تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

وحشي سماج ۽ پينو فقيرياڻي..!!! آزاد لال حسين منڱريو

مومل ماءُ جي هڪ ئي ڌي هئي جيڪا انتهائي غريب گهراڻي سان واسطو رکندڙ هئي مومل جو پيءُ ننڍپڻ ۾ ئي مومل کي اڪيلو ڇڏي وڃي حقيقي مالڪ سان مليو جڏهن ته مومل جي پي جي مري وڃڻ کانپوءِ مومل جي ماءُ جي طبعيت اڪثر ناساز رهندي هئي جڏهن ته پي جي وفات کانپوءِ گهر جو گذرسفر ڏاڍو مشڪل ٿي ويو هڪ ماءُ جي علاج جو خرچ ۽ ٻيو گهر جو سيڌو سامان مومل کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري وڌو جڏهن ته مومل جي ايڏي وڏي ڄمار نه هئي ۽ نه ڪو هنر هو مومل هر وسيلو بند هئڻ ڪري رات دير تائين سوچيندي نيٺ مجبور ٿي پني ڀيٽ پالڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح سوير گهران نڪري ڳوٺ ڀرسان آباد شهر جتي ايندڙ ويندڙ ڪاروباري ماڻهن زميندارن کان ماني خاطر پني شام جو سير اٽي ۽ ماءُ جي دوائن جيترا پئسا ملي ويندا هئا جنهن ۾ گذر سفر هلندو پيو هو جڏهن ته مومل جوان ۽ حسين هوندي هئي جڏهن شهر ۾ خيرات لاءِ ويندي هئي ته سمورو شهر مومل کي عجيب خيالن سان گهوري ڏسندو هو شهر ۾ هوٽلن دڪانن تي ويٺل نوجوان مومل کي حوس ڀرين نگاهن سان تڪيندا هئا ۽ خيرات ڏيڻ بهاني پاڻ ڏانهن گهرائي عجيب و غريب مشڪريون ڪندا هئا مومل اهو سڀ ڪجه غريب هجڻ ناتي برداشت ڪندي رهندي هئي ايئن زندگي جو ڪاروهنوار هلندو رهيو.
دڪاندار دوسو به مومل جي حسن تي مهو هو جنهن ڪنهن سازش تحت مومل کي ڄار ۾ ڦاسائڻ چاهيو ٿي دوسو سوڍي کي پنهنجي دڪان تي گهرائي سڄي ماجرا ٻڌائي ۽ مومل کي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ذميواري ڏني سوڍي وڏي آڙيڪاپ عورت هئي جيڪا شهر ۾ چوڙيون ۽ ٻيو سامان کپائيندي هئي ۽ روزاني بنياد تي مومل سان حال احوال ڪندي رهي ايئن هنن پاڻ ۾ دوستي جو هٿ وڌايو هنن جي پاڻ ۾ دوستي جي سڄي شهر کي خبر پئجي وئي ڇو ته سوڍي کان شهر جا اڪثر ماڻهو پاسو ڪندا هئا جنهن ڪري مومل کي جيڪي ماڻهو به تنگ ڪندا هئا انهن تنگ ڪرڻ ڇڏي ڏنو ايئن هنن ٻنهي جو هڪ ٻئي تي پختو اعتماد هو هڪ ڏينهن سوڍي مومل کي چيو ته اڄ شام جو منهنجي دعوت آهي مامي جي پراڻي گهر ۾ اهو ٻڌندي مومل اچرج ۾ پئجي وئي ۽ هڪدم وراڻيائين ته ڇاجي دعوت آهي؟ سوڍي جواب ڏيندي چيو ته پاڻ ٻنهي وچ ۾ نئي دوستي قائم ٿي آهي انهي حوالي سان دعوت به آهي ۽ ڪچهري جو به پروگرام آهي، سو مومل کن پل خاموش رهندي دعوت لاءِ هاڪار ڪئي ۽ سوڍي دوسو جي گڏيل سازش تحت دعوت جي پڪ ٿي وئي جڏهن ته شام جو مومل ۽ سوڍي جي پهچڻ کان اڳ دوسو ماني تيار ڪري انتظار ڪري رهيو هو ته جيسين مومل ۽ سوڍي گڏجي مامي جي گهر پهتيون مومل جي گيٽ اندر گهڙندي ئي دوسو تي نظر پئجي وئي ۽ مومل کن پل لاءِ پريشاني ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ هڪدم سوڍي کان جهيڻي آواز ۾ پڇڻ لڳي ته دوسو هتي ڇا ٿو ڪري؟ سوڍي مومل کي مطمئن ڪرڻ لاءِ جواب ڏيندي چيو ته دوسو منهنجو عزيز آهي، مومل سوڍي تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي وراڻيو ته ڪٿي دوستي ۾ دغا ته نه ڪندئي!؟ سوڍي وراڻيو بي خوف ٿي ماني کا پوءِ هلون ٿا. ايتري ۾ دوسو ماني لڳائي جڏهن ته دوسو مومل جي ڀاڄي واري پليٽ ۾ ڪجهه نشي جون گوريون وجهي مومل اڳيان رکيائين مومل ۽ سوڍي ماني کائڻ لڳيون مومل ٻه ٽي ماني جا گرھ هڻڻ کانپوءِ آهستي آهستي جهيڻي ننڊ اچڻ لڳي ايئن مومل پويان پيل صوفي تي ليٽي پئي ۽ مڪمل هوش وڃائي چڪي هئي ۽ دوسو گگ وهندڙ ڇتي ڪتي جيان مومل جي جسم کي ڏاڙهڻ لڳو پوءِ حوس جو نشانو بڻائي گهٽا ڏئي ماري لاش رسي ۾ ٻڌي گهر کان ڏور رڻ ۾ ڪنهن وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيائين..!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *