تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار مراد علي شاهه کي هارائي ڇڏيو

سوشل ميڊيا تي وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي هارائي ڇڏيو، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مان بهترين وڏو وزير ڪير آهي.؟ ان حوالي سان عوام ٽوئٽر تي ووٽنگ ڪئي، مشهور پاڪستاني ڪالم نگار ۽ صحافي انور لوڌي ٻنهي جي وچ ۾ ٽوئيٽر تي ووٽنگ ڪرائي ۽ ان باري ۾ جاچ ڪئي ته صارفين بهترين وڏو وزير ڪنهن کي مڃين ٿا.؟ ٽوئيٽر تي ان حوالي سان 17.668 ووٽ وڌا ويا، جنهن مان 88 سيڪڙو ووٽ عثمان بزدار حاصل ڪيا جڏهن ته 12 سيڪڙو مراد علي شاهه ووٽ حاصل ڪيا. اهڙي طرح ٽوئيٽر تي عثمان بزدار مراد علي شاهه کي وڏي فرق سان شڪست ڏئي ڇڏي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار پنهنجي ڪارڪردگي سبب سدائين تنقيد جو نشانو بنجندو رهندو آهي. جڏهن ته سنڌ جي  وڏي وزير مراد علي شاهه جي تازو ئي ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ کنيل قدمن تي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي هئي، سوشل ميڊيا تي ووٽنگ جو نتيجو ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهيو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *