تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

وڃائجي ويل تارا … ڪيٽل منڊيرا/ طفيل مگسي

مان پنهنجي نظم جي پنجين سٽ لکي رهيو هوس ته ملازم مون کي سڏ ڪيو. جناب ٻاهر ٻه فرشتا بيٺا آھن ۽ اوهان سا ملڻ ٿا چاهين“ مون وراڻي ۾ جواب ڏيندي چيومانس“ ڇا هنن توکي وزيثنگ ڪارڊ ڏنا آھن؟“ ملازم چوڻ لڳو. جي ها؛ هي آھن هنن جا ملاقاتي ڪارڊ؛“پڙھيم ته هڪ ڪارڊ تي لکيل هو“هلائيل“ ۽ ٻيئي تي “يافائيل“ مون دل ۾ چيو“چڱو ته ٻه فرشتا مون سان ملڻ آيا آھن“ مون ملازم کي چيو“انهن کي چئو ته اندر اچن؛“ما ڏاڍو خوش ھئيس ته اهڙا معزز مهمان مون سان ملڻ آيا آھن. انهن جا خوبصورت جسم سندن وڏن وڏن شھپرن ۾ لڪا پيا هئا. ۽ ڪنهن وقت مٿن نظر ٿي پئي ته ائين ٿي لڳو ڄڻ اهي برف جا ٺھيل هجن ۽ سندن سفيدي ۾گلابي رنگ جي هلڪي هلڪي جهلڪ پڻ ڏيک ٿي ڏنو.مون هٿ جي اشاري سان انهن ٻنهي فرشتن کي ويهڻ جو چيو ۽ نهايت نرمائپ سان کانئن کان پڇيو، چئو قبلا ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟“ هلائيل چوڻ لڳو“جناب ڳالهه هي آ ته اڄ کان سورنهن سال اڳ بهار جي موسم جي هڪ نهايت خوبصورت رات جو اسان آسمان جي سبز قالين تي بلئيرڊ کيڏي رهيا هئاسين…“ معاف ڪجو؛“مون وراڻيو“منهنجو خيال آھي ته آسمان نيرو آھي.“ هيلائيل جواب ڏنو“ها بلڪل پر ڪن گهرين جاين تي اهو نيرو آھي ۽ ٻين جڳهن تي مثلا جيڪي پاسا ايران کان آھن .انهن جو رنگ سرسبز آھي جيڪو اکين نهايت ئي سندر لڳي ٿو“
هيلائل پنهنجو بيان جاري رکيو ۽ چيو“ها ته بالن جي جاءِ تي اسان انهن تارن سان کيڏندا رهياسين.جيڪي آسمان تي سڀني کان وڌيڪ حسين هئا“ مون پڇيومانس“چڱو ته ڇڙھيون ڪنهن شي جون هيون؟“ هيلائل چوڻ لڳو“ڇڙھين جي جاء تي اسان راند ۾دمدار تارن جون دمون استعمال ڪيون.اسان جي راند نهايت ئي دلچسپ هئي.بازي کٽڻ وارو ئي هئيس ته مون زور سان ڌڪ هنيو ته ٻه تارا ڪنارن کان نڪري ڏور هليا ويا…ها آسمان جي ڪنارن کي…اهو هڪ ڇرڪائيندڙ واقعو هو.تون پاڻ ئي سمجهي سگهين ٿو ته آسمان کان ٻن تارن جو گم ٿي وڃڻ ڪيترو اهم واقعو ٿي سگهي ٿو.جيتوڻيڪ اسان کي آسمان جي حاڪم جي طرف کان هڪ فرمان موصول ٿيو ته جيستائين اسان انهن تارن کي ڳولهي ڪري پنهنجي جاءِ تي نٿا هڻون اسان کي جنت جي خوشين ۾ حصي وٺڻ جي اجازت نه هوندي. خدارا ٿورو سوچ انهن سورنهن سالن جي عرصي ۾ اسان زمين جي هر حصي کي اٿلايو آھي جيڏانهن اهي تارا ڪريا آھن .ليڪن بدقسمتي سان هينئر تائين اسان جون ڪوششون ناڪام ثابت ٿي رهيون آھن. ٿڪجي اسان پنهنجي لاءِ سدائين جي جلاوطني جي سزا قبول ڪرڻ ئي وارا هئاسين ته اسان هڪ نوجوانڙي نينگر جي سندر اکين جي تعريف ٻڌي.۽ ٻڌو آھي ته اها ڇوڪري تنهنجي محبوبا آھي.جيڪڏھن انهن ڳالهين تي يقين ڪجي جيڪي انهن اکين جي باري ۾ مشھور ٿي رهيون آھن ته انهن منجهان هر ڳالهه اهو چٽو ڪري ٿي ته ان جون اکيون انسان جي ڪارين اکين جهڙيون ناهن بلڪ ان جون اکيون اهي آسماني نور آھن جن جي تلاش ۾ اسان سالن کان ڀٽڪي رهيا آھيون.ڇا اسان اميد رکي سگهون ٿا ته اها اسان کي اهي تارا واپس ڪري ڇڏيندي“
فرشتي جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجن پيرن هيٺان زمين سرڪي وئي .ان ڪري ته منهنجي محبوبا جان نواز جون اکيون کسجي وينديون .مون کي چريو ڪري ڇڏيائين.ليڪن آهي اهو سڀ ڪجهه منهنجي ئي وس ۾ ھو ته فرشتن کي سندن وڃايل آسماني دولت واپس آڻي ڏيان.مون پنهنجي محبوبا کي گهرائي ورتو ۽ چند لفظن ۾ سمورو داستان بيان ڪيومانس.هو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي حيران نه ٿي.۽ نه ئي وري پريشان ٿي.هن هڪ پل جي لاءِ ڪجهه سوچيو.پوءِ ھڪ ادا سان گڏ پنهنجين پنبڙين کي مٿي ڪندي چوڻ لڳي. خوبصورت فرشتا غور سان منهنجين اکين کي ڏسو ۽ پنهنجن تارن کي سڃاڻو.“ ٻئي فرشتا هن جي ويجهو اچي ويا.هنن سندس چمڪندڙ اکين ڏانهن غور سان ڏٺو.ڪجهه دير پاڻ ۾ ائين سسپس ڪندا رهيا ڄڻ ٻه جج خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا.پوءِ هيلائل چيو“نه اهي تارا ناهن جيڪي سورنهن سالن کان اسان کان گم ٿيا هئا.“ ان کانپوءِ اهي مايوس ۽ پريشان ٿي اتان واپس موٽ ويا.
منهنجي دل انهن جي لاءِ رحم سان ٽمٽار ٿي وئي.جيتوڻيڪ مان ان وقت خوش به هئس ته منهنجي محبوبا جون پياريون اکيون اهي منهنجي لاءِ ئي ڇڏي ويا آھن“باقي رهي منهنجي محبوبا؛ هن زور سان هڪ ٽھڪ ڏنو ۽ چوڻ لڳي“مون کين کي خوب دوکو ڏنو“ اهي ٺيڪ چئي رهيا هئا.امان اهو واقعو مون کي هزارين ڀيرا ٻڌايو هو.ته جڏھن مان ڄائيس ته اهي تارا اسان جي کليل دري کان اندر اچي ڪري سڌو منهنجين اکين ۾ اچي ويٺا.پر جڏھن فرشتا منهنجين اکين منجهان پهنجا فرشتا تلاش ڪندا هئا ته ان وقت مان ان گهڙي جو تصور ڪري وٺندي هئيس.جڏھن منهنجن چپن پهريون ڀيرو تنهنجين چپن جي چمي محسوس ڪئي هئي.مون کي بلڪل يقين هو ته ان خوشي جو تصورمنهنجين اکين کي…نه انهن ٻنهي تارن کي آسمان جي حسين ترين تارن کان ب وڌيڪ چمڪدار بڻائي ڇڏيندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *