تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ورسي جي مناسبت سان …بشير خان جو وڇوڙو ۽ نڌڻڪا بڻيل منھنجي ديس جا ماڻھو ….امر شر

اڄ ستين اپريل آھي اھا به ستين اپريل ھئي جنھنجو سج سنڌ جي ويڳاڻن وٽ اھڙو ته ماتم کڻي اڀ مٿان اڀريو ھو جو سنڌ جا شھر سوڳ واري فضا ۾ ڦٿڪي لڇي رھيا ھئا دولھه درياخان جي قبر مٿان لھندڙ سج رت جاڳوڙھا ڳاڙي الھي رھيو ھو درازا جي دلبر جي دل تيزي سان ڌڪ ڌڪ ڪري رھي ھئي صوفي شاھه عنايت جي اندر مان آواز اڀريواڃ منھنجو حقيقي وارث ھليو ويو سن جي سيد ڀڻڪيو منھنجو صالح ٻچڙو اڄ روڳ ڏئي ويو اٿم ھا اڄ ستين اپريل تي رتي ديري جي رتائي مٽي مان جنم وٺندڙ ٽنڊي ڄام جي ڊگھن وڻن ھيٺان ويھي سنڌ جي سک لاءِ سوچيندڙ سموري عمر پنھنجي قوم جي خوشحالي لاءِ جھدوجھد جي علامت بڻيل سنڌ جي وڏي جي وڇوڙي جي خبر سنڌ مٿان سڪتو طاري ڪري ڇڏيو ھو ..ٻالڪپڻ کان سنڌ سان جند جو سودو ڪندڙ بشير خان قريشي وارن ۾ چاندي اچڻ تائين پنھنجي عشق واري ايمان مٿان ڪو به داغ لڳڻ نه ڏنو بشير خان قومي تحريڪ کي نوان گس ۽ لاڙا ڏنا ھو سدائين ميدان ۾ بيٺو رھيو ھو جيڪو پڙ تي پرزا ٿيڻ کي.ترجيح ڏيندو ھو سنڌ ۽ سيد جي عشق جي پاداش ۾ ھو سدائين نشان تي رھيو پرسوين سختيون سھي به ھو آيل ھر امتحان ۾ سرخرو ٿيو.
بشير قريشي جيڪو سيد کان پو سڀ کان وڌيڪ.سلاخن پويان باندي رھيو پر ھن ڪڏھن به آڻ نه مڃي بشير قريشي اڪثر نجي ڪچھرين ۾ چوندو ھو بشير قريشي جا ٻه گھر آھن ھڪڙو جيل ۽ ٻيا سنڌ جا رستا ۽ اھا حقيقت آھي ته جيل کان ٻاھر اچي بشير خان سنڌ جي ڀاڪر ۾ ھوندو ھو . بشير خان مزاحمتي سياست جو اھڙو ته بنياد وڌو جو تند تلوارن سان اٽڪي پوندي ُھئي بشير خان ڪڏھن به ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي نڪري نه ويندو ھو پر ھو پھرين لٺ پنھنجي جسم تي کائيندو ھو مونکي ياد آھي اٺانوي جو اھو مظاھرو جيڪو بشير خان ڪراچي پريس ڪلب آڏواسٽيل مل مان سنڌي ملازمن جي برطرفين خلاف ھنيو ھو جتي پوليس ريجنرس ۽ٻين ادارن جا ھزارين اھلڪار موجود ھئا جتي مونکي ڪنھن اردواخبار جي صحافي چيو ھو ھيڏي پوليس ۽ رينجرز جي وچم بشير خان ڪڏھن به نه ايندو مون ان صحافي کي چيو ھو ته ھي بشير قريشي آھي ھو جيڪي چوندو آھي سو ڪندو آھي تڏھن ته بشير قريشي آھي ھو ضرور ايندو اڃان اسان ڳالھائي رھيا ھئا ھئاسين ته زينب مارڪيٽ واري پاسي کان سنڌي ٽوپي پاتل ھڪڙو قداور ھمراهه نعرا ھڻي نروار ٿيو جيڪو پوليس وارن جون اڀيون لٺيون ھٽائيندو اڳتي وڌنڌو رھيو ۽ پوليس اهلڪار لٺين جا مينھن وسائيندا رھيا. بشير خان ڪارڪنن طرف اٿيل ھر لٺ پنھنجي اگھاڙي پٺي تي سھندو رھيو .
بشير خان سنڌ ۾ ٿيندڙ قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ قافلن جو بنياد وجھي سوين جانيون زيان ڪرڻ کان بچايون ماڻھو جيڪي پيرن ميرن ڀوتارن کي ته موٽائي ڇڏيندا ھئا پر شھيد بشير خان جي ھلي اچڻ تي سندس ھر ڳالھه مڃي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويندا ھئا . بشير خان ھڪ ديو مالائي ڪردار جو مالڪ ھو جيڪو ڪڏھن جلسي ۾پھچڻ لاءِ ڪارڪنن سان گڏ بس جي ڇتين تي چڙھي پھچندو ھو ھڪ ڀيري موٽڻ پور واري گھر تي پوليس جي چڙھائي دوران ڪيئن نه پوليس وارن کي ھڪلون ڏيندي نڪري ويو ھو ۽ پوليس وارا ڏسندا ئي رھجي ويا ھئا . بشير قريشي سنڌ دشمن منصوبن خلاف تاريخي ڌرڻا ھنيا خيرپور مورو ٻٻرلو ڪمون شھيد وارا ڌرڻا ڀلا ڪنھن کان وسريا آھن خيرپور ۾ ريل جي پٽڙي بند ڪرڻ دوران بشير خان کي ڪروڙن جي مليل آڇ جو مان پاڻ اکين ڏٺو گواهه آھيان پر بشير خان ان وقت ٻاھر اچي اھو چيو ته ھي بشير خان آھي مان اوھان جي ھر آڇ ۽ لالچ مٿان لعنت ٿو ڪريان ڌرڻو اتي لڳندو جتي اعلان ٿيل آھي .
سکر کان ڪراچي لانگ مارچ دوران پيرن مان رت جاڦوھارا اسان کان ڪيئن ٿا وسري سگھن . اڄ ڪلھه ريل مارچ ڪندڙن لاءِ بشير خان جو اھو تاريخي لانگ مارچ مثال آھي ته لانگ مارچ ڪارپيٽ مٿان ھلڻ نه پر بشير خان وانگر پيرن مان ريلا رت وھائي ھلڻ جو نالو آھي . بشير خان جي ڪل ميراث اھي لکين ڪارڪن ھئا جيڪي بشير خان جا عاشق به ھئا ۽ محبوب به اھو بشير قريشي ھو جنھن جي سڏ تي لکين ماڻھن جا سمنڊ اٿلي پوندا ھئا جيئن 23 مارچ تي ڪراچي جي تبت سينٽر ۾ لکين ماڻھو بنا ڪنھن لالچ بنا ڪنھن نوڪري جي آسري سنڌ ۽ بشير خان جي عشق ۾ پھتا ھئا. تڏھن ته بشير خان چيو ھو ته ھڪ ڪروڙ ماڻھن کي چميون ڏنيون اٿم انھن مان 10 لک ته ضرور ايندا . بشير خان جنھن جي جھدوجھد جا ساکي ڪراچي جا رستا ۽ پريس ڪلب آھي جنھن جي جرئت جا نشان اڄ به سنڌ جي ڊامبر واري ٻرندڙ رستن تي آھن بشير قريشي جنھن مٿان ڪيترا قاتلانا حملا ٿيا پر ھن مٿير مڙس کي جھڪائي ڪين سگھيا بشير قريشي موئن.جي ان مٽي مان ٺھيل ھو جنھن صرف ھڻڻ ھڪلڻ ۽ ٻيلي سارڻ ئي سکيو ھو تڏھن ته ان جي وڇوڙي تي صرف ڏنگا ٻار ئي نه رنا ھئا پر عمران جوکيي جي امڙ به اکيون آليون ڪيون ھيون ته فضيلا جي امڙ به پار ڪڍي پٽيو ھو ڇوجو ھو انھن جو ڀرجھلو ۽ آخري اميد ھو بشير خان جي وڇوڙي تي رت جا ڳوڙھا ڪراچي جي سنڌي ڳوٺ جي ان پوڙھي به وھايا ھئا جنھن کي بشير خان پيرن تي ھٿ رکي ملندو ھو اڄ ستين اپريل آھي پڪاچانگ جو اھو پوڙھو ڏاڍو اداس آھي جنھن بشير خان کي تازن زخمن مٿان چمي.ڏني ھئي ۽ موٽ ۾ بشير خان کيس ڳل لڳائي ڪولابي وارا ھٿ چميا ھئس اڄ به جڏھن ثقافتي ڏھاڙا اچن ٿا ته جيئي سنڌ جا ڪارڪن گلشن حديد ۾ بشير خان جي گھر آڏو بيھي انتظار ٿا ڪن ڇاڪاڻ ته انتظار جي انھن کي عادت پئجي وئي آھي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *