تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان منگل پٽ پارو ڀيل، شريمتي هستو ڀيل، سندس ٻن سالن جي نياڻي منگلي ۽ نينگر دليپ فوت *
  • *ورڪشاپ کان حيدرآباد ويندي گم ٿي ويل نوجوان جي اغوا جي تصديق، عورتاڻي آواز تي هرجکي اغوا ٿيڻ جا چوٻول * ورڪشاپ: نوجوان مختيار شر جو پيءُ راجا خان شر کي فون، اغوا ٿيڻ جي تصديق * ورڪشاپ: پٽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي: راجا خان *
  • *ڪريم بخش کوسو واسي بون ميرو جي مرض ۾ مبتلا 13 سالن جو نينگر امتياز بروهي پٽ جاني بروهي سبب فوت *
  • *قاضي احمد ويجهو ڪچي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو سن ۾ جرڳو، 2 خون ثابت ٿيڻ بعد ڌرين تي 60 لک رپيا ڏنڊ * قاضي احمد: ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جلال محمود شاهه به شريڪ * قاضي احمد: لاکا ڌر تي اڳرائي جو 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زميني ڇڇر واري ڌر حوالي *
  • لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قربان ڪلوڙ اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
  • *شھدادڪوٽ: ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر: 2 نوجوان ڳوٺ غلام قادر کوسو جو رھواسي صدام حسين کوسو ۽ ڳوٺ ميران خان مگسي جو رھواسي پيربخش مگسي فوت ٿي ويا، نينگري بختاور زخمي*
  • *ڪراچي: قاضي عبدالڪبير سڀاڻي رٽائر ٿيندو، عثمان چاچڙ گهرو سيڪريٽري جي چارج سنڀاليندو*
  • *فريدآباد واسي 22 ورھين جو نوجوان پورهيت قاسم شاهه پٽ حسين شاهه موٽرسائيڪل هلائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر کڏ ۾ ڪري پوڻ ڪري ڊرائيور ڄام سولنگي هيٺان اچي فوت ٿي ويو*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي 9 ورھين جي نينگري اوبيعه ڌيءُ محمد علي اوڳاهي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو*
  • *حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم ڪئي وڃي: درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين کان 4 ڊسمبر تائين جواب * حيدرآباد: ڏورانهن وارن ضلعن جي ماڻهن کي ٻڌڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچڻو پوي ٿو: درخواستگذار * حيدرآباد: مان پاڻ صبح 5 وڳي ميرپورخاص مان نڪرندو آهيان، واپس ويندي شام ٿي ويندي آهي: وڪيل *
  • * تلهار ويجهو خوفناڪ حادثو: هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت * تلهار: ڪار رڪشا کي بچائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، فوتي ڀاتين ۾ 2 ٻاررڙيون، 3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل * تلهار: فوتين مان هڪ عورت ۽ تازي ڄاول ٻارڙِي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻين فوتين جي سڃاڻپ تازي ڄاول ٻارڙي جي ماءُ مسمات ميران چانڊيو، مسمات شهناز، سندس معصوم 10 سالن جي ڌيءُ مائزه، نوجوان عبدالستار چانڊيو جي نالن سان ٿي *
  • *بدين ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو: 3 معصوم ٻار سڙي فوت * بدين :ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي، ڪکاوان گهر سڙي رک، 3 معصومڙا ۾ هڪ سال جو پوَن پٽ هرچند ڪولهي، ٻن سالن جي ريشما ڌيءُ نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌيءُ ڪاجو ڪولهي به اجل جو شڪار *
  • *جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ۽ سندس ڌيءُ جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار * جيڪب آباد :ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا * جيڪب آباد :ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد *
  • اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيارحڪومت کي آهي: نيب جو جواب*نيب طرفان وفاقي گهرو وزات ڏانهن جواب موڪليو ويو (ذريعا) اڳوڻي وزيراعظم لاءِ ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو ويو*

وڪٽوريا دور ۾ سوين ٻار قتل ڪندڙ اميليا ڊائر

تاريخ ۾ قتل جا خوفناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ تفصيل جڏهن سامهون اچن ٿا ته انهن ۾ 19 هين صديءَ ۾ وڪٽورين انگلينڊ جي عورت اميليا ڊائر جو به نالو اچي ٿو، جيڪا سوين ٻارن جي قتل جي ڏوهه ۾ ملوث نڪتي هئي. بي بي سي مطابق ڊائر هڪ عزتدار ۽ سنجيده عورت سمجهي ويندي هئي، اها هڪ ڏينهن هڪ اهڙي ڪيس ۾ جنهن کي “بيبي فارمنگ” نالو ڏنو ويو.
بيبي فارمنگ واري پرئڪٽس 19 هين صديءَ ۾ برطانيا ۽ آمريڪا ۾ شروع ٿي، جنهن ۾ ابهم ٻار پئسن عيوض ٻين ماڻهن کي پالڻ لاءِ ڏنا ويندا هئا، عورتون انهن ٻارن کي پالينديون هيون ۽ عيوضي ۾ کين هفتيوار يا ماهوار پئسا ڏنا ويندا هئا. ان ۾ ڪي ٻار اهڙا به هوندا هئا، جن کي مائٽ قانوني طور تي رکي نه پئي سگهيا، ٻيا وري غريب گهراڻن جي ماڻهن جا هئا، جن عورتن وٽ ايترو وقت نه هو جو اهي پنهنجي ٻار جي سار سنڀال لهي سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي پيٽ گذر ۽ ٻيا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ سڄو سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻو پوندو هو.
ٻارن جي سار سنڀال جو ڪم ڪندڙ اهي عورتون گهڻو ڪري وچولي عمر جون هيون، جن کي اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي نرس، مڊ وائيف وغيره جي معرفت ٻار پالنا لاءِ ملي ويندا هئا. 1868ع ۾ رنيسٽ هارٽ ان ڪڌي رسم جي تحقيق ڪرڻ بعد برٽش ميڊيڪل جنرل ۾ ترتيبوار ڪيترائي مضمون لکيا. هن جو چوڻ هو ته “بيبي فارمنگ واري پرئڪٽس دراصل ٻار مارڻ جو ڪمرشل طريقو آهي. انهن ۾ بدنام زمانه اميليا ڊائر به هڪ هئي.
اميليا ڊائر 1837ع ۾ ڄائي، هن جو بچپن ڏاڍو ڪٺن گذريو، ننڍي هوندي ئي کيس پنهنجي ذهني طور بيمار ماءُ جي سار سنڀال ڪرڻي پئي. ڪرائيم ميوزيم ايل ايل سي جي مطابق هوءَ پهرين نرس بڻي ۽ پوءِ مڊ وائيف ٿي وئي، 1860ع ڌاري هن “بيبي فارمنگ” جو منافعي بخش ڌنڌو اختيار ڪيو. اها ڪڌي رسم شايد ڪامياب نه ٿي سگهي ها، جيڪڏهن پوئر لا امينڊمينٽ ايڪٽ 1834ع پاس نه ٿيو هجي ها، جنهن ۾ ٻارن جي ناجائز پيءُ کي سندن خرچ پکي ۽ سار سنڀال کان آجو قرار ڏنو ويو هو، نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عورتون مصيبت ۾ ڦاسي پيون ۽ نتيجي ۾ کين اهڙو ڏکيو فيصلو ڪرڻو پيو.
سندن انهي مجبوري جو فائدو وٺندي ٻارن جي پالنا ڪندڙ عورتن پئسن عيوض ٻار سنڀالڻ شروع ڪيا. ڊائر سڀني عورتن کي يقين ڏياريندي هئي ته هوءَ انهن ٻارن جو ڀرپور خيال رکندي ۽ انهن جي سٺي نموني سار سنڀال لهندي. پر ان جي ابتڙ هن جو منصوبو هو ته هوءَ وڌ کان وڌ پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪري ۽ اهو کيس فقط ان صورت ۾ ملي سگهيو پئي جڏهن وٽس گهڻي کان گهڻا ٻار هجن. ايئن نون ٻارن جي حاصلات واري ڪوششن ۾ اڳ ئي موجود ٻار بک ۽ بي ڌياني سبب مري ويندا هئا.
ٻار شديد تڪليف ۾ مبتلا رهندا هئا پر ڪير به سندن دانهن ڪوڪ ٻڌڻ وارو نه هوندو هو. بدنام زمانه ڊائر انهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ کين آفيم ڏيڻ شروع ڪيو، اهو ڪڌو عمل ڪيترو ئي وقت جاري رهيو، نيٺ اختيارين کي کڙڪ پئجي وئي، تيستائين ڊائر جي گهر ۾ ڪيترائي ٻار مري چڪا هئا، مٿس ڪيس هليو ۽ لاپرواهي ۽ بي ڌياني جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس سخت پورهئي سان 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پر قصو اتي پورو نه ٿيو، سزا اچڻ کانپوءِ به هن ڳجهه ڳوهه ۾ ٻارن جي پالنا وارو ڪم شروع ڪيو، هن ڀيري هوءَ بيمار ٻارن کي ڊاڪٽر وٽ به وٺي نه ويندي هئي، ان جي بدران هوءَ مسلسل هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقل ٿيندي، مري ويندڙ ٻارڙن جا لاش لڪائيندي رهندي هئي.
هڪ رپورٽ مطابق 30 مارچ 1896ع تي پوليس ٿيمس درياءِ مان هڪ معصوم ٻارڙي جو لاش هٿ ڪيو، جنهن کي ڳچي ۾ اڇي رسي يا ڌاڳو هو، جنهن مان اندازو ٿيو ته کيس ڦاهو ڏنل هو، جڏهن ته ٻار ڪپڙي، اخبار ۽ ناسي ڪاغذن ۾ ويڙهيل هو. پوليس ان جو پيرو کنيو ۽ ڊائر جي گهر تائين پهتي. جتي هوءِ مس ٿامس جي نالي سان رهي پئي. اختيارين سندس گهر جي تلاشي ورتي ۽ ترت کين خبر پئجي وئي ته هوءَ ڪا عام نه پر هڪ خطرناڪ مجرم آهي. جلد ابهم ٻارڙن جا ٻيا به لاش هٿ آيا، جن جي ڳچي ۾ ساڳيون سفيد رسيون پيل هيون. ڊائر هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ٿي ۽ کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.
1896ع ۾ ڊائر پنهنجو پاڻ کي شديد ذهني بيماري ۾ مبتلا ڄاڻائي پنهنجي دفاع جي ڪوشش ڪئي، پر ان باوجود عدالت کيس 200 کان 400 ٻارڙن جي موت جو ذميوار قرار ڏنو ۽ کيس موت جي سزا آئي، ساڳئي سال کيس ڦاهي ڏني وئي.
واضح رهي ته ان وقت ملڪ ۾ رڳو اميليا ڊائر کي واحد عورت نه هئي، جيڪا ٻارن جي پالنا جو ڌنڌو ڪندي هئي، ان وقت ٻيون به ڪيتريون ئي عورتون هيون جيڪي ساڳيو ڪم ڪري رهيون هيون. پر جيئن ڊائر جو معاملو سامهون آيو ته برطانيا ۽ آمريڪا ۾ اختيارين جا ڪن کڙا ٿي ويا، انهن هڪ سنجيده جاچ شروع ڪري ڏني.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *