تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

وحشت جي ور چڙهيل ٻار ۽ سماجي ذميواريون!…..عائشه ڌاريجو

سنڌ ۾ معصوم گلن جهڙن ٻارن سان وڌندڙ زيادتين جي واقعن هڪ نئين قيامت برپا ڪري رکي آهي. جيتوڻيڪ پهرين به اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، پر هن وقت جڏهن سجاڳي جا ذريعا وڌيا آهن، سوشل ميڊيا مضبوط ٿيو آهي، تڏهن گهڻن واقعن جي بروقت خبر پئجيو وڃي.  سوشل ميڊيا تي مڪمل نه کڻي تڏهن به گهڻي تبديلي آئي آهي. مان هتي ڳالھ خاص ڪري سنڌ جي ڪنديس ته سنڌ ۾ هاڻي هوائن جا رُخ ڪجهه قدر بدليا آهن، هاڻ رُڃ مان رڙيون اچڻ شروع ٿيون آهن. خوشي ٿيندي آهي جڏهن اسان جا سوشل ايڪٽوسٽ، ليکڪ ۽ صحافي ان حوالي سان هڪ پيج تي هوندا آهن. انهن ۾ تازو مثال 8 ورهين جي معصوم زارا منگي جو آهي، جنهن کي زيادتي کان پوءِ قتل ڪيو ويو. ان کان پوءِ هيءُ جيءُ جهوريندڙ واقعو سمعيه کوسو جو ٿيو، جنهن کي وڏي عمر واري شخص زيادتي جو نشانو بڻايو. اها معصوم به اٺن ورهين جي آهي جنهن کي رتو رت حالت ۾ سکر اسپتال ۾ کڻي آيا هئا. هاڻي تازو ئي پني عاقل ۾ افسانه سميجو کي سندس مدرسي جي پيش امام زيادتي جو نشانو بڻايو. ٻيو انتهائي افسوسناڪ واقعو 9 مهينا پهرين جيڪب آباد ۾ پيش آيو، جنهن ۾ 14 سالن جي ارم ابڙو کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. سندس ماءُ جي همت کي سلام آهي، جيڪا جيڪب آباد جهڙي علائقي ۾ رهي ڪري بگهڙن سان مقابلو ڪري ٿي. اڳ اهڙن واقعن ۾ يا ته حمل ضايع ڪرايو ويندو هو يا تازا ڄاول ٻار گند ڪچري جي ڍيرن تي ملندا هئا پر ارم جي امڙ جي همت آهي جو پنهنجي ڌيءَ جي اولاد کي پاڻ پالڻ چاهي ٿي. هن اجتماعي زيادتي تي گهڻا بحث ڇڙيل آهن ته آخر ٻار کي دنيا ۾ آڻڻ جي ضرورت پيش ڇو آئي؟ ايف آءِ آر دير سان درج ڇو ڪرائي وئي؟ ڪجهه به هجي پر ٿيو ته غلط آهي. هاڻي جڏهن هوءَ پنهنجو حق گُهري ٿي ته سماج سندس ڪردار تي آڱريون کڻي ٿو. هي ڪهڙو سماج آهي جتي ظلم زيادتي ڏاڍائي ڪرڻ وارا مڇون وٽي ڳاٽ اوچو ڪري هلن ٿا، جڏهن ته ظلم جو شڪار مظلوم ماڻهو ڪنڌ هيٺ ڪري گهر، ڳوٺ ۽ شهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.
سنڌ ۾ اڄڪلھ ته هر گهر ۾ تڏو وڇايل آهي، ڪٿي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي، ڪٿي لاشن تي، ڪٿي کنڀجي ويلن جو ماتم ٿو ٿئي ته ڪٿي عورتن سان ٿيندڙ ظلم تي دانهون آهن. پر ٻار ته ٻار آهن، دنيا جي چالاڪين ۽ حرامپاين کان بي پرواهه ۽ اڻ ڄاڻ، اسان جو سماج انهن گلن جهڙن معصوم ٻارن لاءِ به محفوظ ناهي. انهن کي ڪهڙي خبر ته انهن لاءِ گهر جا رستا روڊ، گهٽيون، ڳوٺ جا دُڪان ايتري قدر جو مسجدون به محفوظ ناهن. خبر ناهي ڪيئن دين جو درس ڏيندڙ ڪي مولوي انسانيت جا ليڪا به لتاڙي ٿا وڃن ۽ پوءِ پنهنجي انهي عمل کي شيطان جي کاتي ۾ وجهي ٿا ڇڏين ٿا ته مٿن شيطان سوار ٿي ويو هو! افسوس ٿو ٿئي انهن وڏيرن، ڳوٺ جي چڱن مڙسن تي جيڪي ان درندگيءَ کان پوءِ به مجرم کي معاف ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، ڪوششون وٺن ٿا ته مسئلي کي لئي مٽي ڪجي، پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪري ڪجهه ڏيتي ليتي ڪري ٺاھ ڪجي. منهنجي هڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس سان ڳالھ ٻولهه ٿي جنهن چيو ته، “هي واقعا اصل کان ٿيندا رهيا آهن ۽ فيصلو ڪري ڳوٺ ۾ امن قائم ڪرايو وڃي ٿو.” پر هن کي ڪهڙي خبر ته هي ڏوهاري اهي وائرس آهن جيڪي نسلن کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا. سندن وحشت جا ڇڏيل نشان حوس جو نشانو بڻجندڙ معصوم وجودن کان سڄي عمر نٿا وسرن. اهي زيادتي جو نشانو بڻايل ٻار ڪڏهن نارمل زندگي ڏانهن واپس نٿا اچن، نه ھُو ڪامياب زندگي گذاري سگهن ٿا. جيڪي ٻار انهي ٽراما مان باهر نڪرن ٿا تن ۾ سندن والدين جو اهم ڪردار هجي ٿو. اهي ٻارن جي ڪائونسلنگ سان گڏ ٻارن کي ماهر نفسيات کان ڊگهي عرصي تائين علاج ڪرائين ٿا. اهڙن ڪردارن ۾ اردو اداڪاره ناديه جميل جو ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي جيڪا پڻ ننڍپڻ ۾ ان اذيت مان گذري ۽ اڄ هوءَ  ٻارن جي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن نه رڳو وڏي همت سان پنهنجي ڪهاڻي دنيا جي سامهون رکي آهي پر هر فورم تي اهڙن مسئلن کي اجاگر ڪري رهي آهي.
ٻارن سان ڏاڍائين وارن واقعن جي حوالي سان حڪومت کي مک ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. حڪومت جو فرض آهي ته اها هر ڪيس ۾ پاڻ فريادي ٿئي ڇو ته اهڙن ڪيسن ۾ اڳتي هلي سمجھوتا ٿي ويندا آهن، ڪٿي عيوضن تي جوابدار ڌر کي معاف ڪيو ويندو آهي، ڪٿي ڳوٺ يا تر جي چڱن مڙسن جي دٻاءُ تي ته ڪٿي وري غربت سبب مائٽ ڪيس جي مڪمل پيروي نه ڪري سگهندا آهن يا وري جوابدار ڌر جي ڌمڪين هيٺ زندگي گذاريندا آهن. حڪومت جو فرض آهي ته اهڙن خاندانن کي تحفظ فراهم ڪري، مجرم جي گرفتاري کان سزا تائين فريادي جو ساٿ ڏئي، وڏن هٿن جي اثر رُسوخ کي ناڪام بڻائي جيستائين حڪومت اهڙن ڪيسن ۾ اهم ڪردار  ادا نه ڪندي تبديلي اچڻ ممڪن ناهي.
جيتوڻيڪ انهن سڀني ڪيسن ۾ سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جو ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي. پر هي ايڏا وڏا واقعا رڳو اخبارن جي زينت ڇو ٿا بڻجن، وقت اچي ويو آهي ته اسين کليل نموني اهڙن مسئلن تي ڳالهايون، ان جي مختلف پهلوئن کي بحث هيٺ آڻيون، اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ته ڏاڍائي جو شڪار ٻارن جي ذهن ۽ نفسيات تي ڪهڙا اثر پون ٿا، سندن شخصيت ڪيئن ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿئي ٿي، هنن کي واپس نارمل زندگيءَ ڏانهن ڪيئن آڻي سگهجي ٿو. ڳوٺن ۾ جتي جهالت آهي سُجاڳي وڌائي وڃي، پنهنجن ٻارن کي بهترين وقت ڏنو وڃي، انهن سان دوستي وارو تعلق رکجي جيئن هو هر ڳالهه پنهنجي والدين سان ونڊين. والدين ۽ ٻارن جي وچ ۾ فاصلا ۽ دوريون نه هجن ڇو ته گهڻن ڪيسن ۾ ڏٺو ويو آهي ته ٻارڙا پنهنجي والدين کان خوف جي ڪري اهڙيون ڳالهيون نٿا ڪن، جنهن سان مونجهارا وڌن ٿا. ٻارن کي اسڪولن ۾ تربيت ڏني وڃي، کين غلط ۽ صحيح جي سڃاڻپ ڪرائي وڃي. هي مسئلا رڳو حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ناهن پر هي سماجي مسئلا آهي، جنهن تي اسان سڀني کي هڪ فورم تي گڏجي گڏيل نموني جنگ جوٽڻي پوندي، ان سان ڪو رات وچ ۾ ماحول تبديل نه ٿيندو پر ڪجهه قدر ته بهتري ايندي. سڀ نه سهي پر جي ڪجهه زندگيون ئي گڏيل جدوجهد سان بچي وڃن ٿيون، ڏوهارين کي سزا ملي ٿي ته ان کان بهتر ڪو ٻيو ڪم نه هوندو.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *