تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

وڃايل وطن جا فسانا ورهاڱي بابت لکيل هڪ ڪتاب جو جائزو … لياقت ٿهيم

ساز اگروال جو’سنڌ: اسٽوريز فرام اي لاسٽ هوم لئنڊ‘ (سنڌ: وڃايل وطن جا فسانا)، سال 2013 ۾ آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس پاران ڇپيو. پهرين هندستان ۾ هڪ ٻئي نالي ’اسٽوريز فرام وينِشڊ مڌرلئنڊ‘ جي نالي سان ڇپيو هو. وينِشڊ معنيٰ غائب ٿيل، اوجهل ٿي ويل. سو آڪسفرڊ پاڪستان وارن کيس چيو ته سنڌ کي پاڪستان مان اڃان غائب نه ڪيو اٿن. تنهنڪري پاڪستان ايڊيشن لاءِ عنوان تبديل ڪيائين. هي ڪتاب ڪنهن هڪڙي ڪٽنب بابت يا فقط سنڌ جي باري ۾ ناهي. هن جي ترتيب ائين رکيل آهي جو عام هندو عورتن ۽ مردن جا سنڌ ۾ گذاريل وقت، سندن حياتين جا ننڍا ننڍا حصا لکيا ويا آهن. انهي کان علاوه سنڌ بابت چونڊ اڪيڊمڪ مضمون، ورهاڱي وقت ڪجهھ اهم سرڪاري گڏجاڻين جا نوٽس، هندستاني اڳواڻن جا اخباري بيان ۽ ڪتابن مان ٽڪرا به ڏنا ويا آهن. انهي اضافي مواد وسيلي، پڙهندڙ هن خطي ۾ ٿيندڙ خاص واقعن کان واقف ٿئي ٿو ۽ انهي دور جي گھريلو، سماجي ۽ ثقافتي زندگي بابت ڪارگر معلومات ۽ پس منظر به سمجهھ ۾ اچي ٿو، جن ۾ هندو عورتن جو گذريل صدي جي شروع ۾ بدلجندڙ ڪردار، سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ ڏڦيڙ جي شروعات، ماڻهن جا صحت ۽ تعليم بابت رويا شامل آهن. تنهن دور جي ڪجھ هندو شاعرن جي سنڌي شاعري به انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڏني وئي آهي.
پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ ۾ هندن تي پهريان حملا، مسعود کدرپوش جي سرڪردگي هيٺ نوابشاھ ضلعي ۾ ٿيا. هي اهڙو ظالم شخص هو جو ڀڄندڙ ماڻهن کان زيور، ماني جا ٽفن ۽ بسترا به ڦرائي وٺندو هو. پوءِ ڊسمبر ۾ حيدرآباد ۽ جنوري 1948 ۾ ڪراچي ۾ خونريزي کانپوءِ سندن لڏپلاڻ شروع ٿي. گھڻا 47 ۾، ڪي 65 ۽ 71 وارين جنگين کانپوءِ ۽ ڪي وري ضيا حڪومت اچڻ بعد هتان ويا. انهي پس منظر ۾ هن ڪتاب اندر ڏنل هر اسٽوري جا ٻه حاوي پهلو آهن؛ هڪڙو ته سنڌ جي شهرن لاڙڪاڻي، دادو، ڏهرڪي، اٻاوڙي، ڀريا، شهدادڪوٽ، ميهڙ، رتي ديري،شڪارپور، نوشهري فيروز ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ ماڻهن جي تڏهوڪي سماجي ۽ ڪاروباري زندگي ڪيئن هئي، اهي شهر ڪئين هئا، ۽ ٻيو ته، لڏي وڃڻ بعد سنڌي هندن نئين هندستاني معاشري، واپار ۽ ثقافت سان پاڻکي ڪيئن ايڊجسٽ ڪيو؟ هندستان کان ٻاهر شنگهائي، جبرالٽر ۽ ڪينري جزيري ۾ ڪاروبار لاءِ ويل سنڌي هندو جن جا گھر هتي سنڌ ۾ هئا تن انهي صورتحال کي ڪيئن منهن ڏنو؟
ساز اگروال هندستان جي ڪارپوريٽ بايوگرافر آهي. سندس نانو ڪِشن چند بجلاڻي، سنڌ جو ناميارو وڪيل، طيب ديري لاڙڪاڻي جو هو جتان پوءِ حيدرآباد وڃي ويٺو. پاڪستان کان اڳ ڪجھه وقت سنڌ جو پراسيڪيوٽر جنرل به رهيو. مئي 1943 ۾ جڏهن الله بخش سومرو قتل ٿيو ۽ خانبهادر ايوب کهڙي، سندس ڀاءُ ۽ ٻن ڏوهارين (هڪ مڱڻيجو هڪ راڄپر) کي انهي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو ته ڪشن چند انهي ڪيس ۾ خانبهادر ايوب کهڙي جي وڪيل ڏيال مل لالواڻي جي ماتحت طور ڪم ڪيو. تن ڏينهن ۾ ڏيال مل سنڌ ۾ فوجداري ڪيسن جو ماهر سمجھيو ويندو هو. ڏيال مل انهي ڪيس ۾ بنيادي بحث هي رکيو ته الله بخش وزارت دوران حرن تي وڏا آپريشن ٿيا آهن تنهنڪري کيس کهڙي نه پر حرن مارايو آهي. اهو ساڳيو ڏيال مل 1943 ۾ پير پاڳاري (سورهيه بادشاھ) تي حيدرآباد ۾ هلندڙ بغاوت ڪيس ۾ سندس بچاءَ جو وڪيل هو. جناح صاحب اهو ڪيس وڙهڻ کان جواب ڏنو هو. سو اهڙي ريت ڪشن چند بجلاڻي ڪجھ هائي پروفائيل ڪيسن ۾ وڪيلن جي پينل ۾ شامل رهيو.
هن ڪتاب جو ٻيو حصو سنڌي هندن جي هندستان ۾ ٻيهر آبادڪاري ۽ سندن معاشي چاڙهيَ بابت آهي. سنڌ جي 50 سيڪڙو غير متحرڪ ملڪيت هندن وٽ هئي. اهي سکيا ستابا ماڻهو مذهبي بنياد تي هتان بيدخل ٿي شرنارٿي ڪيمپن ۾ وڃي ويٺا پر پنهنجي قسمت کي صبر ۽ فراخدلي سان قبول ڪيائون. ماضي جي پچار ڇڏي پنهنجو حال ۽ مستقبل ٺاهڻ ۾ جنبي ويا. سندن مرد، صبح جو تريل پٽاٽا ۽ ماني اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهي روزگار يا نوڪري جي ڳولا ۾ نڪري وڃن، عورتون ڪيمپن ۾ پاپڙ ۽ مٺائي ٺاهن ۽ ننڍڙا ٻار بمبئي ۽ پوني جي ريلن ۾ اهي پاپڙ، کٽمٺڙا، بسڪوٽ، ڦڻيون ۽ بڪل کپائڻ هليا وڃن. انهن مان ڪيئي ٻار ريلن هيٺان اچي چيڀاٽجي مري ويا. سنڌ ۾ کير مکڻ تي پليل هزارين ٻار روزانو ست-اٺ ڪلوميٽر پنڌ ڪري اسڪول وڃن.
ساز اگروال سنڌي ڪونه ڳالهائي. سندس شادي گوا جي اگروال ماڻهن ۾ ٿي جيڪي ڪونڪني ڳالهائيندا آهن. سندن گھر ۾ نه سنڌي ڳالهائي ويندي آهي نه ئي سنڌ جو ڪو ذڪر ٿيندو آهي. هن جو چوڻ آهي ته سنڌ سان سندس دلچسپي ايلس ايلبينيا جي ’ايمپائرس آف دا انڊس‘ پڙهڻ کانپوءِ ٿي.ڪتاب جي شروعات، شاھ لطيف جي ’ عالم سڀ آباد ڪرين‘ بيت جي انگريزي ترجمي سان ٿيل آهي. ڪٿي ڪٿي شروعات معروف سنڌي نصابي نظمن سان ڪئي وئي آهي. هڪڙي چئپٽر جي منڍ ۾ ’پئسو لڌم پٽ تان‘ واري نظم جو انگريزي ترجمو ۽ انهي جي سمجهاڻي ڏنل آهي. اهو نظم پنهنجي اصلي صورت ۾ لکيل آهي جنهن ۾ مَينهن بدران گائين لکيل آهي. پاڻ وٽ پرائمري جي ڪتابن ۾ آهي ته ’گاھ ڏنم ميَنهن کي، مينهن ڏنو کير‘ پر اصل نظم ۾ آهي ’گاھ ڏنم گائين کي.‘ يعني اهو ٻاراڻو نظم به ملت اسلاميه جي تاريخي خرد برد کان بچي نه سگھيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *