تازا ترين
  • *سنڌڙي: ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروايون، 15دڪان سيل *اي سي سنڌڙي پاران ٻارهون ميل، هنڱورنو ۽ ڦلھڏيون ۾ دڪانن تي ڇاپا هنيا ويا *
  • *ڪراچي: ڪميشن پاس نرسز جون انتظاميا سان ڳالهيون ڪامياب، 5ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم *انتظاميا 2382 نرسز مان 1436 ميل ۽ في ميل نرسز کي پڪو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي: نرسز اڳواڻ *700 نرسز کي جعلي ڊوميسائيل هجڻ جي الزام تحت پڪو نه ڪيو ويندو: نرسز اڳواڻ *
  • *قاضي احمد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر *ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن: فوڪل پرسن *ڪورونا متاثرن کي پنهنجن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: فوڪل پرسن *
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

(ورسيءَ جي مناسبت سان) …شاهه لطيف جي رسالي جو پهريون مرتب ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ …تحرير: صدام جوکيو

سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ تي اولهه جي ڪيترن ئي اسڪالرن، محققن، نقادن، اديبن ۽ تاريخدانن نهايت اهم ۽ بنيادي ڪم ڪيا آهن ۽ تحقيق جا در کولي ڏنا آهن، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هو، جيڪو دنيا جي وڏن اسڪالرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ اولهه جوپهريون اسڪالر هو، جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي، جنهن کي علامه آءِ آءِ قاضي پوري دنيا جو عظيم شاعر قرار ڏنو آهي، اُن عظيم شاعر جي ڏات ۽ پورهيي کي سڀ کان پهريائين سهيڙي سنواري ڇپرايو ۽ هن ئي سنڌي ٻولي ۽ گرامر تي بنيادي ۽ معياري ڪم ڪيا هئا. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 13 مارچ 1828ع تي جرمني جي شهر السفيلڊ ۾ جارج ٿامس ٽرمپ جي گهر ۾ پهرين اک کولي هئي، سندس والد ٻنيءَ ٻاري جو ڪم ڪندو هو. ارنيسٽ ٽرمپ ننڍي وحي ۾ ئي لاطيني، يوناني ۽ ڪجهه ٻيون ٻوليون سکي ورتيون ۽ ننڍي عمر ۾ وڏن وڏن امتحانن ۾ پاس ٿيندو رهيو، هن کي جرمني جي مشهور اداري اسٽيفن ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ٽرمپ مذهبي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ گڏوگڏ ڪيترين ئي ٻولين جو مطالعو پڻ جاري رکيو. ٻولين جي علم سان هن کي تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئي، خاص طور عبراني، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين سان گهڻو چاهه هئس. اڳتي هلي يوناني ۽ لاطيني ٻولين جي سکيا لاءِ لنڊن ويو، جتي يوناني ۽ لاطيني ٻولين جي سٺي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي، ٻولين جي علم سان گڏ ڊاڪٽر ايسٽ انڊيا هائوس ۾ اسسٽنٽ لائبريرين طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. اُن دوران هن ڪيترين ئي ٻولين جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي هئي.
ڊاڪٽر ارنيسٽ جي قابليت ۽ ذهانت کي ڏسي کيس هندستان وڃي اتان جي ٻولين جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ جي مقرري ڏني وئي. سال 1854ع ۾ هو بمبئي پهتو، جتي اچي ”ائنڪلن چرچ“ جو پادري ٿيو ۽ اُتي ئي فارسي زبان به سکي ورتي. جڏهن هي ڪراچيءَ پهتو ته سندس طبيعت خراب ٿي پئي ۽ علاج ڪرائڻ لاءِ فلسطين هليو ويو، اُتي هن عربي زبان کي سٺو پڙهي ورتو، فلسطين مان ئي هن 1856ع ۾ انگريز خاتون سان شادي ڪئي هئي ۽ ٿوري وقت بعد جڏهن هي ٻيهر ڪراچيءَ آيو هو ته سندس اُها گهر واري بيمار ٿي پئي هئي ۽ کائنس هميشه لاءِ وڇڙي وئي، اُن گهر واريءَ مان فقط هڪ ئي پٽ جو اولاد ٿيو هو. ٽرمپ ٻي شادي وري جرمنيءَ مان ڪئي هئي. اُن کان پوءِ هي وري سنڌ جي سندر منظرن ڏانهن آيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪيو، هن 1858ع ۾ “Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters” جي نالي سان هڪ ڪتاب لنڊن جي واٽس پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو، اُن کان پوءِ سندس وڏو ڪارنامو اهو هو ته هن 1866ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ هٿ ڪري هندستاني (اردو) طرز جي سنڌي ”الف بي“ جي لوهي ٽائيپ وجود ۾ آڻي، ان جي ذريعي لپسيا (ليپزگ) جي ”بروخوس ڪمپنيءَ“ جي مدد سان ان کي جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
شاهه لطيف جي ڏات ۽ ڏانءُ کي هي ئي پهريون شخص هو جنهن دنيا اڳيان باقائده متعارف ڪرايو. هي رسالو 26 سرن تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ لاهور، پشاور ڏانهن به پنڌ ڪيا ۽ اُتان پشتو، براهوي زبان ۽ ٻين ٻولين جي ڄاڻ حاصل ڪئي. اُتان کان پوءِ ”اسٽگارٽ“ شهر ۾ موٽي آيو، 1864ع ۾ پفلنگن شهر ۾ پادري مقرر ٿيو ۽ 6 سالن اندر ڪيترا ڪتاب لکيا، 1872ع ۾ هن سکن جي مذهبي ڪتاب گرنٿ جو ترجمو ڪيو. جيڪو 1877ع ۾ ڇپيو هو. 1883ع ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ سامي ٻولين جو پروفيسر مقرر ٿيو. جتي هن عربي گرامر ’مروحيه‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي سوانح ۽ علمي پاسن جو جيڪو خاڪو پيش ڪيو آهي، اُن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن عظيم انسان پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو علم ۽ ٻولين جي ڄاڻ سان سلهاڙجي گذاريو، اهو ئي سبب هو جو لڳاتار علمي ڪمن ۾ رهندي آخري لمحن ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جون اکيون ساٿ ڇڏي ويون هيون. 5 اپريل1885 ع تي هيءُ عظيم اسڪالر، 57 سالن جي عمر ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو هو. هن کي دنيا جي وڏن اسڪالرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن سنڌي ٻوليءَ جي مختلف پاسن تي بنيادي ڪم ڪيا، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، سنڌي ٻوليءَ جو تقابلي گرامر، سنڌي ٻوليءَ جا مخصوص آواز، سنڌي ٻوليءَ جا لهجا ۽ ٻين ڪيترن ئي پاسن تي تحقيقي ڪم ڪري املهه خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سنڌي ادب، سنڌي ٻولي ۽ لطيف شناسيءَ جي حوالي سان جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اهي يادگار آهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *