تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

وفادار زالن جو ڳوٺ! عورتون جن مڙسن کي ڪلهن تي کڻي سندن جانيون بچايون!……

جرمنيءَ جي ڏکڻ ۾ وينسبرگ ٽائون ڀرسان اڄ به وچئين دور جو هڪ قلعو موجود آهي، ڪنهن دور ۾ هي هڪ عاليشان قلعو هو، جيڪو 12 هين صديءَ ۾ لاڳيتو گهيرن جي زد ۾ رهيو. اتان کان هڪ مشهور روايت جڙي، جنهن جي نتيجي ۾ قلعي جو نالو وجود ۾ آيو. ويسنبرگ قلعي کي اتان جا ماڻهو “ويبير ٽريو” به چون ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي “عورت جي وفا”.
موجوده وقت ۾ وينسبرگ جون عورتون پنهنجي بهادري، سياڻپ ۽ وفا جي ڪري سڃاتيون وڃن ٿيون، جن قلعي ۾ ويهي جنگ ڪندڙ پنهنجي ويڙهاڪ مردن کي ڪلهن تي کڻي سندن جانيون بچايون هيون.
انهن وفادار عورتن جو قصو لڳ ڀڳ 1175ع کانپوءِ ڪنهن جاءِ تي لکت ۾ آيو آهي، جنهن ۾ 1150ع ۾ قلعي کي ٿيل گهيري جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. ان وقت جرمني ۾ موجود مخالف ڌڙن جي هڪٻئي سان ويڙهه هلندڙ هئي.
تاريخدان مارائيس ڪين جو چوڻ آهي ته اهو تڪرار 1137ع ۾ ان وقت جي رومي بادشاهه لوٿيئر ٻئين جي وفات کانپوءِ پيدا ٿيو، هن کانپوءِ ڪونارڊ آف هوئينسٽافن 1137ع ۾ چونڊجي آيو ۽ هڪ سال کانپوءِ کيس تاج پارايو ويو.
ٻئي پاسي لوٿيئر جي ناٺي ويلف خاندان سان تعلق رکندڙ هينري به اقتدار جي مالڪي جي دعويٰ ڪئي، نتيجي ۾ ٻنهيءَ جي وچ ۾ پوري جرمني ۾ ڇتي ويڙهه پيدا ٿي وئي. وينسبرگ جي شاهي قلعي جي وفاداري ويلف ڌڙي سان هئي، 1940ع ۾ ڪونارڊ قلعي جو گهيرو ڪري ورتو، اها هوئينسٽافن ۽ هينري جي وچ ۾ فيصلا ڪن ويڙهه هئي، شروع شروع ۾ قلعي اندر ويٺل ويڙهاڪن بهادريءَ سان ويڙهه ڪئي، پر جڏهن مخالف فوجن اچي گهيرو تنگ ڪيو ته انهن هٿيار کڻي ڦٽا ڪيا.
ڪونارڊ جي ڪوشش هئي ته قلعي ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪيئن به ڪري سندس مخالف ويلف خاندان سان ڪيل وفاداري جي قيمت چڪائڻي پوندي، پر جڏهن ڳالهيون ٿيون ته هن خوشي سان قلعي ۾ رهندڙ عورتن کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي، ان ۾ انهن کي اها به اجازت هئي ته اهي جيڪو ڪجهه کڻي سگهي، سو کڻي وڃن کين ڪابه جهل پل نه هوندي.
ڪونارڊ جو خيال هو ته عورتون قلعو ڇڏي روانيون ٿينديون ته انهن وٽ ڊگهي سفر لاءِ کاڌ خوراڪ جو سامان هئڻ گهرجي، پر تاريخي دستاويز ٻڌائين ٿا ته عورتن کاڌ خوراڪ وغيره جو ڪوبه سامان نه کنيو، ان جي بدران انهن پنهنجي ڪلهن تي پنهنجي مردن کي کنيو ۽ قلعي مان روانيون ٿيون.
جڏهن ڪونارڊ جي ماڻهن اها صورتحال ڏٺي ته هنن بادشاهه کي چيو ته عورتن کي قلعو ڇڏڻ کان روڪي وٺي، ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾ اهي پنهنجا سڀ مرد ڪلهن تي کڻي هليون وينديون ۽ قلعو خالي رهجي ويندو. پر بادشاهه صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيائين ته بادشاهه لاءِ پنهنجي لفظن تان ڦرڻ ڪنهن به ريت سٺو عمل ناهي، تنهن ڪري انهن کي وڃڻ ڏيو. هو انهن عورتن جي اهڙي قدم کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن سڀني سڀني کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي.
واقعي جي لڳ ڀڳ 40 سالن کان پوءِ رائل ڪرونيڪل آف ڪولون ان جي پوري ڪهاڻي قلمبند ڪئي، جيڪا اڃا تائين اتان جي ماڻهن کي بر زبان ياد آهي.
جيتوڻيڪ، اها ڪهاڻي ٿي سگهي ٿو ته ڪونارڊ ٽئين جي مثبت پاسي کي نروار ڪرڻ لاءِ لکي وئي هجي، ته هو ڪيئن هڪ رحمدل، انصاف پسند ۽ پنهنجي لفظن تي قائم رهڻ وارو بادشاهه هو.
پر سڀني ڳالهين جي باوجود وينسبرگ جي عورتن جي هي ڪهاڻي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين ان ساڳئي تازگي سان منتقل ٿيندي رهي آهي ۽ دنيا ۾ عورتن جي جرئت، بهادري ۽ وفا جي هڪ عظيم ڪهاڻي سمجهي ويندي آهي. ساڳئي وقت هي ڪهاڻي جنگ دوران ٿيل معاهدي جي اهميت جو به جيئرو جاڳندو ثبوت آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *