تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

يورپ جي وچين دور ۾ گناهه ۽ بديءَ جي ذميوار عورت هئي! …ڊاڪٽر مبارڪ علي

وچين دور جي يورپ ۾ چرچ تمام گھڻو بااثر ٿي ويو هو. فرد جي پيدائش کان وٺي موت تائين چرچ جون رسمون ادا ڪرڻيون پونديون هيون. روزانو جي زندگي ۾ به ان جو عمل دخل هو. ان جي عقيدن کان منهن ڦيرڻ جي صورت ۾ سخت سزائون مقرر هيون، ايستائين جو منهن موڙيندڙن کي جيئرو ساڙيو ويندو هو. تعليمي نصاب تي به ان جو ڪنٽرول هو. ايتري قدر جو مرڻ کان پوءِ به چرچ جي قبرستان ۾ ئي دفن ڪيو ويندو هو. عورت جي باري ۾ مذهبي روايتن تحت ان کي گناهه ۽ بدي جو ذميوار قرار ڏنو ويندو هو. ان تي اهو الزام به هو ته ان ئي حضرت آدم کي جنت مان ڪڍرايو. عيسائين جو سينٽ عورتن کان سخت نفرت ڪندو هو ۽ انهن کان پري رهڻ جي تاڪيد ڪندو هو. ايستائين جو هو پنهنجي وچ ۾ ان جي موجودگي کي به قبول نه ڪندو هو. شادي به نه ڪيائين ۽ پنهنجي خاندان سان رشتو به ٽوڙي ڇڏيو هئائين. انهن سمورين پابندين، نفرتن ۽ تعصب باوجود سماج ۾ عورت جو وجود ختم نه ٿيو ۽ ماڻهو شاديون به ڪندا هئا، ٻار به پيدا ڪندا هئا ۽ خاندان ۾ رهندي پاڻ ۾ محبت ۽ پيار جي رشتي ۾ هڪ ٻئي جي ويجھو به رهندا هئا. سماجي زندگي ۾ عورت ۽ مرد جي شادي هڪ اهم واقعو هوندي هئي جنهن ۾ خاندان وارا ۽ ٻيا مائٽ شرڪت ڪندا هئا.
رابرٽ گارلينڊ تيچنگ ڪمپني جي هڪ ليڪچر ۾ عورت جي شادي جي باري ۾ تبصرو ڪندي چيو ته شادي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي خاندانن جي وچ ۾ ڳالهه ٻول کانپوءِ ٿيندي آهي. شادي کان پهريان اهو معاهدو به ڪيو ويندو آهي ته ڇوڪريءَ کي ڪيترو ڏاج ملندو ۽ ڇوڪري کي به هڪ خاص رقم ادا ڪرڻي پوندي. شادي آچر جي ڏينهن چرچ ٿيندي هئي، جنهن ۾ مٽ مائٽ دوست ۽ احباب شرڪت ڪندا هئا. اهو به دستور هو ته جيڪڏهن ڪو فرد چاهي ته اڳتي وڌي شاديءَ تي اعتراض به ڪري سگھي ٿو. ان کان پوءِ ڄڃ جلوس جي شڪل ۾ ڪنوار جي گھر ويندي هئي جتي هڪ دعوت جو اهتمام ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن عورت طلاق وٺڻي هوندي هئي ته ان کي مرد جي ڪنهن بيماري يا ڪمزوري جو سبب ٻڌائڻو پوندو هو. پر جيڪڏهن مرد پنهنجي گھرواريءَ بدران ٻين عورتن سان لاڳاپا رکندو هو ته ان صورت ۾ گھرواري طلاق نه وٺندي هئي پر الڳ رهندي هئي. وچين دور ۾ اسان عورتن جي زندگي کي طبقن جي روشني ۾ ڏسون ٿا. اشرافيه جي عورتن کي ٿورڙي گھڻي آزادي هئي ۽ اهي راند روند جي موقعن ۾ به شرڪت به ڪنديون هيون. وچين دور ۾ درٻار جي محبت، جنهن کي Courtly Love چوندا هئا، هڪ تمام وڏو رومانوي تصور هو. سر والٽر اسڪاٽ پنهنجي تاريخي ناولن ۾ اهڙي محبت جو گھڻو ذڪر ڪيو آهي جيڪا هڪ جوڌي ۽ ڪنهن پرڻيل امير عورت جي وچ ۾ ٿي ويندي هئي. ٽورنامينٽ جي موقعي تي جڏهن جوڌا پنهنجي بهادري ڏيکاريندا هئا ته محبت ڪندڙ جوڌو پنهنجي محبوبا کي متاثر ڪرڻ لاءِ بهادريءَ سان مخالف جو مقابلو ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان جي محبوبا اهڙي هنڌ رومال اڇلائيندي هئي جتان هو کڻي ان کي پاڻ وٽ نشاني طور رکندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اها دوري ختم به ٿي ويندي هئي ۽ پاڻ ۾ ملاپ به ٿي ويندو هو.
وقت سان گڏ اميرن جي عورتن ۾ تعليم جو رواج ٿي ويو، جيتوڻيڪ، هن وقت تائين انهن کي ڪنهن تعليمي اداري ۾ داخلا ته نه ملندي هئي پر هو گھر ۾ استادن جي نگراني ۾ لکڻ پڙهڻ سکي وٺنديون هيون ۽ جڏهن به انهن کي موقعا ملندا هئا هو پنهنجي ذهني صلاحيتن جو اظهار به ڪنديون هيون. جيڪڏهن سندن مڙس جنگين تي هليا ويندا هئا، انهن مان اڪثر مارجي به ويندا هئا، ته عورتن کي آزادي ملي ويندي هئي ۽ سمورن گھريلو انتظامن جي ذميواري انهن تي اچي ويندي هئي. اميرن جي ڪجھه عورتن صليبي جنگين ۾ حصو ورتو ۽ مردن جي حوصلا افزائي ڪئي. اميرن جون عورتون پاڻ ته ڪو ڪم ڪار ڪونه ڪنديون هيون ڇو ته ڪم ڪار لاءِ انهن وٽ نوڪرن جو هڪ وڏو انگ موجود هوندو هو پر گھر جي ڪم ڪار جي نگراني ضرور ڪنديون هيون ۽ جيڪڏهن گھر ۾ ڪا دعوت ٿيندي هئي ته پنهنجي ذميواري نڀائيندي مهمانن جو خيال ضرور رکنديون هيون. ڇو ته انهن کي واندڪائي هوندي هئي ان لاءِ هو واندڪائيءَ وقت سلائي، ڪڙهائي ۾ مصروف رهنديون هيون.
وچين دور جي يورپ ۾ هنڌ، هنڌ خانقائون موجود هيون جيڪي مردن ۽ عورتن لاءِ مخصوص هيون جتي اهي راهب ۽ نن بڻجي انهن خانقائن ۾ رهنديون هيون ۽ پنهنجي سموري زندگي عبادت ۽ رياضت ۾ گذاري ڇڏينديون هيون. خانقائن جا قانون سخت هوندا هئا. صبح کان وٺي شام تائين هر ڪم لاءِ وقت مقرر هو. انهن خانقائن کي حڪمران ۽ امير جاگيرون ڏيندا هئا. جيڪي انهن جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ڪافي هونديون هيون. هڪ وقت تائين ته انهن خانقائن ۾ اهي ئي ويندا هئا جن جو مذهب تي سچو عقيدو هوندو هو. پر پوءِ بيروزگار ۽ سست ۽ ڪاهل مردن خانقائن ۾ رهڻ شروع ڪري ڇڏيو، ته جيئن انهن جي زندگي آرام ۽ سڪون سان گذري وڃي.
اهي عورتون جيڪي راهبائون بڻبيون هيون، اهي به سياست جو شڪار بڻيون. انهن ۾ گهڻيو اهي عورتون هونديون هيون جن جي يا ته شادي ٿيل نه هوندي هئي يا ماءُ پيءُ پاڻ انهن جي شادي ڪرائڻ نه چاهيندا هئا ۽ کيس راهبا بڻائي ڇوٽڪارو حاصل ڪندا هئا. شاهي خاندان جون اڪثر عورتون جيڪي سياست ۾ حصو وٺنديون هيون، انهن جا مخالف ڪاميابي کان پوءِ انهن کي راهبا بڻائي خانقائن ۾ موڪلي ڏيندا هئا. اهڙي ريت خانقاهه جو مقصد نه رڳو مذهبي رهيو پر سياسي به ٿي ويو.
هيٺئين طبقي جي عورتن کي گھريلو مسئلن سان منهن ڏيڻو پوندو هو، خراب مالي حالت، گھريلو تشدد، ڪم ڪار جي گھڻائي جهڙا مسئلا عورتن کي ايترو مصروف رکندا هئا جو واندڪائي ئي نه ملندي هئي. پنهنجي آمدني وڌائڻ جي لاءِ اهي عورتون سلائي، ڪڙهائي ڪرڻ، ڪپڙا سبڻ، کاڌو پچائڻ، ٻين گھرن ۾ صفائي سٿرائي، هوٽل ۾ انتظامي معاملن جي ذميواري، اميرن جي ٻارڙن جي سار سنڀال ۽ سڀ کان اهم اميرن جي عورتن جي لاءِ سلڪ جا ڪپڙا ٺاهڻ جو ڪم ڪنديون هيون. ان مان اندازو ٿئي ٿو وچين دور جي عورت ڀلي ان جو تعلق اميرن جي خاندان سان هجي يا هيٺئين درجي سان، هن وقت تائين مذهبي ۽ سماجي ساڙ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندي هئي. ان کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جي هڪ ڊگھي جنگ ڪرڻ پئي.
خاص ڪري مذهبي طور تي جن عقيدن جي بنياد تي ان جو مقام مقرر ڪيو ويو هو، ان کي ٽوڙڻ لاءِ ضروري هو ته ان مذهبي ساڙ جي بنيادن کي ختم ڪيو وڃي. سائنس جي نئين دريافتن پراڻن نظرين کي غلط ثابت ڪري انهن کي مرد جي برابر درجو عطا ڪيو. جن عورتن ماضي ۾ انهن نفرتن کي منهن ڏنو ۽ انهن جو مقابلو ڪيو، اهو جديد دور ۾ عورتن جي حقن واري تحريڪ لاءِ هڪ اهم سبق آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *