تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ٻارن ۾ وچڙندڙ بيماريون ۽ ان جو علاج … منظور ھاليپوٽو( ايڪس ھيلٿ پروموشن آفيسر عالمي ادارا ايم ايس ايف )

دنيا کي ڪائنات سان ڳنڍڻ جو ڪريڊٽ صحتمند معاشري جي ٻار ڏي وڃي ٿو‚ جيڪڏهن ٻارڙن جي ٺيڪ طريقي سان پالنا نـ ٿئي ھا تـ انسان ان جڳھه تي پھچي نـ سگھي ھان پر افسوس اسان حياتي جي ھر سرگرمي ۾ ٻار کي ناظر انداز ڪندا پيا اچون، اخبارن توڙي رسالن ۾ ورلي ڪا ٻارڙن لا ڪنڊ پاسي کان سرگرمي نظر ايندي ان ڳالهھ کي نظر ۾ رکندي مون پاڻ کي ذميورار قرار ڏئي ٻارڙن جي بيمارين جي علاج بابت جيڪو مون عالمي اداري ۾ حفظان صحت تي ڪم ڪندي سکيو ان جو ڪجھ حصو توھان سان پنھنجو ميگزين ذريعي اوھان اڳيان پيش ڪريان ٿو.
ٻار کي وھنجارڻ بابت:
گرمي توڙي سردي جي موسم ۾ ٻار کي سٺي صابڻ سان وھنجارڻ ضروري آھي، وھنجارڻ بعد ٽوال سان چڱي طرح جسم کي اگھي خشڪ ڪرڻ گھرجي. گرمي جي مند ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي دفعا يا حسب ضرورت ۽ سياري ۾ گرم پاڻي سان وھنجارڻ گھرجي. ٻار کي ڄمڻ کان پوءِ جلد پائخانو اچڻ گھرجي جيڪڏهن نـ اچي تـ ڊاڪٽر جي مشوري سان قبض ڪشي جي دوا لازمي آھي، ماءُ جو کير ٻار لا سڀ کان مفيد دوا آھي پر ڄمڻ کان پوءِ جلد ٻار کي کير جي ضرورت ناھي پوندي پر دير ۾ دير ڇهھ ڪلاڪن بعد ماءُ جو کير پيارڻ گھرجي ماءُ جو کير پيٽ جي بيمارين لاءِ شفا بخش ھوندو آھي، کير پيارڻ جا کوڙ سارا معيار مقرر ٿيل آھن، ٻار کي ڇاٿي سان اھڙي طريقي جھلي کير پيارجي جو ٻار کي تڪليف نـ اچي آرام سان کير پي سگھي، گھٽ ۾ گھٽ ھڪ پاسو لڳاتار پنج کان ست منٽ کير پيارڻ گھرجي ڇاڪاڻ تـ شروع ۾ جڏھن ٻار کير پيئڻ شروع ڪندو آهي تـ پھرين ٻـ کان ٽي منٽ پاڻي ايندو آھي پوءِ کير ايندو آھي اھڙي طرح جيڪڏهن ھر ٻن منٽن بعد پاسو مٽائجي تـ ٻار جي پيٽ ۾ کير بدران پاڻي ويندو ۽ ماءُ لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿيندو ڇو تـ کير گڏ ٿي وڃڻ سان بريسٽ ڪينسر جي امڪان سان گڏ جلد حمل ٿيڻ جا امڪان ھوندا آھن، کير پيارڻ جا وقت مقرر ڪرڻ گھرجن ڇو تـ بي وقتائتو کير ھاضمي جي نظام کي خراب ڪري ٿو ٻار کي وقت تي کاڌو ڏيڻ سان پائخاني جو وقت پاڻمرادو مقرر ٿي وڃي ٿو، ننڍي عمر ٻار پائخانو ۽ پيشاب لاءِ خاص اشارن ۾ ماءُ کي سمجھائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ماءُ ٻار جي پائخاني جي وقت کان وافق ٿي وڃي ٿي ان کي صفائي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي بي وقتائتو کاڌو ڏيڻ سان ٻار جو بي وقتائتو ۽ باربار پائخانو ماءُ لاءِ پڻ تڪليفدھ بڻجي ٿو، عام طرح ڏٺو ويو آهي ٻار روئڻ شروع ڪري تـ جلد کير پياريو ويندو آھي دراصل ائين نـ ڪرڻ گھرجي ٿورو وقت ٻار کي روئڻ لا ڇڏجي روئڻ ڪنھن حد تائين ٻار لاءِ فائديمند مند ثابت ٿيندو آھي روئڻ سان ٻار جي ڦڦڙن ۾ تازي ھوا داخل ٿيندي آھي البت ٻار پيٽ سور ڪري بـ روئندو آھي مثال گوڏن کي پيٽ سان ملا ئي يا مٺيون بند ڪري روئڻ . ڇھه مھينن تائين ٻار کي ماءُ جي کير کان سواءِ ڪجهھ بـ ڏيڻ نـ گھرجي ماءُ جي کير ۾ ڪافي مقدار ۾پاڻي موجود ھوندو آھي ان لاءِ ڇھه مھينن دوران پاڻي پيارڻ سان ٻار جي پيٽ ۾ کير جي گنجائش نـ رھندي آھي، ڇھه مھينن بعد ھلڪي نرم غذا ڏيڻ شروع ڪجي غذا ايتري نرم ھجي جو چمچ کي پاسيرو ڪرڻ سان پاڻ مرادو چمچ تان لھي وڃي. ٻار جو لباس نرم ۽ خلاصو ھجڻ گھرجي سوڙهن ڪپڙن ۾ ٻار جي نشمونما رڪجي وڃي ٿي خاص ڪري ننڍڙي ٻار کي منڊيون پارائڻ، سوڙھا چوڙا پارائڻ، مٿي ۾ سخت ٽوپ پارائڻ کان پرھيز ڪجي. ٻار لا ورزش پڻ ضروري آھي ننڍي ٻار کي بستري ۾ کليل ڇڏي ڏجي ته جيئن ھٿ پير ھڻي اڪٽر ٻار کي تنجڻ، ڪپڙي سان ويڙھڻ جي ڪري جسماني واڌ ويجھه ناھي ٿي سگھندي. ٻار جي لاءِ ننڊ تمام ضروري آھي ڄمڻ جي پھرين ڏينھن ٻار ٻاويھه ڪلاڪ لڳاتار ننڊ ڪندو آھي ۽ آھستي آھستي اھا گھٽبي ويندي آھي، ٻار جي لاءِ مالش آڍ تمام ضروري آھي سرنھه جي تيل سان مالش ڪرڻ گھرجي مالش سان عضون جي نشمونما سان گڏ خوبصورت پڻ ٿين ٿا.
ٻارن ۾ دستن جون بيماريون:
خاص ڪري ننڍو ٻار جڏھن ماءُ جي کير کان سواءِ ٻي غذا نـ ٿو استعمال ڪري ته پوءِ ان کي دستن جي بيماري ھڪ سولاليا نشان بڻجي وڃي ٿي، کير پيارڻ ۾ بيقائدگي، کير پياري جلد سڌو سمھارڻ ڪري ٻار جو ھاضمو خراب ٿئي ٿو ان لاءِ مٿي ذڪر ڪيل وقتائتو کير پيارڻ ۽ پوءِ ڪجھه وقت ھنج ۾ ويھي يا سيني سان لائڻ کانپوءِ سمھارڻ گھرجي، عام ٻارن ۾ بيماري غذا ۾ بيقائدگي صحيح طريقي سان نـ پچائڻ ٿورو ڪچو کاڌو يا ٿورو سڙي وڃڻ صفائي سٿرائي نـ ھئڻ ڪري ننڍي ٻار جو ھاضمو برداشت نـ ڪرڻ ڪري دست ٿيڻ سان ٻار ۾پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ٻار ڪمزور ٿئي ٿو. ان کان علاوھ موسم جي حساب سان ٿڌ توڙي گرمي لڳڻ ۽ ٻار جو مٽي کائڻ ڪري دست ٿين ٿا، موسم جو گھڻو خيال رکڻ گھرجي ڇهه مھينن کان مٿي عمر واري ٻار کي پيٽ جي ڪيڙن واري دوا سال ۾ ھڪ دفعو ضرور ڏيڻ گھرجي، خاص ڪري ننڍي عمر واري ٻار کي ٿڌ کان بچائجي ڇاڪاڻ ته ٿڌ توڙي سڻڀيون شيون کائڻ ڪري ٻار کي بلغم ڄمي وڃي ٿو وڏو ٻار ڪنھن طريقي نڪ ۽ وات مان کنگھي سڻڪي بلغم ڪڍي سگھي ٿو پر ننڍي ٻار لا بلغمي کنگهھ مان جلد صحتياب ٿيڻ تمام مشڪل ھوندو آهي بلغم ڪري دم بخار پڻ ٿيندو آھي جيڪو ٻار جي صحت تي خراب اثر ڇڏيندو آھي.
عام دستن جي بيماري:
ٻـ سالن تائين ٻار ڏينھن ۾ ٻـ ٽي دفعا دست ڪندو آھي ان ۾ ٻار کي پيٽ ۾ سور نـ ھوندو آھي دستن جو رنگ ڦڪو زردو ھوندو آھي ان کان پريشان نـ ٿيڻ گھرجي .
وچڙندڙ دستن جي بيماري:
جراثيمن جو پيٽ ۾ وڃڻ ڪري پھرين نرم پوءِ پاڻياٺ وارا دست الثي بخار ٿيندو آھي ھن حالت ۾جلد ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي‚
ٺڪراٽي نموني جا دست:-
مادي آنڊن ۾ ٺڪراٽي قسم جو مادو اندر رڪجڻ سان دستن جو سبب بڻجندو آھي دستن جو رنگ ڀوري رنگ جو ۽ عام پائخانا کان وڌيڪ بدبودار ھوندو آھي ان لا علاج سان گڏ نرم بلڪل پٽڙي غذا لازمي آھي.
ڏند نڪرڻ ڪري دست ٿيڻ:
ڏند نڪرڻ ھڪ قدرتي مرحلو آھي جنھن ۾ ٻار کي تڪليف ٿيندي آھي ۽ والدين پريشان ٿي ويندا آھن‚ ٻارن جي مسوڙن مان غليظ مادو وھڻ ڪري اھو پيٽ ۾ ھليو ويندو آھي ان ڪري دست ٿي پوندا آھن‚ خاص ڪري ڇهھ ست مھينن جي عمر ۾ ڏند نڪرڻ جو مرحلو شروع ٿيندو آھي جنھن ۾ احتياط ڪبو آھي ٻار جي مسوڙن ءٌ ڏياڙي ۾ سور ٿيندو آھي ان ڪري مٿو ڌونڙيندو آھي ڪڏھن ڪڏھن بخار قبضي خاص ڪري دست ٿيندا آھن ان لا حسب ضرورت علاج لازمي آھي ان لا گھڻو پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناھي ٻار بي چين ٿيندو آهي اڃ گھڻي لڳندي آھي ان لا پاڻي واري ميوات ڏيڻ گھرجي مثال نارنگي ۽ انگور وغيرھ.
پيٽ جو سور:
ھي بيماري ٻارن ۾ عام ھوندي آھي خاص ڪري قبضي بدھضمي غذا جي بي قائدگي، دير سان ھضم ٿيڻ واري غذا جو استعمال جي ڪري ٻار کي پيٽ ۾ سور ٿيندو آھي.
نشانيون : ٻار جيڪڏهن ننڍو آھي تـ تيز آواز ۾ روئندو آھي ھڏڪيون ڀريندو آھي گوڏا ڇڪي پيٽ سان لڳائيندو آھي مٺيون زور سان بند ڪري منھن جي طرف کڻي ايندو آھي، پيٽ جو سور ايترو سخت ھوندو آھي جو ٻار کي دورو پئجي ويندو آھي ۽ ان جا ھٿ پير ٿڌا ٿي ويندا آھن ھن صورت ۾ قبض ڪش عذا ۽ دوا کارائڻ گھرجي.
ٻار جو سڪڙي وڃڻ:
ھن بيماري ۾ ٻار جي نشونما گھٽجي ويندي آھي، پيٽ توڙي آنڊن ۾ چراثيم ورم پيدا ڪندا آھن خاص ڪري غذائي خرابي مصنوعي کير ۽ بوتل جي استعمال سبب ٻار جو ھاضمو ايترو ڪمزرو ٿي وڃڻ جو ٻار کاڌي کان نفرت ڪرڻ لڳندو آھي ڪمزور ٿيندو ويندو آھي جنھن کي انگريزي ۾ مالنيوٽريشن جي بيماري چئبو آھي ٻار ۾ کاڌي سان گھٽ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي آھي اکيون اندر ھلي ويندويون آھن کل پوڙھي ماڻھو وانگر ٿي ويندي آھي کل مان قوت مدافع ختم ٿيڻ ڪري اڪثر ٻار کي مکيون پٽينديون رھنديون آھن ۔ ٻار ايترو بي ھمت ٿي ويندو آھي جو مکين کي ھڪلي نـ سگھندو آھي اھڙي طرح ٻار جيڪڏهن ھن بيماري سان مقابلو ڪري زندگي جي جنگ کثي بـ وڃي تـ ٻار ۾ اينيما رت جي گھٽتائي ۽ ٿيليسما ٿيڻ جو وڏو امڪان ھوندو آھي ان لا پنج سالن تائين ٻار جي غذا جو وڏي ۾ وڏي خيال رکڻ گھرجي دنيا ۾ لکين ٻار سڪي ڪنگهه جي بيماري جي ڪري موت جو شڪار ٿين ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *