تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

وحشي جيوت ۽ انساني ارتقا …..عذير عابد

ھر ڳالهه فڪر توڙي خيال کي بھتر نموني سمجھڻ لاءِ اھو ضروري ھوندو آھي ته ان جو پس منظر ڏٺو وڃي، ان کانپوءِ ئي پاڻ ان فڪر توڙي خيال کي بھتر نموني سمجھي سگھنداسين. ساڳي ريت، پاڻ يعني اسانجو سماج جن نفسياتي، فڪري توڙي خيالي مونجھارن ۾ ڦاٿل آھي، انھن کي سمجھڻ توڙي حل ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته پاڻ انساني جبلتن، نفسيات توڙي عادتن جو مطالعو ڪريون. ڇو ته سماج جا سڀئي معاملا توڙي مونجھارا انسانن پاڻ ئي پيدا ڪيا آھن.
انسان جون جيڪي اڄ ضرورتون ۽ ماحول آهي، اهو ھميشه کان نه رھيو آھن، انسانن سان جيڪي معاملا درپيش پئي آيا آهن، اهي به مختلف رهيا آهن. انساني تاريخ جي ڪھاڻي ۾ مختلف دور آيا آھن ۽ انھن مخصوص دورن ۾ مخصوص عقيدن ۽ خيالن پرورش پاتي. اھا ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته انسان جبلتن پراڻ پسند رھيو آھي، انسانن جي اڪثريت پنهنجي فطرت ۾ باغي نه آھي، ان ھميشه پنهنجي ابن ڏاڏن جي ٻڌايل ڳالهين کي اڳتي وڌايو آھي، پر جيئن ته ھر دور پاڻ سان پنهنجون ضرورتون کڻي اچي ٿو، تنهنڪري اھا ماڻهو جي مجبوري به ھئي ته اھو وقت سان گڏ پنهنجي ريتن، رسمن ۽ عقيدن ۾ بھتري آڻي. پر ھن ڪڏھن به اھو عمل رضا خوشي سان نه ڪيو آھي. هميشه حالتن ماڻهو کي تبديلي ڏانهن ڌڪيو آھي. ايئن انساني سماج سفر در سفر پاڻ ۾ ڪي نيون ڳالهيون سموئي ۽ پراڻين ڳالهيون کي ڇڏي اڳتي وڌندو رھيو آھي. شروعاتي دور ۾ جيئن ته واقعا ڏاڍا خطرناڪ پيش آيا ۽ تجربا به تمام تلخ رھيا، تنهن ڪري ان جي فطرت ۾ به ڪي تلخ جبلتون ۽ وحشي عادتون شامل ٿي ويون. انساني سمجهه ۽ خيالن جو تعين ان ماحول ئي ڪيو جنھن ۾ ان پرورش پاتي، ايئن تاريخ جي ڊگھي سفر ۾ انسان جيڪي ڪم بار بار ڪيا پئي اھي ڄڻ ته ھن جي وجود جو حصو بڻجي ويا. ايئن ماڻھو جي فطرت يا جبلتن جو جنم ٿيو.
اڄ ڪو مثال ڪنھن گروهه يا قوم بابت ڏنو ويندو آھي ته فلاڻي قوم ۾ فلاڻي خوبي آھي، ته اھا پڻ ان قوم جي سڀني فردن ۾ ساڳي ماحول ۾ رھڻ سبب ۽ ساڳي قسم جي عمل توڙي ردعمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل هوندي آهي. سائنس جي مطابق جبلت ۾ انسان کي صرف ھڪڙو خوف مليو آھي ۽ اھو آھي وڏي آواز کان خوف کائڻ. ان جو مطلب ته اسان جي وڏن وڏي آواز جو تمام گھڻو تجربو ڪيو ۽ ان کان ڊنا، تنهن ڪري اھو سندن وجود جو حصو بڻجي ويو. قبائلي جھيڙا به قديم انسان جون وحشي عادتون آھن جيڪي اڄ تائين ھلنديون اچن. جيتوڻيڪ، اڄ جي انسان کي قبائلي جهيڙا نٿا سونهن پر جڏھن ماڻهو قبيلن جي صورت ۾ رھندا هئا، تڏھن اھي پنهنجي بچاءُ ۽ طاقت لاءِ جھيڙا ڪندا هئا. ماڻهن جا گروهه گڏجي قبيلا جوڙين ٿا ۽ قبيلا وري قومن ۽ انساني سماج کي جنمن ٿا. تنهن ڪري شروع ۾ انسان پنهنجي قبيلن جي حفاظت لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هئا ۽ قبيلي کان ٻاھر ڄڻ ته ھنن جو ڪو واسطو به نه ھو، بلڪه انهن کي دشمن سمجهيو ويندو هو. پوءِ اڳتي ھلي انساني عقل جي ارتقا ايستائين پھتي جو ھنن پنهنجي قومن کي پنهنجو وجود جو سبب سمجھيو، انهن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا پر اھا قومپرستي فاشزم ۾ تبديل ٿي وئي، يعني پنهنجي قوم کي ٻين کان بھتر ۽ افضل سمجھيو ويو ۽ ٻين جي حقن توڙي ثقافت جو احترام نه ڪيو ويو. يقينن اھو رويو به قبائليت وانگر مجموعي انساني سماج ۽ انسانيت لاءِ ھڃيڪار ثابت ٿيو. گھڻو پوءِ اھو يوناني ڏاھو سسرو ھو، جنھن سموري انسانيت “humanisms” جي ڳالهه ڪئي، تنهن کانپوءِ انسان ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته سڀئي انسان محترم آھن. تنهنڪري سندن خواھشون، اميدون توڙي خيال احترام جوڳا آھن، ڀلي توهان انهن سان متفق نه ھجو، جنھن کي اظھار جي آزادي (Fredom of speech) جو نالو ڏنو ويو. بھرحال ان کانپوءِ وري انسان سمجهه ۽ عقل ۾ ھڪ ٻي به بھتري آئي ۽ ماڻهو اھو چيو ته صرف انسانن جا نه پر سموري جيوت جانورن، وڻن، ٻوٽن، درياھن ۽ سمنڊن جا پڻ حق ٿين ٿا ۽ انھن جو فقط پنهنجي ضرورتن لاءِ استحصال نه ڪيو وڃي.
اھا انسان جي خوبي آھي ته ھو روز بروز بھترين خيالن کي جنمي ٿو، اڳتي وڌندو رھي ٿو. پراڻن مروج ۽ ردي خيالن کي رد ڪري ٿو ۽ وسيع تناظر ۾ شين ۽ واقعن کي ڏسڻ جي سگهه رکي ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *