تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

وجود پيدا ڪندڙ وجود ….سلطانه وقاصي

هن ڪائنات ۾ هڪ اهڙو وجود آهي جنهن جي ڪري هيءَ ڪائنات موجود آهي اُهو وجود عورت جو وجود آهي، جڏهن هڪ عورت جي وجود مان هڪ وجود پيدا ٿئي ٿو اُهو ڌيءَ هجي يا پٽ ان کي ڌرتيءَ تي آڻڻ واري عورت آهي، ڳالهه شروع ڪيان ٿي منهنجي هڪ دوست ڏاڍي ڏکياري، ان کي آٿت ڏيندي چيم ته مون کي پنهنجي هڪ خواهش ٻڌاءِ جنهن مان توکي سڪون ۽ راحت ملي اُن ڏاڍي نراسائيءَ سان چيو “مان اُها سڪون واري ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿي جنهن ۾ ڪو ڏک ڪو بار نه هجي” هي لفظ هڪ پڙهيل لکيل ڪمائيندڙ شهري جا عورت آهن، هُن ڪا وڏي خواهش نه ڪئي آهي، ٻهراڙيءَ جي اٻوجهه عورت جو ته ڪو حال همدرد ئي ڪونهي، بٽئي کان وٺي ڦٽين چونڊجڻ تائين زمين تي ڪم ڪندي آهي، گهر جي ڪم سان گڏ رليون ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ، ايڏي محنت جي باوجود به ان جي پورهئي جو پئسو ان کي نصيب ڪو نه ٿو ٿئي، سنڌ ۾ جت ونين ۽ ڄاين جي مٿان سر قربان ڪبا آهن اُت انهن جو ڪاروبار به ٿيندو آهي، نياڻيءَ جي ڄمڻ سان منهن لهي ويندا آهن اگر ڪنهن کي لاڳيتو ٻه ٽي ڌيئرون ڄايون ته پوءِ اُن جو جيئڻ وهه ٿي ويندو آهي، هن معاشري ۾ مرد کي پٽ کپن ئي کپن پر عورتون به چاهين ٿيون ته پٽ ڄمن ته انهن کي تحفظ ملي، هاڻ وري ڪجهه اهڙا گهر آهن جت ڌيءَ ڄمڻ سان گهرڀاتي خوش ٿي ويندا آهن، هي اُهي آهن جيڪي نياڻين کي پئسي تي وڪڻندا آهن، ياد اٿم هڪ عملدار ڌيءَ ڄمڻ تي مٺائي پيو ورهائي، پڇُڻ تي ٻڌايائين ته پنجاهه هزار ڪاڏي ڪو نه ويا، اڃان جي رنگ روپ ڪڍيائين ته لک ۾ ويندي، هي نياڻين جو ڪاروبار اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي، بدي تي ڏنل نياڻيءَ جي پُڇا ئي ڪا نه هوندي آهي، مرد ڪنهن ڇوڪريءَ جيڪا سئوٽ ماسات هوندي آهي ان جي پٺيان هوندو آهي، ڪن کي ته ڀاڄايون به ڏاڍيون وڻنديون آهن، ٺهي وڃن لفٽ ڪرايائون ته ٺيڪ نه ته ڪاري ٿي مرندي، ڪنهن کي به ڪاري ڪري پيءُ ڪو نه ماريندو آهي، اهي ئي سئوٽ ماسات ڀاءُ جا ڪن ڀري ان بيگناهه کي ماري ڇڏيندا آهن.
عورت کي جائيداد مان حصو به ملندو آهي، اڄ اهو حال آهي جو جيڪا عورت ڪجهه به نٿي گهري صرف عزت ٿي گهري اها به نٿي وڻي ۽ جيڪا وات وڪيل ٿي حق ٿي گهري اها به ڪا نه ٿي وڻي، حراسمينٽ، تيزاب گري جهڙا واقعا به جام پيا ٿين، ڪي روپ اهڙا آهن عورتن جا جو عورت سس، ننهن، نڻان، ڀاڄائيءَ جي روپ ۾ به هڪٻئي کي ڪو نه ٿيون سهن، پڙهيل لکيل عورت شادي شده مرد سان شادي ڪري ٿي ٻئي جو جهڳو ٽوڙي ٿي، الاهي مسئلا آهن اسان جي هن معاشري ۾، چئوطرف جوڙ توڙ لڳي پئي آهي، جنهن جي اڳيان شان مان واريون عورتون جام آهن پر اهي به آهن جن جي ڪري اسان جو معاشرو خرابين ڏانهن پيو وڃي، مرد ته آهي مرد پر عورت به پنهنجو وقار وڃائي ويٺي آهي، چاهي ان جو تعداد ٿوروئي هجي پر برداشت نه ٿو ٿئي، هي مسئلو اُن ڪري به وڌيو آهي ته گڏيل گهر جو نظام اسان وٽ گهٽجي ويو آهي، اهو سهي آهي ته هت عورت وڌيڪ سهي ٿي، ڀوڳي ٿي، ڏک ٿي ڏسي، اُن جو حل گهر مان شروع ٿئي ٿو، گهر ۾ پٽن ۽ ڌيئرن جي برابري ڪري عزت ڪرائجي، صحيح ذهني تربيت ڏجي ته اسان جو معاشرو جن مسئلن جو شڪار آهي اُهي ختم ٿي وڃن ۽ عورت کي عزت ۽ مان ملي.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *