تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

وفاق ۽ سنڌ سرڪار بجلي جي معاملي تي سياست بدران گڏجي لوڊشيڊنگ ختم ڪن: عوام….نيٺ ٿيندو ڇا ؟

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جي معاملي ۾ وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟، ڇو ته وفاقي حڪومت پاران چيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار بجلي چورن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ لوڊشيڊنگ ڪريون ٿا، سنڌ سرڪار جو موقف آهي ته وفاقي وزير عمر ايوب ڪوڙو آهي، بجلي جي چوري واپڊا جي ڪامورن جي مرضي کانسواءِ ٿي نٿي سگهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اڪثر ماڻهن چيو ته بجلي وارو کاتو وفاق جي ماتحت آهي، سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت ٻئي بجلي جي مسئلي تي سياست ڪري رهيا آهن جڏهن ته لوڊشيڊنگ جي ڪري عوام سخت پريشان آهي، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته گڏجي ڪوششون وٺن ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو وڃي. عاشق دايو لکيو ته وفاق بجلي جي معاملي ۾ سنڌ سان مسلسل ناجائزي ڪري رھيو آھي، بجلي جو اسڪيمون منظور نٿو ڪري، علي حسن چڍڙ لکيو ته پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ حڪمرانن جا واعدا هيا ته حڪومت ۾ آيا سين ته ڪڏهن به بجلي نه ويندي پر اسان وٽ اهو حشر آهي جو 24 ڪلاڪن مان 16 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ برسات يا طوفان کانپوءِ ڪيترائي ڏينهن بجلي بند رهي ٿي، باقي بجلي وارو معاملو سنڌ حڪومت جو ناهي جو اها ان اداري ۾ مداخلت ڪري سگهي،احسان علي مستوئي لکيو ته سنڌ سان وفاق جون بي واجبيون پنهنجي جاءِ تي پر هن وقت بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ آهي، سنڌ ۾ هن وقت عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي جيستائين بجلي چورن خلاف ڪاروائي نه ٿيندي انهن کي جيل ۾ نه وڌو ويندو ايستائين بجلي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ناممڪن آهي، نيڪ محمد شنباڻي لکيو ته بجلي واري وزارت ۽ اختيار صوبن کي ڏجن ته سنڌ ۾ بجلي جو آزار گهٽ ٿي سگهي ٿو، مسرور شر لکيو ته وفاق هجي يا سنڌ حڪومت، ٻنهي جو نظام بھتر ناھي ڇو جو بجلي وفاق صوبن کي نٿو ڏي، صرف چار ڪلاڪ بجلي ٿي ھلي،رشوت وٺي ڪنڊا ڪنيڪشن ڏنا وڃن ٿا، ڪنهن کي به عوام جو احساس ناهي 22-22 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته بجلي لوڊشيڊنگ معاملي ۾ وفاق جو موقف درست آھي، سنڌ ۾ بجلي چوري ۽ مفت استعمال گهڻي ٿئي ٿي، ٻين صوبن ۾ اهڙي صورتحال نه آھي، هينئر پ پ بجلي تي سياست ڪري ٿي پر پاڻ جڏهن وفاق ۾ ھئي ته ڇا سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هئي؟. مهاوير واسو لکيو ته وفاق سنڌ جي مسئلن تي سنڌ سان انصاف ڪري ٿو، مهيش ڪمار مهيشوري لکيو ته بجلي سڌو سنئون وفاقي سبجيڪٽ آهي، ان ڪري صوبي سان هن معاملي تي ڳالهائڻ يا ان کي لوڊشيڊنگ تي الزام تراشي ڪرڻ اجايو هوندو. وفاقي حڪومت ۽ واپڊا وارا نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جا سڌا سنوان ذميوار آهن. گل رضا چنا لکيو ته وفاقي سرڪار چوي ٿي ته سنڌ سرڪار بجلي چورن جي سرپرستي پئي ڪري چوري روڪڻ لاءِ لوڊشيڊنگ ڪريون ٿا. منير پنهور لکيو ته وفاق سنڌ سان سدائين ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو آهي، صرف بجلي نه پر پاڻي ۾ به سنڌ صوبي سان ويساھه گهاتيون ڪيون ٿيون وڃن. اظهر امر لکيو ته بجلي معاملي تي وفاق جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي، عادل الاهي بخش لکيو ته بجلي وارو کاتو وفاق وٽ آھي سنڌ ان ۾ ڇا ٿي ڪري سگهي؟ لوڊ شيڊنگ جو آزار آھي، 16 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿي رهي آھي ۽ اها رڳو سنڌ وارن سان آھي پنجاب ۾ لوڊ شيڊنگ نه آھي، مظفر شبير لکيو ته ڪنهن جي ڳالھه ڪجي انهن جي انا خاطر عوام ڀوڳي رهيو آهي، بوزدار وڏا ۾ چئن مهينن کان ٽرانسفارمر سڙيل آهن، حذيف سنديلو لکيو ته بجلي ۽ پاڻي وارو کاتو وفاق جو کاتو آھي ان ڪري بجلي فراھم ڪرڻ سنڌ حڪومت نه پر وفاق جي زميواري آھي، عابد علي مري لکيو ته وفاق بجلي، گيس ۽ پاڻي جي معاملي ۾ مسلسل ناجائزيون ڪندو رهيو آهي، هاڻي اهو سلسلو رڪجڻ گهرجي. گلشير سومرو، گل حسن شر، علي عرضا، عاقب نظاماڻي، آفتاب مهر، وقاص نظاماڻي، لکيو ته بجلي جو مسئلو وفاق جو آهي، وفاق ۽ سنڌ سرڪار گڏجي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو حل ڪڍن، هن وقت عوام بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري تمام گهڻو پريشان آهي، فراز مغل ۽ محمد بلال ميمڻ ۽ ٻين لکيو ته ڪجهه به ڪريو بس بجلي هلايو، سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي، هر ماڻهو ان ڪري پريشان رهي ٿو، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *