تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

يڪ زوجگي خاندان جي تاريخ … فروا ٿلهو

خاندان لفظ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ (Famulur) مان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ غلام آهي. زراعت جي دور جي شروعات سان قديم ڪميون (Commune) سماجي ڍانچي تي گهرا اثر پيا. انهن منجهان غلاميءَ جو بنياد به پيو. زراعت جي دور ۾ ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مال مويشي چارڻ لاءِ گهڻن هٿن جي ضرورت پيدا ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ قبيلي جا ماڻهو جنگ ۾ هارايل ماڻهن کي پنهنجو “غلام” بڻائيندا رهيا، جن کي Famulus جو جمع (Familia) سڏيو ويندو هو. خاندان Family جي اهڙي تاريخي پس منظر ۾ مارڪس لکيو آهي ته جديد فيملي پنهنجي ڳر (Embryo) ۾ نه صرف غلام پر (Serfdom) جا بنياد به رکي ٿي ۽ خاندان پنهنجي جز ۾ رياست ۽ سماج ۾ موجود تضادن جو اظهار هوندو آهي. خاندان جي هاڻوڪي نوعيت سمجهڻ لاءِ سماجي محرڪن ۽ تبديلين کي پرکڻ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته خاندان جي جنهن وصف کان اسان واقف آهيون، اها تبديليءَ جي عمل ۾ صرف هڪ دور (Phase) آهي جنهن کي پنهنجي ماضيءَ کان ڪٽي ڌار نٿو ڪري سگهجي. اينگلس، خاندان جي ارتقائي عمل ۾ ٽن دورن (وحشت، بربريت ۽ تهذيب) جو ذڪر ڪيو آهي. وحشت جي دور ۾ خاندان گروهن ۾ پکڙيل هو ۽ جنهن ۾ آزاد جنسي تعلق هڪ پيڙهيءَ تائين محدود ٿي وڃي ٿو. مطلب ته هڪ پيڙهي اندر ڀائرن، سئوٽن، ماساتن ۽ ٻين رشتن سان ته آزاد جنسي تعلق قائم ڪري سگهجي پيو پر اڳئين پيڙهي يا نئين پيڙهي سان جنسي تعلق قائم ڪرڻ جي حدبندي لاڳو ٿئي ٿي.
اهو ذهن ۾ رهي ته مٿي ڄاڻايل رشتن جي اڃا سماجي تعريف ۽ فرق موجود نه هو، ڇاڪاڻ ته هڪ پيڙهيءَ جا سڀ مرد ۽ عورتون هڪٻئي جا ڀائر ۽ ڀيڻون ۽ ساڳئي سبب ڪري “زال ۽ مڙس” (مطلب ته جن سان جنسي تعلق قائم ڪري سگهجي) سمجهيا ويندا هئا. هتي اهو به واضح ٿيندو اچي ته جاڳرتا يا تهذيب جي دور جا مختلف مفروضا جهڙوڪ مرد جي انا، غيرت ۽ حسد جيڪي اڄ اسان جي نفسيات جو اڻ ٽٽ حصو آهن گروهه وارا خاندان (Consanguine Family) جي سرشتي منجهه سماجي معنيٰ کان وانجهيل تصوير ۽ لفظ هئا. ڇاڪاڻ ته لفظ ۽ انهن سان جڙيل معنائن جو سرشتو سماج جي مادي بنيادن پٽاندر وجود ۾ ايندو آهي. جنهن سماج ۾ قبيلي جي رهڻي ڪهڻيءَ جو طريقيڪار کاڌي حاصل ڪرڻ کان وٺي ان جي ورهاست تائين برابريءَ جي بنياد تي آڌاريل هجي ان جا اخلاقي قدر به ساڳئي برابريءَ جو اظهار ٿيندا. مشهور تاريخدان ڪِرس هرمن پنهنجي ڪتاب “ دنيا جي عوامي تاريخ Peoples History of the word” ۾ لکي ٿو ته قديم Iroquoir قبيلي جو ڪو هڪ فرد بک سبب ايستائين نه مرندو هو جيستائين پورو قبيلو فاقه ڪشي جي حالت تائين پهچي. مطلب ته ڪنهن به هڪ فرد وٽ کاڌي جو سامان موجود هوندو هو ته اهو سڀن جو حقِ ملڪيت هوندو هو.
خاندان جي ٻي صورت پوناليوا خاندان (Punaluan Family) ۾ آزاد جنسي تعلق جو دائرو وڌيڪ سوڙهو ٿيو، جنهن ۾ پهرين ته ماءُ جي طرف کان سڳن ڀيڻين ۽ ڀائرن، بعد ۾ سئوٽن، ماساتن منجهه به جنسي تعلق جي پابندي لاڳو ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ خاندان ٻن گروهن (Gens) ۾ روهائجي ويو. هڪ گروهه جنهن ۾ قبيلي جون سڀ عورتون ۽ ٻيو جنهن ۾ قبيلي جا مرد شامل هئا. اهي ٻئي “گن” ٻين قبيلن يا هڪ ئي قبيلي اندر موجود مختلف “گن” سان جنسي تعلق قائم ڪري سگهن پيا پر پنهنجي اصل “گن” جي عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ اهو تعلق قائم نه پئي ٿي سگهيو. هتي هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته “گن” جي اهم فيصلن جي مالڪ “گن” جون عورتون هيون، جهڙوڪـ؛ اولاد جي شادي وغيره جا معاملا طئي ڪرڻ ۽ جيڪڏهن ڪجهه حالتن سبب مرد “گن” جي عورتن سان تعلق ختم ڪندو هو ته پنهنجي ساهه گهرو سامان سان گڏ مرد کي اُهو “گن” ڇڏڻو پوندو هو، ڇو ته گهر، اولاد ۽ ساده گهرو سامان عورتن جي ملڪيت سمجهيو ويندو هو. پر ان جو مطلب اِهو هرگز ناهي ته پوناليو خاندان ۾ عورتن جي مردن مٿان حاڪميت هوندي هئي، جهڙي طريقي جي حاڪميت اسان کي پدرشاهي سماج ۾ مرد جي عورت مٿان نظر اچي ٿي، مرد ۽ عورت ٻنهي کي هڪٻئي سان تعلق ختم ڪرڻ جي هڪ جيتري اجازت هوندي هئي ۽ جڏهن ته هڪ مرد پنهنجي ساٿي مردن کي ۽ عورت پنهنجي ساٿاڻين کي “پوناليوا” مطلب ته ساٿي سڏيندا هئا. اِن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته تهذيب جي دور جا مرد ۽ عورت جي فطرت بابت مفروضا جهڙوڪ غيرت، حسد، غيريقينيت Insecurity ۽ عورت سان لاڳاپيل جذبا جهڙوڪ Chasisty and Lust، پوناليوا سماج ۾ بي معنيٰ هيا، ڇاڪاڻ ته سماج اڃا ذاتي ملڪيت ۽ طبقاتي مت ڀيد کان آزاد هو بربريت جي دور جي شروعات سان خاندان هڪ شڪل اختيار ڪري ٿو، جنهن کي اين گلس جوڙا خاندان سڏيو آهي. جوڙا خاندان جي وجود ۾ اچڻ سان مرد ۽ عورت جي وچ ۾ هاڻي شادي جهڙي مهانڊي (پوءِ ڀلي اها ڪيتري به عرصي ۾ هجي) جو بنياد پوي ٿو، جنهن ۾ هڪ مرد ۽ عورت جوڙي جي صورت ۾رهن ٿا. جيتوڻيڪ ان رشتي ۾ رهندي به مرد ٻين سان جنسي تعلق قائم رکي سگهي پيو ۽ (Polygamy) ۽ (Infidelity) جتي مرد لاءِ روا رهيون اتي عورتن تي اها پڪڙ وڌي ته شاديءَ جي رشتي ۾ رهندي ڪنهن ٻئي سان تعلق رکڻ کي انتهائي ناگوار سمجهيو ويندو هو ۽ جنهن جي ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ عورتن لاءِ سخت سزائون به رکيون ويو.
سماجي تبديلين جا محرڪ به سماجي ٿيندا آهن، مطلب ته انهن جو بنياد مادي معروضي حالتن ۾ موجود هوندو آهي. بربريت جي مٿانهين دور ۾ جڏهن ايشيا کنڊ جي جاگرافيائي Location جي ذرخيز هجڻ ڪري مال مويشي پالڻ ۽ انهن کي کاڌ خوراڪ لاءِ زمين کي کيڙي اناج، ڀاڄيون ۽ ميوو اپايو ويو، جنهن ڪري شڪار (Hunting) جيڪو بربريت جي هيٺين دور ۾ کاڌي حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو هو هاڻي هڪ سهولت بڻجي ويو ۽ قبيلا هڪ جڳهه تي آباد ٿيڻ لڳا. زراعت سان جيڪا واڌو پيداوار پيدا ٿي پهرين ته اها “گن” جي ملڪيت سمجهي ويندي هئي پر آهستي آهستي اها “گن” جي اندر ننڍن خاندانن جي ذاتي ملڪيت بڻجڻ لڳي، جنهن جو مالڪ خاندان جو مرد ٿيو. ذاتي ملڪيت جي وجود ۾ اچڻ سان اِهو ضروري ٿيو ته ملڪيت مرد جي فطرتي اولاد ۾ منتقل ٿيڻ گهرجي، نتيجي طور “عورت” مرد جي نجي ملڪيت ۽ تبديلي ٿي. هتي ذاتي ۽ نجي ملڪيت ۾ فرق ڪرڻ تمام ضروري آهي. ذاتي ملڪيت واڌو پيداوار جو ذريعو آهي جنهن بنياد تي هڪ طبقو ٻي طبقي جو استحصال ممڪن ٿيندو آهي، جڏهن ته نجي ملڪيت فرد جي پنهنجي استعمال ۾ ايندي آهي جنهن جا حق ۽ واسطا انهيءَ جي هٿ ۾ هوندا آهن. ان معنيٰ ۾ مارڪس مطابق “عورت” نجي ملڪيت جي پهرين شڪل آهي جيڪا مرد جي نسل کي پيدا ڪرڻ، پالڻ، گهرو ڪم ڪار ڪرڻ ۽ زندگيءَ کي بحال رکڻ بنا ڪنهن معاوضي جي ڪم ڪندي رهندي آهي.
مارڪس جي لفظن سان ختم ڪنديس ته “ذاتي ملڪيت ۽ ان سان سلهاڙيل يڪ زوجگي سرشتو عورت جي تاريخي هار آهي”. ذاتي ملڪيت جي خاتمي سان ئي يڪ زوجگي خاندان جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ مرد ۽ عورت جو رشتو برابري ۽ پيار جي بنياد تي قائم ٿي سگهي ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *