو آڻيندا، انھن مان ڪھڙي اميد رکي سگھجي ٿي، مون ڪجهھ عرصو اڳ مختلف اخبارن ۾ ڪالم موڪليو ھو جنھن جو متن ساڳيو ئي ھون بنا مقصد جي تعليم .
دنيا ۾ جيڪي بـ ڪم ڪار سرانجام ڏيڻا ھوندا آھن انھن کي معنيٰ خيز منزل تي پھچائڻ لا منصوبا بندي ڪري پوءِ شروعات ڪبي آھي، ڪھڙي وقت ڪھڙو ڪم ڪرڻ گھرجي، مٿاھين سطح تي منصوبن جي پلان کي باقائدي ڊاڪيومينٽ يعني ڪاغذي ڍانچي ۾ آڻبو آھي يعني ان ڪم جي ڊرائنگ ٺاھبي آھي، ننڍڙي موبائل کان وٺي ھر اليڪٽرانڪ اوزا ۾ ان کي ھلائڻ جو ھدايت نامو ان سان گڏ ڪاغذ جي شڪل ۾ ڏنو ويندو آھي،ڪاسميٽڪ جو سامان ھجي يا دوا جو سيرپ يا گوري ھجي، توڙي زندگي ھر ضرورت جي شي سان گڏ ان کي ھلائڻ لاءِ ھدايت نامو ملندو آھي پر افسوس سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ تعليم کاتو 70 سال گذرڻ باوجود ھن مھل تائين درسي ڪتابن سان گڏ سبقي منصوبا( جنھن کي انگلش ۾ ڪي بڪ چيو ويندو آهي ) تيار نـ ڪري سگھيا آھن، سبقي منصوبا استادن کي باقائدي سبق ھلائڻ ۾ وڏي مدد ڏيندا آھن تـ ڪھڙي وقت ڪھڙو سبق ڪيئن پڙھائجي، ڪھڙي سرگرمري ڪرڻ گھرجي، سبق جا حاصلات ڪيئن معلوم ڪري سگھجن، سبق جي منصوبن ۾ سڄو نچوڙ موجود ھوندو آھي جنھن ۾ ٻار جي اسسمينٽ پنھنجي اسسمنٽ شامل ھوندي آھي، سبقي منصوبن سان استاد پنھنجي فرض ۽ ٻار جي پڙھائي جي حدف کان واقف ھوندو آھي، سبقي منصوبن ۾ ڪو وڏو خرچ ناھي ايندو بس جيترا استاد آھن اوترا ڪتاب گھربل ھوندا آھن ان ۾ ڪا ردو بدل بـ نـ ٿيندي ۽ ھي ڪتاب استاد وٽ ئي ھجڻ ڪري ھڪ ڇاپو ڪافي سالن تائين ھلي سگھي ٿو، نھايت افسوس سان چوڻو پوي ٿو سنڌ جي ھڪ بـ سرڪاري اسڪول ۾ اڪيڊمڪ پلان موجود آهي نـ وري 70 سالن کان سبقي منصوبي جو ڪتاب!!!! خانگي طرح PT.CT B.Ed ڪيل استاد رٽافڪيشن نظام تحت سڌي راند سونٽي جي۔ ڪھڙي بنياد تي سبق ھلائي رھيا آھن،اسانجي سيڪريٽري تعليم ۽ وزيرتعليم کي گذارش آھي تـ اسڪول سطح تائين مشاھدا ۽ تحقيق ڪرائي تعليمي مونجھارا ختم ڪرڻ لا قدم کڻي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *