تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

يورپ ۾ مذهبي سڌاري وارين تحريڪن جو تحقيقي جائزو …شعيب سيال

تاريخ جو علم قومن لاءِ موجودھ وقت ۾ ايترو اھم آھي جيترو انسان لاءِ ساھ. ڪابه قوم تاريخ ڄاڻڻ بنا مستقبل لاءِ ڪا به اھڙي درست حڪمت عملي نه ٿي ٺاھي سگھي جيڪا ڊگھي وقت تائين انجي لاءِ بھتر ثابت ٿئي. انسان جي تاريخ ۾ نظرين ۽ خيالن جي ارتقا آساني سان پسي سگھجي ٿي. جيئن انسان چوٽون کائي سِکندو آھي تيئن ئي قومون به ھٿ ساڙائي سکنديون آھن. قومي اڳواڻ لاءِ لازم ھجي ته ھو دنيا جي تاريخ جو گھڻ رخو مطالعو ڪري,پنھنجي قوم جي رھبري ڪري. جيڪي قومون تاريخ مان سبق نه ٿيون سکن سي يقينن غلطيون ڪندي ڪندي تباھي جي ڪناري تي پھچي فنا ٿي وڃن ٿيون. جيئن ته مذھب ڪنھن به رياست جو اھم محرڪ ھجي ٿو انڪري انجو ماضي ۽ سڀني مذھبن جو ماضي ڄاڻڻ اھم آھي. دنيا جي سڀني مذھبن جي شروعات کانپوءِ ان ۾ بدعت ۽ بگاڙ به ايندو رھيو آھي. انکانپوءِ تقريبن ھر مذھب ۾ وقتن بوقتن سڌارا آڻيندڙ تحريڪون Reformatory Movements ۽ سڌارا آڻيندڙ شخصيتون Reformists به پيدا ٿينديون رھنديون آھن. پنھنجي دور جي حساب سان اھي ترقي پسند به ھونديون آھن جيڪي مروج خيالن Status Quo کان بغاوت ڪري ھڪ ننڍڙو سڌارو آڻيندي ,عوام کي مذھب جو ھڪ نئون رخ ڏيکارينديون آھن. اھا ڳالھه به وزني آھي ته ھر مذھبي سڌاري واري تحريڪ ۾ قدامت پسندي جو عنصر لازمي ھوندو آھي. ان سان گڏوگڏ اھا ڳالھه ڪرڻ به جابجا آھي ته مذھبي سڌاري واريون اڪثر تحريڪن جي شڪل, طريقو ۽ بڻاوت ۾ تشدد وارو خيال Idea of violence زرخيزي سان ھلندڙ ھوندو آھي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته مذھبي سڌارن ۾ سياست جو عمل دخل لازم ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته سڌارو عام ماڻھو سياسي Status quo جي خلاف ورزي ڪرڻ بعد ئي ڪرڻ چاھيندو آھي ۽ اڳين حالتن Status quo جو ذميوار وقت جي رياست ۽ سياست ئي ھوندي آھي. ھيٺ يورپ ۾ مذھبي سڌارن واري تحريڪ جو تاريخي جائزو وٺنداسين ۽ ان ۾ رياست ۽ سياست جي عمل دخل تي تبصرو به ڪنداسين.
يورپ ۾ وچين دور Medieval Ages جي تاريخ لڳ ڀڳ ھڪ ھزار سالن جي آھي ۽ اھي ھڪ ھزار سال مذھبي دڙڪي دھمان وارا رھيا آھن ته اوندهه جي راڄ وارا به. جي ھا دڙڪي دھمان مان مراد آھي عام انسان کي فقط اجازت ھئي چرچ ۾ وڃڻ جي. پادري سڳوري جي حڪم کان سواءِ ڪابه مذھبي ريت رسم ڪونه ملھائبي ھئي. انجيل پڙھڻ يا انجو ورد ڪرڻ عام ماڻھو جي وس ۾ نه ھو. عام ماڻھو تي سختيءَ سان بندش ھئي ته انجيل جي ويجھو به نه وڃي ۽ فقط ٻائن ,پادرين ۽ انھن جي طبقي کي اجازت ھئي ته انجيل پڙھي ماڻھن کي ٻڌائن. ان ڪري پادري پنهنجي ذاتي مفادن واري تشريح ڪرڻ لڳا. بلڪل ايئن جيئن ھندو مذھب جي منسمرتي ڪتاب ۾ لکيل آھي جيڪڏھن ڪو ويش يا شڌر ويڌن Vedas جو درس ٻڌي يا پڙھي ته انھن جي رانن Thighs ۾ ٽانڊن تي گرم ڪيل شيخون وجھي انکي سزا ڏني وڃي. يورپ جي وڏن پيٽن وارن پادرين Pot- bellied Popes به بلڪل ان قول تي عمل ڪندي ,ھر ممڪن ڪوشش ڪري ھزار سالن جي تاريخ ڪڍي ۽ ان ۾ نه ته عوام کي اجازت ھئي انجيل پڙھڻ جي ۽ نه ئي انجيل جو ترجمو ڪنھن ٻي ٻولي ۾ ڪرڻ جي اجازت هئي. عوام جو مذھبي ڪم يا ريت رسم اھا ھئي ته ھر حال ۾ يسوع مسيح Jesus Christ جي ساراھه ڪن، عيسائي ٽمورتي Christian Trinity تي عقيدو رکن, روح القدوس Holy Ghost تي مڪمل عقيدو رکڻ, پوپ کي خدا جو نمائندو سمجھي شَد مَد سان ان جي واھه واھه ڪن ۽ لفظ لفظ تي لبيڪ چون ۽ چرچ ۾ ھر صبح شام حاضري ڀرين ته جيئن چرچ ۾ دان Donation ايندو رھي. ھي ھئي ھزار سالن جي عيسائيت جنھنکي ھر ممڪن دھشت ڀري انداز ۾ برقرار رکيو ويو. پوپ جي لفظ لفظ تي لبيڪ چوڻ جو نتيجو ھزار سالن تائين يورپ ۾ جھالت, غريب طبقي جي استحصال, دھشت, دڙڪي دھمان ۽ صليبي جنگين Crusade Wars جي صورت ۾ نڪتو.
چرچ ان زماني ۾ يورپ جي سياسي طاقت ھو. جيئن ته ان وقت Roman Catholic چرچ ۽ Orthodox چرچ سموري عيسائي دنيا ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندا ھئا انڪري وقت جي سياست ۽ بادشاھن ۾ ايتري جرئت نه ھئي جو انھن جي خلاف وڃن. جيڪڏھن آساني سان ھيئن چئجي ته بادشاھت ۽ سياست به چرچ جي ماتحت ھئي ته غلط نه ٿيندو. اولهه يورپ ۾ Roman Catholic Church جو راڄ ھو ۽ باقي مشرقي يورپ ۽ مشرق جنھن ايشيائي عيسائي رياستون اچي وڃن ٿيون اتي Orthodox Church جو سڪو ھلندڙ ھو. انھن ٻنھي چرچن جي ڪھاڻي ته تمام ڊگھي ۽ ھتي بحث کان ٻاھر آھي پر ايترو ٻڌائڻ لازم آھي ته ٻئي چرچ پاڻ ۾ ” ھڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون نه ٿيون رھي سگھن” وانگر ھلندڙ ھو. تضاد ۽ ھڪ ٻئي خلاف فتوائون ڪڍڻ ٻنھي چرچن لاءِ عام ڳالھه ھئي. ايتري قدر جو ننڍڙين ننڍڙين ڳالھين تي جھيڙو پيو ھلندو ھو جھڙوڪ پادري لاءِ ڏاڙھي رکڻ لازم آھي يا نه , ٻيا ننڍا وڏا پادري پوپ جي اڳيان گھٽ اھميت وارا آھن يا نه وغيرھ. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انھن چرچن جي پادرين ھڪ ٻئي خلاف “خارج ڪرڻ واري فتوي”Edict of Excommunication به وقتن بوقتن ڏني ھئي. روم جي چرچ جو چرخو ھلائيندڙ کي Pope سڏبو ھو ۽ آرٿاڊڪس چرچ جيڪو قسطنطنيا ۾ ھو ان جون چاٻيون سنڀاليندڙ کي “عظيم بزرگ” Patriarch سڏبو ھو.انھن پادرين جي ھيٺان ٻين عھدن سان ننڍا وڏا ڪي ئي پادري ھئا ۽ ڪجھه عورتون به مذھب لاءِ پاڻ ارپڻ خاطر چرچ سان وابسطا ھيون جن کي Prioress سڏبو ھو.ٻنھي پاسن ڏي سياست ۽ بادشاھت سندن جي ماتحت ھئا. مذھبي بحث يا معاملا ايترا نه ھئا. اھي مٿيون ڳالھيون ئي ھيون جنھن ۾ يورپ ھزار سالن جي تاريخ ڪڍي جنھن ۾ استحصال, اوندھ, جھالت, ڦرلٽ وغيرھ مذھبي نالي تي ٿيندي ھئي بلڪل ائين جيئن اڄ مسلمان دنيا ۾ ٿئي پيو. مجال آهي جو ڪو مسلمان پنھنجو مقدس ڪتاب پڙھي,سمجھي ۽ لوڪ کي حقيقتن کان آگاھه ڪري ۽ ھن ملائيت واري مفادي ٽولي جي اثر کان مسلمان قومن کي آزاد ڪرائي.
يورپ جو پھريون بادشاھه جنھن چرچ ۾ مداخلت ڪري پنھنجي مرضي سان ننڍن عھدن تي پادري رکڻ چاھيا سو ھو جرمن رومن امپائر جو بادشاھ ھينري چوٿون وڏي پادري مداخلت تي رنجش ظاھر ڪئي ۽ روڪڻ ۾ ناڪامي ڏسي بادشاھه کي Excommunicated ڪيو. بدلي طور بادشاھ فوج سميت روم ۾ داخل ٿيو ۽ ڪيٿولڪ چرچ جي بادشاھ Normans کان مدد طلب ڪئي. تاريخ ان واقعي کي Investiture Controversy جي نالي سان درج ڪري ڇڏيو. غور سان ڏسڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته ھن تاريخ ۾ جيڪي ڪردار آھن سي آھن بادشاھت , چرچ ۽ فوج. ھتي عوام ڳولھيو نه لڀندو ڇاڪاڻ ته اقتدار ۽ طاقت جي جنگ ۾ عوام کي استعمال ڪبو آھي يا ان کي اقتدار کان ٻاھر رکبو آھي. ان مذھبي گھٽن ۾ بادشاھن جا يا امير طبقي جا پنھنجا ماڻھو اڳتي اچي مذھبي سڌارن واريون تحريڪون شروع ڪرڻ لڳا. گھڻن ملڪن ۾ ايئن به ٿيو آھي ته ان چرچ جا پنھنجا پادري به عوامي حمايت نه ڏسي سڌاري لاء قدم کڻندا آھن. ھي ھو اھو سياسي ۽ مذھبي پس منظر Politico-religious background جنھن ۾ يورپ ۾ مذھبي سڌاري واريون تحريڪون مختلف ملڪن مان شروع ٿي ,پوري يورپ کنڊ ۾ پکڙجي وڃن ٿيون.
هلندڙ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *