تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

(وفائن ۽ بي وفائين جو عجيب داستان)…سورھيه بادشاھه خلاف بغاوت جي ڪيس جو پس منظر …الهورايو بهڻ

20 مارچ صبح پرھه ڦٽي مھل، حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڦاھي گھاٽ ڏانھن سورھيه بادشاھه نھايت شان سان شھادت عظميٰ سان ملڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. ڦڳڻ جي موسم ۾ جيل جي ڦلواڙيءَ ۾ سُرخ گلاب سندس شھادت جي موقعي تي ”انقلاب زنده باد“ جا سُر پاٽ ڪري رھيا ھئا. سورھيه بادشاھه خلاف شروع کان وٺي انگريز سرڪار جي دشمني عروج تي ھئي. سال 1930ع ۾ سندس خلاف 8 ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سکر ۾ ڪيس ھلايو ويو. جنھن جي وڪالت قائد اعظم محمد علي جناح نھايت محنت ۽ عقل منديءَ سان ڪندي ڪوڙو ثابت ڪيو. ايتري قدر جو ھڪ قتل جو ڪيس به انھن ڪيسن ۾ شامل ھو، جيڪو کيس ڦاسيءَ جي سزا لاءِ تيار ڪيو ويو ھو. اھو به ڪوڙو ثابت ٿيو. پر جيئن ته انگريز کي ھر صورت ۾ سزا ڏيڻي ھئي، تنھنڪري ٻن معمولي ڪيسن ۾ سورھيه بادشاھه کي 8 سالن جي سزا ٻڌائي دور دراز واقع رتناگري جيل ۾ موڪليو ويو. انھن ٻن ڪيسن مان، ھڪڙو ڪيس ابراھيم نالي ڪوريءَ کي پيٽيءَ ۾ بند ڪرڻ جو ھو ۽ ٻيو ڪيس ميراڻي دور جي ڪجھه منھن ڀرڻ وارين ناڪارا ٿيل بندوقن جو لائسنس نه ھجڻ بابت ھو.
ھاڻي اسين ڏسون ٿا ته سورھيه بادشاھه، رتناگري ۽ اوڀر بنگال جي جيلن ۾ قيد ڪاٽي 1936ع ۾ وطن واپس موٽيو. سڄي سنڌ جي عقيدت مندن سان گڏ سنڌ جي ان وقت جي اھم ترين ماڻھن سندس شاندار استقبال ڪيو. اھو لقاءُ انگريز لاءِ باعث حيرت ھو. 1936ع ۾ جڏهن هو واپس موٽيو ته ان زماني ۾ 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿي رھيون ھيون. سنڌ جون سياسي پارٽيون اليڪشني تيارين ۾ مصروف ھيون. پير صاحب واپسي بعد پير ڳوٺ ۾ سماجي سڌارا آڻڻ خاطر شھرين جي پئنچات جوڙائي، جنھن جا ھندو خواھه مسلمان ميمبر ھئا. مقصد ھو ته مقامي اختلاف ۽ جڳھڙا پئنچات ۾ نبيريا وڃن. انگريز وٽ وڃي بي عزت ٿيڻ جي ضرورت نه آھي. سورهيه بادشاهه پير ڳوٺ مان ھڪ اخبار ”پير ڳوٺ گزيٽ“ جاري ڪئي، جنھن جو ايڊيٽر ھڪ ھندو ڀائي بند ٿيو. پير صاحب پير ڳوٺ شھر ۾ پنھنجو ذاتي پاور ھائوس قائم ڪري، شھرين کي بجلي مھيا ڪرائي. مٿين قدمن تي انگريز سرڪار کي سخت اعتراض ھئا، ته پير صاحب انگريز جي متبادل پئنچات ڇو قائم ڪئي آھي؟ ٻيو ته پاور ھائوس اسان جي اجازت بغير ڇو لڳايو ويو.
”پير ڳوٺ گزيٽ“ اخبار سنڌ ۾ ھندو مسلم اتحاد ۽ ڀائي چاري جو پرچار ڪندڙ ھئي. اها ڳالھه سنڌ ۾ نئين ٺھيل مسلم ليگ جي ليڊرن کي پسند ڪونه ھئي. ان ايجنڊا جو راز وڃي مسجد منزلگاھه وارن فسادن وقت کليو. ان وقت پير صاحب جيڪو بيان جاري ڪيو اھو رڪارڊ تي آھي ته ”ھندو ۽ مسلمان ٻئي سنڌ وطن جا برابر جا شھري آھن. کين اھو حق حاصل آھي ته ھندو پنھنجي مندرن ۾ وڃي آزادي سان پوڄا ڪن ۽ ساڳئي ھنڌ مسلمان پنھنجي مسجدن ۾ الله جي عبادت ڪن. انھن فسادن دوران، پير صاحب، پنھنجي اثر وارن ھنڌن تي ھندن جي حفاظت جو حڪم ڏنو. باقي سکر جي شھر کي ھڪ فسادي مذھبي اڳواڻ جي مُريدن کان مدد وٺندي وڏو فساد برپا ڪيو ويو. ساڳئي وقت ”ڪنور ڀڳت“ جي قتل سنڌ ۽ ھند جي ڌرمي ماڻھن کي صدمو پھچايو. ھن ڪم ۾ به مٿي بيان ڪيل فسادي مذھبي اڳواڻ جي ماڻھن اھو قھر ڪيو. سندس پويان ليگ جي بڇ شامل ھئي.
خيرپور رياست جيڪا 1843ع کان اڳ ئي انگريز جي اطاعت ڪندڙ رياست ھئي ۽ پير ڳوٺ خيرپور رياست ۾ واقع ھو. انگريز سرڪار ڇا ڪيو جو خيرپور رياست جي والي مير صاحب کي پاگل قرار ڏئي، لکنو جي نفسياتي اسپتال موڪلي ڇڏيو ۽ سندس صغير پُٽ کي جديد تعليم جو بھانو بنائي انگلينڊ موڪلي ڇڏيو ۽ لکنو ۾ ھڪ تمام تعجبي ماڻھو گھرائي ان کي رياست جو وزير مقرر ڪيو ويو انهيءَ صورتحال ۾ ھر مھيني خيرپور رياست مان سورھيه بادشاھه خلاف، جڙتو شاھي رپورٽون پوليٽيڪل ايجنٽ کي موڪلڻ لڳا ته جنگ جو فائدو وٺي پير صاحب خيرپور رياست تي قبضو ڪندو ۽ ھيءَ سنڌ جو بادشاھه ٿيڻ چاھي ٿو!! اھڙيون رپورٽون سنڌ مان پوليس جوڙي، مٿي موڪليندي رھي، پر جيستائين سنڌ جو گورنر سر لانسلاٽ گراھو ھو، تيستائين ھو انھن رپورٽن کي رد ڪندو رھيو ۽ پوءِ جڏھن سنڌ جو گورنر 1941ع ۾هيو ڊو ٿيو، جيڪو انتھائي درجي جو تعصيبي ۽ بي حد مغرور ماڻھو. جنھن چارج سنڀالڻ بعد پير صاحب خلاف ايڪشن شروع ڪري ڇڏيو.
حضرت سورھيه بادشاھه ھيوڊو کان ملاقات جو وقت مقرر ڪيو. سنڌ ڪابينه جي ھڪ وڏي وزير سان گڏجي، پير صاحب گورنر سان ملڻ لاءِ ڪراچي ويو. سندس سنڌي ترجمان کيس چيو ته پنھنجي گادي نشينيءَ جو روايتي لباس پھري ھلو. پير صاحب چوغي ۽ دستار سان وڃي گورنر سان مليو. ھيو ڊو چيو ته ”توھان بغاوت لاءِ ويڙھاڪ پيا ڀرتي ڪريو! جنھن جو جواب پير صاحب جن اھو ڏنو ته اهي ويڙاھڪ به سماجي رضاڪار آھن، جيئن ڪانگريس وارن جا رضاڪار آھن! ”اسان جا رضاڪار قدرتي آفتن وقت سماج جي واھر ڪرڻ لاءِ آھن“ ھيو ڊو پير صاحب جي برابري جي اندازي واري گفتگو ۽ سندس خانقاهي چوغي ۽ دستار جو لباس زيب تن ڏسي ان جو به نھايت غلط تاثر ورتو ۽ پوءِ پنھنجي ھڪ رپورٽ جيڪا ھُن وائسراءِ لارڊ لنٿگو کي موڪلي، ان ۾ لکيو ته هن پير جي لباس ۽ تاج ۾ ايترو ته سون ۽ قيمتي ھيرا لڳل ھئا، جيڪي انگلينڊ جي ڪنھن وڏي لارڊ جي لباس کان به وڌ آھن. تنھنڪري هي صاحب سنڌ جو بادشاھه ٿيڻ ٿو چاھي.
حضرت سورھيه بادشاھه، خيرپور جي ميراڻي رياست جي حُر دشمني کي ڏسندي سال 1941-42 ڌاري، سانگهڙ جي قريب واقعي گڙنگ بنگلي ۾ اھل عيال سان اچي رھڻ لڳو. ظاھر آھي ته سانگهڙ ۾ بگٽي جاگير جي پاسي انگريز جا ڀرتي ڪيل ماڻھو موجود ھئا. جن انگريز ڏانھن درخواست جي ڌم لائي ڏني ته پير صاحب جي ھتي پھچڻ مان وڏا خطرا آھن. ھيو ڊو اھڙين رپورٽن کي بنياد بڻائي، زباني طور حڪم ڪيو ته پير صاحب گڙنگ بنگلو ڇڏي، اڪيلو اچي ڪراچيءَ ۾ رهي. اھڙي ريت پير صاحب وڃي ڪراچي ۾ بنگلي ۾ ترسيو پر سرڪار کان پڇڻ لڳو ته ” آخر ڪھڙِي قانون تحت مون کي ھتي پنھنجي خاندان کان پري رھايو پيو وڃي!“ جواب نه ملڻ بعد پير صاحب سرڪار کي چيو ته ”مونکي ضروري ڪمن ڪارين لاءِ، ھڪ ھفتي جي واپس وڃڻ جي اجازت ڏيو!! جنھن کان گورنر انڪار ڪيو. ۽ پير صاحب بغير اطلاع جي ڪراچي ڇڏي سانگهڙ ۽ پير ڳوٺ ھليو ويو. اها خبر پوڻ تي گورنر سکر جي ايس پي کي حڪم ڪيو ته ”پير صاحب کي ھڪدم گرفتار ڪري ڪراچي آڻيو!“ 14 آڪٽوبر 1941ع تي پير صاحب جڏھن پير ڳوٺ کان، ڪيٽي وڃي رھيو ھو ته رستي ۾ کيس گرفتار ڪري، خيرپور جي ريلوي اسٽيشن تان ڪراچي آڻي سر غلام حسين ھدايت الله جي رھائش گاھه تي نظر بند ڪيو ويو. غلام حسين ھدايت الله سنڌ ڪابينا جو وزير ھو.
14 جنوري 1943ع تي پير صاحب کي ھن جيل ۾ رکيو ويو. مارچ 1943ع ۾ ڪيس ھليو. اھڙي طرح ھن ڪورٽ تاج برطانيه سان بغاوت ڪرڻ ۽ جنگ جوٽڻ، جي الزام تحت سورھيه بادشاھه کي مارچ 1943ع ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڏنو ۽ 20 مارچ 1943ع جي فجر ويل حضرت جن سوريءَ جو سينگار بنايا ويا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to (وفائن ۽ بي وفائين جو عجيب داستان)…سورھيه بادشاھه خلاف بغاوت جي ڪيس جو پس منظر …الهورايو بهڻ

  1. مير حسن مري says:

    سائين الهورائي زبردست انداز سان ان ڪيس تي ڊٽيل سان لکيو آهي. حر تحريڪ کي سمجهائڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد عمر چنڊ ۽ سائين الهورائي صاحب جهڙا دانشور اڳتي آيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *