تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ٺاروشاهه ۾ قمن فقير جو مقام، اسپينش فلو جي ياد ڏياري ٿو … علي رضا قاضي

جهڙي ريت هن وقت ناول ڪوروناوائرس جي نتيجي ۾ ڦهليل بيماري ڪووڊ-19 دنيا کي تاراج ڪري ڇڏيو آهي، تهڙي طرح پوري هڪ صدي اڳ اسان جي هن ڌرتيءَ تي اسپينش فلو نالي هڪ موذي مرض هر پاسي تباهي مچائي ڇڏي هئي. فيبروري 1918ع کان شروع ٿي اپريل 1920ع تي پڄاڻي ڪندڙ هن خطرناڪ زڪامَ، پنج ڪروڙ ماڻهن کي موت جي منهن ۾ موڪلي ڇڏيو، بعد ۾ صحت جي ڪجهه ادارن انساني جانين جي نقصان کي ٻيڻو يعني 10 ڪروڙ پڻ ڄاڻايو.اهي سال يقينن انساني تاريخ ۾ بدترين سال هئا. جنهن ۾ هڪ پاسي پهرين عالمي جنگ هڪ ڪروڙ ماڻهن جي حياتين کي ڳڙڪائي وئي ته ٻئي پاسي اسپينش فلو جي قهر ۾ ڪروڙين ماڻهو پنهنجي جان تان هٿ کڻي ويٺا.اسپينش فلو جتي دنيا جي ڪل آباديءَ جو ٽيون حصو ختم ڪري ڇڏيو. اتي هن وبا هندستان ۾ اٽڪل ٻن ڪروڙ ماڻهن کي اجل جو شڪار بڻايو. سنڌ به اسپينش فلو جي اثرن کان محفوظ نه رهي. سنڌ جي ڪجهه تاريخن ۾ اڻ ڄاڻائي سبب ان بيماريءَ کي طاعون يا پليگ پڻ سڏيو ويو پر اها حقيقي طور اسپينش فلو هئي، جنهن کي مقامي زبان ۾ ساٽو پڻ چيو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ساٽي جون گهڻيون ئي معنائون آهن پر ڪنهن به وبائي بيماريءَ جي صورت جڏهن انساني موتن جو انگ وڌي وڃي ته ان کي ’ساٽو‘ چيو ويندو آهي. جهڙي طرح گڏيل هندستان ۾ ڪالرا جي موذي مرض کي پڻ ساٽي جي نالي سڏيو ويو. دنيا ۾ ڪالرا جي موذي مرض مختلف وقتن تي دنيا مٿان حملا ڪيا آهن، سنڌ به انهن جو شڪار ٿيندو رهيو.
اسپينش فلو، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پڻ خطرناڪ انداز سان نشانو بڻايو. انهن شهرن ۾ ساهتيءَ پرڳڻي جو شهر ٺاروشاهه پڻ شامل هو. ان وقت ٺاروشاهه جي آبادي ڪجهه هزار هئي، روزانه ڪيترائي ماڻهو مرڻ لڳا. هڪ ته محدود طبي سهولتن ڪري اسپتالن ۾ مريضن جي داخلا جي گنجائش نه رهي، نه ئي ايمرجنسي بنيادن تي صحت مرڪز جڙي سگهيا، جن جي ڪري بيمار ماڻهن کي ڪجهه رليف ملي سگهي. نتيجي ۾ شهر جو ڪو گهر خالي نه هو، جنهن ۾ فوتگي نه ٿي هجي. ماڻهن جي گهڻي تعداد ۾ مرڻ جي ڪري شهر جو مک قبرستان، جنهن کي سوني فقير جي مقام جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، ڀرجي ويو. هڪ ئي وقت ڪيترائي جنازا مقام ۾ آندا پئي ويا. مقام ۾ سوڙهه جي ڪري ماڻهن پاران مُردن جي دفنائن تان جهيڙا ٿيڻ شروع ٿي ويا. شهر جي ڪجهه معزز ماڻهن راءِ ڏني ته ٺاروشاهه ۾ ڪا ٻي جڳهه قبرستان لاءِ مخصوص ڪئي وڃي. ڪجهه ماڻهن جي صلاح سان مڃٺ ۽ ڀورٽي ويندڙ رستي جي وچ ۾ خالي پيل جڳهه کي مقام بنائڻ تي مسلمانن ۾ اتفاق ٿيو. ان سڄي معاملي ۾ هڪ مسئلو درپيش ٿيو ته اها جاءِ شهر جي مشهور هندو سيٺ جيوت رام مٽائيءَ جي هئي. ان کي جڏهن اهڙي قسم جو اطلاع مليو ته سندس زمين کي قبرستان ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته هن سخت قسم جا اعتراض اٿاريا. شهر ۾ هڪ پاسي مسلسل فوتگين جي ڪري جتي ماحول سوڳوار هو، اتي سخت ٽينشن پکڙجي ويو. خطرو وڌي ويو ته ٺاروشاهه ۾ ان معاملي تان هندو – مسلم جهيڙو نه ٿي پوي.
هندو ديوانن جي اهڙن روين سبب مسلمانن ۾ ڏک ۽ اشتعال جي لهر پکڙجي وئي، ايستائين جو مسلمانن مان ڪجهه مٿي ڦريل ماڻهن جيوت کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. معاملو نازڪ ۽ خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهيو هو. تان جو شهر جي ديوانن معاملي جي نزاڪت کي پروڙي ورتو. هنن جيوت رام کي ميڙ ڪري سمجهائي، زمين قبرستان لاءِ وقف ڪرائي، جنهن کانپوءِ مامرو ٿڌو ٿيو. زمين کي مقام ۾ تبديل ڪرڻ کانپوءِ جيڪو پهريون ماڻهو هن ۾ دفن ٿيو، ان جو نالو قمن فقير هو، جيڪو شهر ۾ ڏاڏي قمن فقير جي نالي سان معروف هڪ درويش انسان هو. بعد ۾ قبرستان جو نالو ئي ان درويش جي نالي سان ڏاڏي قمن جو مقام پئجي ويو. قمن فقير ذات جو ڀٽو هو. ٺاروشاه جي تاريخ ۾خاصي دلچسپي رکندڙ محمد صالح سولنگيءَ جي بقول ته ”قمن فقير واقعي به الله لوڪ انسان هو. هن جون ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. هڪ ڀيري هن هڪ ديوان جي باغ مان انب پٽيا، چوڪيدارن فقير کي سڳ سميت پڪڙي مالڪ جي حوالي ڪيو، پڇاڻي تي فقير ٻڌايو ته هن جي کيسي ۾ انب نه پر ڀتر آهن. جهڙتيءَ تي واقعي به ڀتر ئي نڪتا. فقير کي ڇڏيو ويو. جنهن باغ کان ٻاهر نڪري کيسي مان انب ڪڍي کاڌا، انهي ڪرامت کانپوءِ قمن فقير ماڻهن جي نظر ۾ الله لوڪ ئي رهيو. هن جي نالي مشهور آهي ته هو جتي ويهندو هو اتي کڏون کوٽيندو هو ۽ پنهنجي اوازان جن ۾ رنبا هوندا هئا. انهن کي چوندو هو: ابا ٿڪجي پيا آهيو، مان ته نه ٿڪو آهيان.“ خير اهي ته ڏاڏي قمن فقير جون ڳالهيون آهن. جنهن جي نالي سان ٺاروشاه ۾ قائم قبرستان سال 1919ع ۾ دنيا اندر وڏي پئماني تباهي پکيڙندڙ اسپينش فلو جو يادگار آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *