تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

يوناني دور ۾ عورت سان ٿيندڙ تذليل جو جائزو …سنڌيڪار: طفيل مگسي

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يوناني دور ۾ عورت ذات کي گهٽ درجي واري نظر سان ڏٺو ويندو هو.اهڙي عمل ۾ يونان جي ماڻھن سان گڏ ان دور جا فلاسافر به نظر اچن ٿا. انهن ماڻھن ۾ ان وقت جو تمام وڏو مشهور فلاسافر پليٽو به هڪ آھي.جنهن عورتن جي ڪردار جي حوالي سان چيو هو ته عورتن جو ڪردار صرف ۽ صرف گهريلو زندگي تائين محدود آھي ھڪ ٻيو فلاسافر انهن ئي خيالن ۾ يقين رکندو هو ته جنهن مساوات تحت عورت کي مرد آڏو زيردست ڪيو ويو آھي۽ مردن مٿان واجب ٿيئي ٿو ته اهي عورت تي غالب اچن.هڪ پيءُ ھجي يا ڪنهن عورت جو مڙس هجي انهن مردن کي پنهنجي ڌيئرن توڙي زالن مٿان صرف حڪمراني ئي ڪرڻي آھي ڇاڪاڻ ته عورت ذات فلاسافي يا ڪنهن ٻي اهڙي شي سان سنئون سڌو فائدو حاصل ڪرڻ جي قطعي به لائق ڪونهي.. بقول سندس ته انهن عورتن کي نه رڳو خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي پر پنهنجي مڙسن طرفان لاڳو ٿيندڙ ھر قسم جي حڪمن جي بجا آوري به ڪرڻي پوندي ان ۾ ته ڪوبه شڪ ڪونهي ته يوناني دور جي عورتن ۾ ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت هوندي هئي پر ذھني صلاحيت وري سطحي هوندي هئي اهو ضروري هو ڇاڪاڻ ته ان دور جي عورت هڪ طرف ته ڪنهن ٻئي کي تڪليف ڏيڻ کان محتاط رهندي هئي ته وري ٻئي طرف هن کي پنهنجي حفاظت جي لاءِ پاڻ ئي بندوبست ڪرڻو پوندو هو. توڙي جو اهي عورتون پنهنجي والدين ۽ پنهنجن مڙسن طرفان ڪنٽرول ۾ رکيون وينديون هيون. مردن طرفان عورتن تي اهڙي ضبطي يا ڪنٽرول کي “ميل شائونزم“ طور تي به سڃاتو وڃي ٿو. اهي مرد ان دور جي عورتن جا ڄڻ ڪي گارڊ ھئا جن کي قيارئوس چيو ويندو هو. ان دور جون عورتون پنهنجي گذر سفر جي لاءِ مختلف قسمن جون ننڍيون ننڍيون شيون يا واپرائجندڙ مصالحا ۽ دوائون وڪرو ڪنديون هيون پر انهن دوائن توڙي مصحالن مان ٿيندڙ آمدني ايتري ته ناڪافي يا گهٽ ھئي جو ان آمدني مان اهي عورتون پنهنجي گهر جي چلھه ھڪ وقت به ٻاري نه پئي سگهيون.
يوناني دور ۾ ڇوڪرين جون شاديون ڪن معاهدن خاطر ڪرايون وينديون هيون جڏھن ته پيار ۽ محبت جون شاديون نه هئڻ جي برابر هيون. ان دور ۾ به شادين جو ٿيڻ طبقاتي نظام هيٺ ھو. امير ماڻھو پنهنجن عورتن جو پرڻو امير طبقي ۾ ڪرائيبندا هئا ۽ غريب ماڻھو پنهنجي عورتن جو پرڻو وري ڪنهن پاڻ جهڙي غريب خاندان ۾ ڪرائي ڇڏيندا هئا شادين ۾ ڇوڪرين کي جيڪو ڏاج ڏنو ويندو هو اهو ان ڇوڪري جي پيءُ جي ملڪيت مان سندس جو ئي حصو هوندو هو. ڏاج ۾ ٻين گهريلو شين کان علاوه پئسا، سون، ڪپڙو ۽ فرنيچر گهڻي مقدار ۾ شامل هوندو هو جيڪڏھن اتفاق سان مڙس زال کي طلاق ڏئي به وجهندو هو ته ان مڙس کي پنهنجي طلاق يافتا زال جي خاندان ڏانهن اهو سڀ سامان واپس ڪرڻو پوندو هو.جيڪو شادي ٿيڻ دوران ڇوڪري پاڻ سان گڏ کڻي ايندي هئي. ڇوڪرين سان ايڏو ته امتيازي سلوڪ روا رکيو ويندو هو جو ڪابه ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي “وارث“ نه ٿي سگهندي هئي. جيڪڏھن ڪنهن پيءُ کي پٽ جو اولاد نه هوندو هو ته پوءِ ان ڇوڪري جو پيءُ ان ڇوڪري جي مڙس يعني پنهنجي نياڻي کي پنهنجي خاندان سان گڏ ڪري وٺندو هو.۽ ان ڇوڪري کي ڄڻ هڪ پٽ جي حيثيت حاصل ٿي ويندي هئي ۽ اھڙي طرح اهو ڇوڪرو پنهنجي سهري جو وارث بڻجي پوندو هو.
ڇوڪري کي طلاق ڏيڻ جي مامري ۾ خاص طور ٿيندو ائين هو ته شروعات ان شادي شده ڇوڪري جي مالڪن طرفان ٿيندي هئي.طلاق جي مامري ۾ ان ڇوڪري جي رضامندي ۽ مداخلت کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويندو هو. باقي اهو بنهه گهٽ ٿيندو هو ته شادي شده ڇوڪري مڙس کان طلاق وٺڻ جا ڪي قدم کڻي سگهي ڇاڪاڻ ته طلاق جي مامري ۾ سڀ کان پهرين ان ڇوڪري جي پيءُ ان ڇوڪري يعني پنهنجي ڌي جي مڙس کان پنهنجي ڌي جي طلاق جي گهر ڪندو هو ۽ پنهنجي ڌي کي شادي ۾ ڏنل ڏاج جي واپسي جي گهر پڻ ڪندو هو. وڏي ڳالهه ته ڇوڪري جو پيءُ پنهنجي ڌيءُ جي طلاق وارو مامرو ڪهڙي وقت به اٿاري سگهندو هو ۽ ڪنهن به وقت پنهنجي ڌي جي واپسي جي گهر ڪري سگهندو هو. جنهن جي پوئيواري ان ڇوڪر ي جي مڙس کي هر حال ۾ ڪرڻي پوندي هئي ۽ جڏھن طلاق ٿي ويندي هئي ته ان ڇوڪري مان پيدا ٿيل اولاد مٿان سندس پيءُ جو حق تسليم ٿيل هوندو هو. انهن ٻارن کي پنهنجي پيءُ جي پراپرٽي طور ليکيو ويندو هو. ان دور ۾ ھڪ شادي شده عورت جي ذميواري فقط پنهنجي گهر سنڀالڻ ۽ پنهنجي مڙس جو مڪمل خيال رکڻ تائين محدود هوندي هئي. ان عورت تي اهو فرض ٿيل هوندو هو ته اها گهر ۾ ھجي جتي ھو صرف ڪپڙا سبڻ. ٽاڪي ٽوپي جو ڪم ڪرڻ ۽ ان سان گڏ مذھبي تهوار ملهائڻ تائين محدود هئي.
يوناني دور ۾ عورت لاءِ اهو پڻ لازمي هو ته هوء صرف ئي صرف ٻار پيدا ڪري .پنهنجي مڙس جي تسڪين جو پورائو ڪري ۽ گهر جي رڌ پچاءُ جي ڪم ۾ رڌل هجي باقي هڪ نيڪ يا سٺي عورت جو خاڪو ان معاشري ۾ ائين هوندو هو جو ان عورت جو آواز ڪو به اجنبي ماڻھو ٻڌي نه سگهي ۽ نه ئي ان عورت کي ڪنهن اجنبي ماڻھو ڏٺو هجي .اهوئي سبب هوندو هو جو جڏھن ڪو به ماڻھو ان عورت جي مڙس سان ملڻ ھنن جي گهر ۾ ايندو هو ته ان وقت ان عورت کي پنهنجي گهر مان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻو پوندو هو. باقي انهن عورتن کي اها آزادي ضرور هوندي هئي ته اهي عورتون ٻين عورتن سان سماجي ناتا ۽ واسطا رکي سگهن .لکڻ ۽ پڙھڻ جي حوالي سان انهن منجهان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورتون مس هيون .يوناني دور ۾ عورتن جي “عصمت فروشي“ کي قانون موجب اجازت مليل هوندي هئي.بلڪ ايستائين جو انهن عصمت فروشي ڪندڙ عورتن جا قانون تحت اگهه مقررر ٿيل هوندا هئا.جيڪي اهي عورتون گهٽي جي ڪنهن موڙ وٽ بيهي پنهنجن پنهنجن گراهڪن کان وٺنديون هيون. اتفاق سان جيڪڏھن هڪئي وقت ٻه گراهڪ عصمت فروشي ڪندڙ عورت سان ملڻ چاهيندا هئا ته اهي ٻئي گراهڪ ان عورت کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ٽاس ڪندا هئا بعد ۾ جيڪو ٽاس کٽيندو هو اهوئي ان عورت کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. ان دور ۾ خصوصي طور اهي عورتون بلڪل به نڀاڳيون سمجهيون وينديون هيون.جن عورتن جا مڙس ساڻن ٿورو قت گذاريندا هئا.
ماضي قديم جي مصر ۾ اتي جي مردن کي جيڪي به حق حاصل هوندا هئا تهڙو ئي وقار عزت ۽ حق عورتن کي به مليل هوندو هو . روم جو معاشرو عورتن کي ڪڏھن به پنهنجي جاگير نه سمجهندو هو.رومي معاشري ۾ عورتن جي فرمانبرداري وارو عمل اتي جي موجود شاندار تهذيب جو ڄڻ رکوالو هو ڇاڪاڻ ته عورتن جي فرمانبرداري انهن ويليوز سان منسلڪ هئي جيڪي ويليوز عورتن جي مڙسن طرفان سندن گهرن ۾ متعارف ڪرايا ويا هئا ۽ اھي ئي ويليوز انهن مقرر ٿيل شادي واري ادارن ۾ نمايان هوندا هئا اتي جي عورتن کي نهايت ئي پاڪ دامن. پرهيز گار عصمتدار . حيادار ۽ خود دار نظر سان ڏٺو ويندو هو. عورت کي پنهنجي جاگير تصور ڪرڻ يا جاگير سمجهڻ ان کي زيردست ڪرڻ ۽ ان کي مرد جي ماتحت بنائڻ انهن سڀني ڳالهين ۾ مرد جو وحشي پڻو موجود آھي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *