تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ورسي جي مناسبت سان …سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪندڙ شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ … ابراهيم لاشاري

سنڌي ادب دنيا جي ٻين ملڪن کان به وڌيڪ آسودو آهي هن ڌرتي ڪيترن ئي عالمن ،علم جي اڪابرين کي وقت بوقت پنهنجي هنج منجهه جنم ڏنو آهي ڪيترائي عالم، فاضل پنهنجي ادب کي پنهنجي سوچ ،سمجهه ، ڏاهپ سان سرشار ڪري پنهنجي حصي جو ڪم ڪري وارو وڄائي هميشه لاِ هليا ويا ،ڪيترائي اديب عالم هن وقت پڻ انهي پورهي سان لاڳايل نظر اچن پيا . اڄ هت هڪ يگاني عالم جو خاڪو پيش ڪرڻ چاهيان ٿو . اهو آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي هن روشن ڏيئي علي محمد خان لغاري جي گهر 16 ڊسمبر 1917ع آچر ڏينهن تي ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ اکيون کوليون، هو اڃان ننڍڙو ڇهن مهينن جو مس هو ته سندس والد هن جهان مان موڪلائي ويو جنهن بعد سندس تعليم ۽ تربيت جو سڄو بار چاچي ولي محمد خان لغاري جي ڪلهن تي پئجي ويو جنهن کيس شروع شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي هندو ڀائي وسومل وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو جنهن وٽ هندڪا اکر سکيوتنهن بعد ڳوٺ پليو خان لغاري ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪري وڌيڪ نصابي تعليم لاءِ 1929ع ڌاري نوشهروفيروز مدرسي ۾ داخلاءِ ورتي، 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ بهاءَالدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۾ داخل ٿيو جتان 1941 ع ڌاري بي _اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري سڄي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر آيو، ساڳي وقت ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه 1943 ع منجهان ايم _ اي تنهن بعد ايل _ايل _بي جي ڊگري به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي، نبي بخش بلوچ محنت ڪرڻ کان هٿ نه کنيو ۽ 16آگسٽ 1946ع تي ولايت ايڊيوڪيشن ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ آمريڪا هليو ويو جتان پي_ ايڇ _ ڊي ڊاڪٽري جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪري 1949 ع ۾ واپس ڏيهه وريو تعليم پوري ٿيڻ تي کيس گڏيل قومن جي اداري ۾ نوڪري جي آڇ ٿي پر هن اها آڇ ٺڪرائي سنڌ جي خدمت جي شوق ۾ 1949 ع کان آگسٽ 1950ع تائين گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي گهميو ۽ علمي ادبي ڪچهريون ڪندو ۽ تاريخي ماڳ ڏسندو رهيو ۽ تاريخي مواد گڏ ڪندو رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا علمي ڪارنامه سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي اٿل آهن سنڌي ٻولي تي تحقيق جي سلسلي ۾ سندس ڪم قابل قدر حثيت رکي ٿو، سندس سموريون ڪوششون سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي ميدان ۾ ئي آهن سنڌي ٻولي جي تاريخ جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب جون تحريرون لسانيات جي ڏس ۾ خداداد لياقتن جو مظهر پڻ آهن هن جامع سنڌي لغات جي رٿا تي ساراهه جوڳو ڪم ڪندي هي لغات سال 1998ع ۾ 729 صفحن ۽ 27000هزار لفظن تي مشتمل ڇپرائي سنڌي ادب ۽ اديبن حوالي ڪري هليو ويو . ملازمت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پهريان ڪجهه وقت لاءَ حڪومت پاڪستان جي محڪمه اطلاعات ۽ نشريات ۾ هڪ عهدي تي ڪم ڪيو جتان مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن کيس ڪلاس ون ۾ چونڊيو جنهن کان پوءَ کيس پاڪستان سرڪار وچ اوڀر تعلقات عامه جي شعبي ۾ سفارتخاني منجهه مقرر ڪيو ٿورو عرصو ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن تعليم ۽ تدريس ۽ تحقيق جي خدمت کي اوليت ڏيندي اهڙي اعليٰ منسب تان استعيفا ڏئي ڇڏي، 1951 ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تدريسي شعبي جو پروفيسر (سنڌي شعبي) جو پهريون استاد ۽ سربراهه بڻيو، 1973 ع کان 1976ع تائين هو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ رهيو ان بعد هر سال لاءِ پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي 1977ع کان 1979ع تائين وزارت ثقافت ۽ سياحت ۾ رهيو هو پهرين جولاءِ 1979 تي چيئرمين قومي ڪميشن تحقيق تاريخ ۽ ثقافت به مقرر ٿيو جتان 22 نومبر 1980 ع تي کيس اسلامي يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هن عهدي تي آگسٽ 1982ع تائين رهيو 1983 ع کان 1990ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو مشير به رهيو جنهن کان پوءَ سال 1990 ع کان 6 مارچ 1994 ع تائين سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ( سنڌي لبنگويج اٿارٽي ) جو پهريون چيئرمين پڻ ٿي رهيو، کيس علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو چيئرمين رهڻ جو به اعزاز مليو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا علمي ڪارنامه سنڌي ادب ۾ هڪ وڌي اٿل آهن تصنيفات ۽ تاليف جي سلسلي ۾ علم ادب لغت، شاعري، تاريخ، ثقافت، موسيقي، لطيفيات ۽ آثار قديمه تي لاجواب ڪتاب مقالا انگريزي ،عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ۾ لکيا جن کي علمي ادبي دنيا ۾ اهميت سان ڏٺو وڃي ٿو، شاهه لطيف کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي ٻين ٻه ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن تي تحقيق ڪري سندن شاعري کي ترتيب ڏنو آهي، سنڌي شاعري ۾ ڪليات جي تاليف کي نوان موڙ ڏيندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪليات سانگي، ڪليات حمل ،ڪلام نواب ولي محمد لغاري ڪلام ميون شاهه عنايت، ڪنڊڙي وارن فقيرن جو ڪلام پڻ ترتيب ڏنا، ڊاڪٽر بلوچ ڏيهه پرڏيهه ۾ سنڌ جي ثقافت جي پرچار ڪئي اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ سينگارڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءَ جيتري جاکوڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪئي ايتري هن کان اڳ ڪنهن به نه ڪئي هئي، لوڪ ادب جي سلسلي جي 250 صفحن تي مشتمل سندس چاليهن جلدن جي فهرست اعلي مثال آهي هن لڳ ڀڳ 80 ڪتاب لکيا، جڏهن ته ڪيترن ئي اخبارن، رسالن ، ميگزينن، ادبي پرچن ۾ سوين موضوعن تي ڇپيل سندس مقالن جو ڪو اندازو ئي ناهي.سندس ادبي لياقتون سمنڊ کان به وڌيڪ محسوس ٿين ٿيون.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لطيف سرڪار تي پڻ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ( شاهه جو رسالو ) به ترتيب ڏنو سندس 33 سالن جي ادبي پورهي جي نگراني ۾ شاهه جي رسالي تي هلندڙ تحقيقي ڪم سال 2000 ع ۾ مڪمل ڪري ورتو ۽ ان تحقيق ڪري شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد تيار ڪرايا، ڪجهه شاعري به ڪئي، راڳ جو به شوقين هو سندس ڳوٺ جو الهڏنو فقير ماڇي سندس استاد هو. هن هڪ ڪتاب (سنڌي موسيقي جي تاريخ ) پڻ لکي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ وڏي اديب عالم اسڪالر ۽ دانشور جي حيثيت سان آمريڪا ،ڪئناڊا ،انگلينڊ ،ايران، شام، مراڪش، فرانس ،سعودي عرب، لبنان ،ترڪي، تيونس، جاپان، فلپائن، عراق ، ڪويت ، الجزائر ۽ ٻين ملڪن جا دورا پڻ ڪيا، جنهن سبب کيس وڏو محقق، اديب، تاريخدان، دانشور، ماهر لسانيات ۽ مبصر طور عالمي شهرت پڻ حاصل ٿي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندس علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ وغيره ملي چڪا آهن جن منجهه تمغه پاڪستان، ستاره قائداعظم ۽ 1979 ۾ صدارتي ايوارڊ ( تمغه حسن ڪارڪردگي ) شامل آهن، سندس علمي مرتبو ۽ ڪم ايوارڊن کان گهڻو مٿي آهي هن دل جي تڪليف سبب 6 اپريل 2011 اربع ڏينهن تي زندگي جو سفر پوري ڪري 93سال 3 مهينا ۽21 ڏينهن گذاري اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *