تازا ترين
  • *نئون ڪوٽ: ڪلوئي ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڄڻن جي فوت ۽22 بيهوش ٿيڻ وارو مامرو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي ٿرپارڪر جون ٽيمون ڳوٺ بچل سومرو پهچي ويون *نئون ڪوٽ: پي پي ايڇ آءِ ۽ ڊي ايڇ جون ڌار ڌار ٽيمن متاثر ڳوٺاڻن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو *زهريلي ڏهي ۽ زهريلو کير پيئڻ سبب واقعو پيش آيو، عورت سميت 2ڄڻا فوت ٿي ويا آهن: ڳوٺاڻا*
  • *اسلام آباد: اي ٽي سي ۾ عدليا مخالف تقرير واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي *عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت جوابدار افتخار الدين جي اپيل تي ڪيس سيشن ڪورٽ اماڻي ڇڏيو *جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ڌمڪي واري تقرير تي افتخار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو*
  • *جروار ۾ زبون حال هيلٿ سينٽر جي عمارت جي مرمت نه ٿي سگهي، شهرين جو احتجاج *هيلٿ سينٽر جي عمارت10 ورهين کان زبون حالي جو شڪار آهي: مظاهرين *2000۾ ٺهيل هيلٿ سينٽر جي عمارت کي 2010 جي برساتن نقصان پهچايو هو: مظاهرين*
  • *پشاور: صحت کاتي جي وزير تيمور جهگڙا پاران ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو *صحت واري وزير زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انتظامن جو جائزو ورتو *ايل آر ايڇ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، زخمين لاءِ بهتر انتظام آهن: صحت وارو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 17 ڊي جي اختيار وارو معاملو *عدالت ڪيس بابت سموريون اپيلون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *اسان کي ڏسڻو آهي ته قانون جوڙڻ وقت قانون ٺاهيندڙن جي ذهن ۾ ڇا هو: ايڊووڪيٽ طارق *نيب جي قانون تحت وڌ کان وڌ سزا 14 سال ٿي سگهي ٿي: وڪيل طارق محمود*
  • *ڪراچي مان 39 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پليجاڻي واسي شاگرد گهر پهچي ويو *ڳوٺ رشيد ٽڳڙ واسي گولڊ ميڊلسٽ گلشير ٽڳر اوچتو گهر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل *
  • *وزير اعظم عمران خان پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *ڌماڪي ۾ قيمتون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي: وزير اعظم عمران خان *ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪيان ٿو: وزير اعظم عمران خان*
  • *ڪنري ۾ گستاخ خاڪن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، فرانس خلاف نعريبازي *مختلف مختلف جماعتن پاران جامع مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *ڪنري: گستاخ خاڪن سبب سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزار ٿي آهي: اڳواڻ*
  • *لاهور: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ريفرنس *شهباز شريف کي جيل اختيارين پاران احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 6 ماڻهو فوت، انگ 6 هزار 745 ٿي ويو *ڪورونا جا وڌيڪ 773 ڪيس ظاهر، انگ 3 لک 29 هزار 375 ٿي ويو*
  • *مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *قرآن پاڪ جي تعليم دوران ڌماڪو ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي: نواز شريف *واقعي تي شديد ڏک آهي، ٻارڙن جي والدين جو ڏک تمام وڏو آهي: نواز شريف*
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو *چانڊڪا پل وٽ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب طارق علي چانڊيو زخمي ٿي پيو *نظر محلا واسي زخمي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو *ڏيرا برادري سان تڪرار هلندڙ آهي، ڪجهه وقت اڳ ڌمڪيون به مليون هيون: مقتول جو ڀاءُ*
  • *پشاور: دير ڪالوني ۾ مدرسي ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا، 77 کان وڌيڪ زخمي*ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري ۽ ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهتل*مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: پوليس *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: پوليس اختياريون *ڌماڪيدار مواد هڪ ٿيلهي ۾ رکيو ويو هو: آءِ جي ڪي پي *
  • * ڌماڪي ۾ 5 کان 6 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو: ايس ايس پي آپريشن *مدرسي ۾ هڪ شڪي شخص ٿيلهو رکي ويو هو: ايس ايس پي آپريشن *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: ايس ايس پي آپريشن*
  • *پشاور: مارجي ويلن ۾ ڪوبه ٻارڙو شامل ناهي: آءِ جي ثناءُ الله عباسي *پشاور: ٽائيم بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو آهي: پوليس اختياريون *اسپتال آندل زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي: اسپتال ذريعا*

يورپ ۾ مذهبي سڌاري وارين تحريڪن جو تحقيقي جائزو … شعيب سيال

تاريخ جو علم قومن لاءِ موجودھ وقت ۾ ايترو اھم آھي جيترو انسان لاءِ ساھه. ڪابه  قوم تاريخ ڄاڻڻ بنا مستقبل لاءِ ڪا به اھڙي درست حڪمت عملي نه ٿي ٺاھي سگھي جيڪا ڊگھي وقت لاءِ بھتر ثابت ٿئي. انسان جي تاريخ ۾ نظرين ۽  خيالن جي ارتقا آساني سان پسي سگھجي ٿي. جيئن انسان چوٽون کائي سِکندو آھي تيئن ئي قومون به ھٿ ساڙائي سکنديون آھن. قومي اڳواڻ لاءِ لازم ھجي ته ھو دنيا جي تاريخ جو گھڻ رخو مطالعو ڪري، پنھنجي قوم جي رھبري ڪري. جيڪي قومون تاريخ مان سبق نه ٿيون سکن سي يقينن غلطين ڪندي ڪندي تباھي جي ڪناري تي پھچي فنا ٿي وڃن ٿيون. جيئن ته مذھب ڪنھن به رياست جو اھم محرڪ ھجي ٿو انڪري انجو ماضي ۽ سڀني مذھبن جو ماضي ڄاڻڻ اھم آھي. دنيا جي سڀني مذھبن جي شروعات کانپوءِ ان ۾ بدعت ۽ بگاڙ به ايندو رھيو آھي. انکانپوءِ تقريبن ھر مذھب ۾ وقتن بوقتن سڌارا آڻيندڙ تحريڪون Reformatory Movements ۽ سڌارا آڻيندڙ شخصيتون Reformists به پيدا ٿينديون رھنديون آھن. پنھنجي دور جي حساب سان اھي ترقي پسند به ھونديون آھن جيڪي مروج خيالن Status Quo کان بغاوت  ڪري ھڪ ننڍڙو سڌارو آڻيندي عوام کي مذھب جو ھڪ نئون رخ ڏيکارينديون آھن. اھا ڳالھه به وزني آھي ته ھر مذھبي سڌاري واري تحريڪ ۾ قدامت پسندي جو عنصر لازمي ھوندو آھي. ان سان گڏوگڏ اھا ڳالهھ ڪرڻ به جابجا آھي ته مذھبي سڌاري واريون اڪثر تحريڪن جي شڪل طريقو ۽ بڻاوت ۾ تشدد وارو خيال Idea of violence زرخيزي سان ھلندڙ ھوندو آھي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته مذھبي سڌارن ۾ سياست جو عمل دخل لازم ھوندو آھي ڇو ته سڌارو عام ماڻھو سياسي Status quo جي خلاف ورزي ڪرڻ بعد ئي ڪرڻ چاھيندو آھي ۽ اڳين حالتن Status quo جو ذميوار وقت جي رياست ۽ سياست ئي ھوندي آھي. ھيٺ يورپ ۾ مذھبي سڌارن واري تحريڪ جو تاريخي جائزو وٺنداسين ۽ ان ۾ رياست ۽ سياست جي عمل دخل تي تبصرو به ڪنداسين.  
يورپ ۾ وچين دور Medieval Ages جي تاريخ لڳ ڀڳ ھڪ ھزار سالن جي آھي ۽ اھي ھڪ ھزار سال مذھبي دڙڪي دھمان وارا رھيا آھن ته اونده جي راڄ وارا به.  جي ھا دڙڪي دھمان مان مراد آھي عام انسان کي فقط اجازت ھئي چرچ ۾ وڃڻ جي. پادري سڳوري جي حڪم کان سواءِ ڪابه مذھبي ريت رسم ڪونه ملھائبي ھئي. انجيل پڙھڻ يا انجو ورد ڪرڻ عام ماڻھو جي وس ۾ نه ھو. عام ماڻھو تي سختيءَ سان بندش ھئي ته انجيل جي ويجھو به نه وڃي ۽ فقط ٻائن ,پادرين ۽ انھنجي طبقي کي اجازت ھئي ته انجيل پڙھي ماڻھن کي ٻڌائن. ان ڪري پادري پنهنجي ذاتي مفادن واري  تشريح  ڪرڻ لڳا. بلڪل ايئن جيئن ھندو مذھب جي منسمرتي ڪتاب ۾ لکيل آھي جيڪڏھن ڪو ويش يا شڌر ويڌن Vedas جو درس ٻڌي يا پڙھي ته انھن جي رانن Thighs ۾ ٽانڊن تي گرم ڪيل شيخون وجھي انکي سزا ڏني وڃي. يورپ جي وڏن پيٽن وارن پادرن  Pot- bellied Popes  به بلڪل ان قول تي عمل ڪندي ,ھر ممڪن ڪوشش ڪري ھزار سالن جي تاريخ ڪڍي ۽ ان ۾ نه ته عوام کي اجازت ھئي انجيل پڙھڻ جي ۽ نه ئي انجيل جو ترجمو ڪنھن ٻي ٻولي ۾ ڪرڻ جي اجازت ئي. عوام جو مذھبي ڪم يا ريت رسم اھا ھئي ته ھر حال ۾ يسوع مسيح Jesus Christ جي ساراھ ڪن , عيسائي ٽمورتي Christian   Trinity  تي عقيدو رکن, رو القدوس Holy Ghost تي مڪمل عقيدو رکڻ, پوپ کي خدا جو نمائندو سمجھي شَد مَد سان ان جي واھ واھ ڪن ۽ لفظ لفظ تي لبيڪ چون ۽ چرچ ۾ ھر صبح شام حاضري ڀرن ته جيئن چرچ ۾ دان Donation ايندو رھي. ھي ھئي ھزار سالن جي عيسائيت جنھنکي ھر ممڪن دھشت ڀري انداز ۾ برقرار رکيو ويو.پوپ جي لفظ لفظ تي لبيڪ چوڻ جو نتيجو ھزار سالن تائين يورپ ۾ جھالت, غريب طبقي جي استحصال, دھشت, دڙڪي دھمان ۽ صليبي جنگين Crusade Wars جي صورت ۾ نڪتو.
چرچ ان زماني ۾ يورپ جي سياسي طاقت ھيو. جيئن ته ان وقت Roman Catholic چرچ ۽ Orthodox  چرچ سموري عيسائي دنيا ۾ فيصلي ڪن ڪردار ادا ڪندا ھيا انڪري وقت جي سياست ۽ بادشاھن ۾ ايتري جرئت نه ھئي جو انھن جي خلاف وڃن. جيڪڏھن آساني سان ھيئن چئجي ته بادشاھت ۽ سياست به چرچ جي ماتحت ھئي ته غلط نه ٿيندو. مغربي يورپ ۾ Roman Catholic Church جو راڄ ھيو ۽ باقي مشرقي يورپ ۽ مشرق جنھن ايشيائي عيسائي رياستون اچي وڃن ٿيون اتي Orthodox Church جو سڪو ھلندڙ ھيو. انھن ٻنھي چرچن جي ڪھاڻي ته تمام ڊگھي ۽ ھتي بحث کان ٻاھر آھي پر ايترو ٻڌائڻ لازم آھي ته ٻئي چرچ پاڻ ۾ ” ھڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون نه ٿيون رھي سگھن” وانگر ھلندڙ ھيو. تضاد ۽ ھڪ ٻئي خلاف فتوائون ڪڍڻ ٻنھي چرچن لاءِ عام ڳالھه ھئي. ايتري قدر جو ننڍڙي ننڍڙي ڳالھن تي جھيڙو پيو ھلندو ھيو جھڙوڪ پادري لاءِ ڏاڙھي رکڻ لازم آھي يا نه ٻيا ننڍا وڏا پادري پوپ جي اڳيان گھٽ اھميت وارا آھن يا نه وغيرھ. تاريخ ٻڌائي ته انھن چرچن جي پادرين ھڪ ٻئي خلاف “خارج ڪرڻ واري فتوي”Edict of Excommunication  به وقتن بوقتن ڏني ھئي. روم جي چرچ جو چرخو ھلائيندڙ کي Pope سڏبو ھيو ۽ آرٿاڊڪس چرچ جيڪو قسطنطنيا ۾ ھو انجون چاٻيون سنڀاليندڙ کي “عظيم بزرگ” Patriarch سڏبو ھو.انھن پادرين جي ھيٺان ٻين عھدن سان ننڍا وڏا ڪي ئي پادري ھيا ۽ ڪجھه عورتون به مذھب لاءِ پاڻ ارپڻ خاطر چرچ سان وابسطا ھيون جن کي Prioress سڏبو ھو.ٻنھي پاسن ڏي سياست ۽ بادشاھت سندن جي ماتحت ھيا. مذھبي بحث يا معاملا ايترا نه ھيا. اھي مٿيون ڳالھيون ئي ھيون جنھن ۾ يورپ ھزار سالن جي تاريخ ڪڍي جنھن ۾ استحصال,اوندھ,جھالت ,ڦرلٽ وغيرھ مذھبي نالي تي ٿيندي ھئي بلڪل ائين جيئن اڄ مسلمان دنيا ۾ ٿئي پيو. مجال آهي جو ڪو مسلمان پنھنجو مقدس ڪتاب پڙھي، سمجھي ۽ لوڪ کي حقيقتن کان آگاھه ڪري ۽ ھن ملائيت واري  مفادي ٽولي جي اثر کان مسلمانن کي آزاد ڪرائي. 
ڌن ۽ دان چرچ جي حصي ۾ ايترو ته اچي چڪو ھو جو ڪو به پادرين جي حيثيت کي للڪاري نه پيو سگھي ۽ وقت جون حڪومتون ۽ بادشاھه به سندن جي مرضي سان پيا اچن. اھو سمورو ڌن ۽ دان ماڻھن کي توھمـپرستي Superstitions ۾ ڦاسائي ھٿ ڪيل ھو.ايتري قدر جو Lands جا لکين ايڪڙ به انھن جي قبضي ۾ ھئا .Knight  جيڪو فوجي ڪم به سرانجام ڏيندو ھو سو به چرچ سڳوري جي حڪم تي لبيڪ ڪندو ھو.ان پس منظر ۾ ائين چوڻ درست رھندو ته مذھب، سياست ۽ فوج ملي ڪري ھزارن سالن تائين ھيٺين طبقي جو استحصال ڪيو ۽ زندگيون عياشين ۾ گذاري ٻين کي نيڪين جا درس ڏيڻ لڳا . وقت سر ڦوٽ پوڻ سبب طاقت جي نشي ۾ چور مٿيان سڀ گروھه پاڻ ۾ طاقت جي معاملي تي اٽڪيا ته انھن ھڪ ٻئي خلاف قدم کڻڻ شروع ڪيا. ھاڻي Power politics  شروع ٿي ۽ بادشاھن ڏٺو ته چرچ جي دولت سندن اھميت گھٽائي رھي آھي ۽ عوام ۾ انھن جي Say گھٽجي رھي آهي. يورپ جو پھريون بادشاھه جنھن چرچ ۾ مداخلت ڪري پنھنجي مرضي سان ننڍي عھدن تي پادري رکڻ چاھيا سو ھو جرمن رومن امپائير جو بادشاھ ھينري چوٿون King Henry IV وڏي پادري مداخلت تي رنجش ظاھر ڪئي ۽ روڪڻ ۾ ناڪامي ڏسي بادشاھه کي Excommunicated ڪيو. بدلي طور بادشاھ فوج سميت روم ۾ داخل ٿيو ۽ ڪيٿولڪ چرچ جي بادشاھ Normans کان مدد طلب ڪئي. تاريخ ان واقعي کي Investiture Controversy جي نالي سان درج ڪري ڇڏيو. غور سان ڏسڻ کانپوء معلوم ٿيندو ته ھن تاريخ ۾ جيڪي ڪردار آھن سي آھن بادشاھت , چرچ ۽ فوج. ھتي عوام ڳولھيو نه لڀندو ڇو ته اقتدار ۽ طاقت جي جنگ ۾ عوام کي استعمال ڪبو آھي يا ان کي اقتدار کان ٻاھر رکبو آھي. ان مذھبي گھٽن ۾ بادشاھن جا يا امير طبقي Royal Class جا پنھنجا ماڻھو اڳتي اچي مذھبي سڌارن واريون تحريڪون شروع ڪرڻ لڳا. گھڻن ملڪن ۾ ايئن به ٿيو آھي ته ان چرچ جا پنھنجا پادري به عوامي حمايت نه ڏسي سڌاري لاءِ قدم کڻندا آھن. ھي ھيو اھو سياسي ۽ مذھبي پس منظر Politico-religious background   جنھن ۾ يورپ ۾ مذھبي سڌاري واريون تحريڪون مختلف ملڪن مان شروع ٿي ,پوري يورپ کنڊ ۾ پکڙجي وڃن ٿيون..
يورپ ۾ مذھبي سڌاري واري تحريڪ ايتري تيزي سان نه ڦھجلي سگھي جيتري تيزي سان جديد دور ۾ سياسي ,سماجي ۽ مذھبي تحريڪون ڦھلجن ٿيون انجو سبب آئون سمجھان ٿو ته نه رڳو ڪميونيڪيشن جا ذريعا ھيا پر ڊڄ ,خوف ۽ ڊپ به ھيا. پر سورھين صدي کانپوء يورپ ۾ Reformation Movement تيزي سان ڦھلجڻ لڳي جنھن ۾ ھڪ ٻئي ادبي تحريڪ Renaissance Movement جواھم ڪردار آھي. ھي ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ته ھوريان ھوريان ھر تحريڪ ۾ خيالن جي تبديلي ايندي رھندي آھي ڇو ته تبديلي سميت ھر شيءِ تبديلي پذير آھي. مذھبي سڌاري واري تحريڪ کي Protestant Movement  به سڏجي ٿو ڇو ته سڌارو رومن ڪيٿولڪ چرچ جي وڌندڙ طاقت کي روڪڻ لاء  دراصل مروج مذھبي نظام خلاف احتجاجن ڪيو ويو ھيوجن ۾ ھيٺيون طبقو به شامل ھيو ته بادشاھي ۽ اميري طبقو به. جيڪا تاريخ رڪارڊ ٿيل آھي ان مطابق وچين دور ۾ يورپ ۾ Peter Waldo نالي ھڪ شخص فرانس جي Lyon شھر ۾ پيدا ٿيو جنھن Waldensian Movement  جي نالي سان ھڪ تحريڪ 1173 جي لڳ ڀڳ آسپاس شروع ڪئي جنھنجي اڄ جي دور ۾ باقيات Methodist Churches کي چئي سگھجي ٿو جيڪي اٽلي,ارجينٽينيا, برازيل ۽ آمريڪا ۾ عام جام آھن. ھو چرچ جي شاھاڻي ۽ دنيوي ڏيک جي خلاف ھڪ اصول کي اڳتي کڻي آيو جنھن کي ھن پيغمبري غريبي انداز Apostolic Poverty   چيو .ھن رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ خانقاھن  جي عياشي واري انداز کي رد ڪيو ۽ سادگي جي تلقين ڪئي.ھو چرچ وٽ زمينن جي قبضي جي به خلاف ھيو. ان تحريڪ مان سوئيزرلينڊ جو ھڪ پندرھين صدي جو Theologian الاھي متاثر ٿيو جنھن جو نالو ھو Huldryche Zwingli . زونگلي به رومن ڪيٿولڪ چرچ جي عيش عشرت ڏسي روايتي مذھب کان منھن موڙيو ۽ چرچ جي ڏاڍ ۽ ظلم تي لکيو.ھن خود عيسائيت جي نئين سر تشريح ڪئي. ھو زيورڪ ملڪ جي چرچ جو وڏو پادري به ھيو. ھن جو جانشين سورھين صدي ۾ Heinrich Bullinger نالي شخص ٿيو جنھن خود چرچ ۾ Protestant Reformation   جي لاء ڪردار ادا ڪيو. ساڳي وقت وچين دور واري يورپ ۾ يعني يارھين صدي ۾ اٽلي ۾ ھڪ ٻيو شخص به پيدا ٿيو جنھن جو نالو Arnold of Brescia  ھيو. ھن به ڪيٿولڪ چرچ کان ساڳي بغاوت ڪئي ۽ چرچ جي عياشين ,دولت ۽ زمين ۽ جاگيرداري جي ھٿي تي طنز ڪيو جنھن لاء ھن کي ڦاھي ڏي, لاش کي ساڙي River Tiber  ۾ ڦٽو ڪيو ويو. ٻارھين صدي ۾ ھنن جي حامين Arnoldists تحريڪ شروع ڪئي ۽ انھن غسل ڪرائي پاڪ ڪرڻ واري رسم يعني Baptism  ۽ پوپ جو خدا سان ھم ڪلامي ڪري رعيت جا مسئلن جو حل ڏيڻ واري رسم يعني Eucharist کي ننديو. پوپ لوسيس ٽئين Pope Lucius III انھن تي بدعتي ڪافرن جي فتوي جاري ڪئي. مگر ھنن جو يورپ تي اثر ايترو گھڻو ڪونه ھيو. ھا پر ائين چوڻ درست رھندو ته ھنن بنيادي ڪم ڪيو ھيو ۽ اھو بنياد ڪم ھيو رومن ڪيٿولڪ چرچ لاء آواز اٿارڻ. يقينن انھنجو انجام سٺو نه ٿيو پر ھو پنھنجي مقصد سا بيٺا رھيا ۽ ثابت قدم رھيا. وقت جي ملائن ۽ پادرين انھن تي ڪفر جون فتوائون ته  ڏنيو پر ھو تاريخ ۾ سرخرو رھيا ۽ ملان ۽ پادرين تي تاريخ ۾ ملامت ٿيندي رھي ٿي. 

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *