تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

وقت … شمشاد خاصخيلي

اڄ جيڪڏهن دولت اسان جي هٿن مان نڪري وڃي ته ٻيهر واپس اچي به سگهي ٿي.سڀاڻي اسان جو ڪو دلي دوست رسي وڃي ته ٽئين ڏينهن پاڻ کيس پرچائي به سگهون ٿا،هن سال هڪ گهر زمين تي جيڪر ڪري به پوي ته ٻي سال سندس تعمير به ٿي سگهي ٿي هنن ڏينهن ۾ پنهنجي صحت جواب ڏيڻ لڳي ته ايندڙ ڏينهن ۾ هن جي نقصان کي پورو به ڪري سگهجي ٿو پر ! وقت اهڙي دولت آهي جيڪا هڪ ڀيرو هٿ مان نڪري وڃي ته واپس ڪڏهن نه اچي سگهندي آهي، هي اهڙي دولت آهي جنهن جي اڳيان دنيا جي ڪا به قيمتي شئي ڪا به حيثيت نٿي رکي. جليل القدر بادشاهه سڪندر اعظم مرڻ وقت اها خواهش ظاهر ڪئي ته جيڪڏهن مون کي ڪجهه منٽن ۽ زندهه رهڻ جي مهلت ملي پوي ته بدلي ۾ منهنجي سڄي سلطنت قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر دنيا جي ڪا به طاقت سندس خواهش پوري ڪري نه سگهي. انهي حقيقت جي روشني ۾ سياڻن اسان کي وقت جو قدر ڪرڻ لاءِ پيغام ڏنو، قانون قدرت به قدم قدم تي اسان کي وقت جي پابندي جو سبق ڏي ٿو سج کي ڏسو پنهنجي وقت تي اڀري ٿو پنهنجي وقت تي لهي ٿو دنيا جي گولي تي نظر وجهجي ته هو پنهنجي محور ۾ سج جي ويجهو ائين پابندي سان ڦري ٿو جيئن کيس ڦرڻ کپي پرجيڪڏهن هو ٿور و به هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو ته دنيا ۾ قيامت برپا ٿيندي به دير نه لڳندي.
پاڻ سڀئي انهي ڳالهه کان باخوبي واقف پڻ آهيون ته زندگي جا ڏهاڙا فقط چار ڏينهن جا آهن.. انهي ڪري انهي چار ڏينهن ۾ وقت جو قدر ڪرڻ به وڏي اهميت رکي ٿو ڏينهن ۾ 24 ۽ هڪ هفتي ۾ 168 ڪلاڪ هوندا آهن، اهي نمبر ڪڏهن به مٽجي نٿا سگهن، پاڻ فقط ايترو ڪري سگهون ٿا ته انهي وقت کي وڌيڪ موثر ۽ دانشمندي سان استعمال ڪريون. وقت هڪڙو قيمتي سرمايو آهي انهي جي قيمت جو اندازو اهي ئي ماڻهو لڳائي سگهندا آهن، جيڪي ڄاڻيندا آهن ته هي اسان سان گڏ ناهي هلندو، پر اسان هُن سان گڏ هلندا آهيون ۽ غلطي سان به هڪ گهڙي کي به ناهيون وڃائيندا. وقت جو قدر ڪجي ، ويل وقت نه ڪڏهن واپس آيو آهي نه وري ڪڏهن واپسي ايندو ، جيڪو وقت جو قدر ۽ قيمت نٿو ڄاڻي سچ پڇو ته اهو وڏي نقصان جي اونهي کائي ۾ ٻڏل آهي،
اهڙا اقوال زرين دنيا جي انيڪ ٻولين ۾ پڻ چيل موجود آهن توڙي جو فيس بڪ هجي يا واٽس اپ تي اسٽيٽس هجي پنهنجي نظر فقط پڙهڻ تائين محدود هوندي آهي.. پر عمل ڪرڻ تي ڪنهن جي به توجهه ناهي ويندي…! وقت جي هر سانت گهڙين سان گڏ گذري پئي، هن مسلسل هلندڙ وقت وانهر آڏو ڪو به بند نٿو ٻڌي سگهجي، ۽ نه ئي ڪو کيس بيهاري ٿو سگهي. گهڙيال جي ايجاد سان وقت جو پيمانو اڃان به بنهه سولو ٿي پيو آهي، سڪينڊ منٽ ۾ منٽ ڪلاڪ ۾ ۽ ڪلاڪ ڏينهن رات، هفتا مهينن، سالن ۽ صدين ۾ بدلجندا آهن. في زمانو ٽڪ ٽڪ ڪندڙ گهڙين ۽ گهڙيال ته هڪ طرف اوهان جو موبائل ڪمپيوٽر ۽ سمورن بجلي جي اوزارن تي ، هر گهڙي ڊيجيٽل وقت ٻڌائڻ جو بندوبست آهي پر جيڪڏهن پاڻ غور ڪريون ته هر ڪا گذريل ڳالهه جهڙوڪ ڪالهه جي ڳالهه محسوس ٿيندي آهي پر ائين ناهي هوندو، اڪثر واقعن کي زمانو گذري ويندو آهي. انهي ويلي ماڻهون سواءِ ٿڌي شوڪاري ڀرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهندو آهي.. اک تڏهن کلندي آهي جڏهن پاڻ وقت جي طوفان ۾ تمام گهڻو اڳتي لڙهي ويندا آهيون….!!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *