تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

وبا کان اڳ وبا کان پوءِ … دريا خان شنباڻي

اڻويهن ويهن سالن جو جانٺو جوان سڄو ڏينهن گرميء ۾ پاڻي ورائي سانجهيء ٽاڻي پنهنجي ڪلهي تي ڪوڏر لڙڪائيندو گهر پهتو ته سندس ماءُ چيو “اچي وئين پٽ?”هن ڪابه ورندي نه ڏني ۽ ڪوڏر ڪلهي تان لاهي گهر جي ڪنڊ تي رکي نلڪي وٽ وڃي هٿ منهن ڌوتائين ۽ هٿن سان منهن اگهندو اچي کٽ تي ويٺو. سندس ماءُ هن جي اڳيان “بسم الله” چئي ماني رکي. هن گرھ ڀڃي وات ۾ وڌو ته سندس ماءُ هن جي کٽ جي پيرانديء ويهندي چيو “ڀرجي وئي ٻني?” “جي امان” هن چيو ۽ پوء هڪ ٿڌو ساھ ڀريندي ٻيو گرھ وات ۾ وڌو ۽ گرھ چٻاڙيندي هي هڪ نظر ڦيرائي اتي ڏسڻ لڳو جتي سندس پيء جي کٽ پئي هوندي هئي. هاڻي کٽ اندر ڪمري ۾ رکيل آھي ۽ سندس والد قبرستان ۾. هن پاسي سان رکيل ٻين کٽن ڏانهن نهاريو, ڀرسان سندس ننڍڙي ڀيڻ جي کٽ رکيل جيڪا هينئر ننڊ پئي هئي ۽ پريان سندس ماءُ جي کٽ ۽ ٿورڙي مفاصلي تي سندس ڏاڏيء جي کٽ جيڪا شايد جاڳي رهي هئي. هن ڪجھ گرھ وات ۾ وڌا پر ماني هن کي لذت اصل نه ڏئي رهي هئي اصل ۾ هن جي اندر ۾ قرار نه هيو. هن محسوس ڪيو ته هي ماني جا گرھ وات ۾ ڪونه ٿو وجهي پر ڄڻ زهر جا ڍُڪ ڀري رهيو هجي.
هن پنهنجي ماءُ ڏانهن نهاريو ته سندس چهري تي ڏک جون ريکائون ظاهر هيون. شام جي دنڌلڪي ۾ هن پنهنجي ماءُ جي چهري کي ڪنهن گهري کوھ ۾ ڀانئيو… هن محسوس ڪيو ته سندس ماءُ جي اندر ۾ ڏکن جا ڍڳ لٿل آھن. هو ماءُ جي دل خوش ڪرڻ خاطر گرھ چٻاڙيندو رهيو پر هن جي نڙي مان گرھ جو هيٺ لهڻ مشڪل ٿي پيو هيو سو ٻوڙ جي وٽي مانيء مٿان رکي ماءُ ڏانهن سيريندي چيائين “امان کڻ” هن جي ان ڳالهاءُ تي ڄڻ سندس ماءُ کوھ جي تري مان نڪتي هجي ۽ ٿورڙو زوردار آواز سان چيائين “ماني ڍءُ ڪري کاءُ پٽ” “بس امان ڍءُ ڪيم” هن جو اهو آواز پرڀري کٽ تي ستل ڏاڏيء ٻڌو ته هوء به اٿي ويهي رهي ۽ چيائين “مانيء کان سواء نه سرندي آ پٽ” سندس ماءُ ٿانو کنيا ۽ ٻيهر اچي هن جي ڀرسان ويٺي, ٻنهي جي وچ ۾ ڄڻ صدين جي خاموشي ڇانيل هئي. اوچتو سندس ماءُ جي روئڻ جو سُڏڪو ٿيو ته هو به روئڻ لڳو ۽ روئيندي چوڻ لڳو “اڄ سڄو ڏينهن ٻنيء تي بابا لاء سوچيندو رهيس ته اجهو بابا ڪٿان نه ڪٿان ظاهر ٿيندو ۽ ٻنيء تي حالي احوالي ٿينداسين پر…….” هو پر کان اڳتي ڪڇي نه سگهيو ۽ سندس ماءُ ٿورڙي خاموشيء کان پوء چيو “مان وري اهو سوچيندي رهيس ته اجهو پڻھين ٻنيء تان واپس اچي سڏيندو ته او زُبوء جي ماءُ…..او زُبوء جي ماءُ, پر الله سائينء جي وس آھي جيڪي هليا ويندا آھن سي واپس ٿوروئي ٿيندا آھن.”
ننهن ۽ پوٽي جي روئڻ جو آواز ٻڌي ڪراڙيء جي دل به ڄڻ ٻه اڌ ٿيڻ لڳي…. سندس پٽ کي هي جهان ڇڏئي اڄ ستون ڏينهن آھي, ڪراڙي ماءُ لاچاري ۽ بيوسيء وچان وڇايل رليء تي هٿ ڦيرڻ لڳي ۽ ڪجھ لمحن ۾ هن جي هٿ تي ٻه گرم گرم ڳوڙھا ڪريا. هن پنهنجو جسم سڙندي محسوس ڪيو. هن محسوس ڪيو ته هوء ڪنهن کوري مثل آھي ۽ موت هن جي اندر ۾ ڪاٺيون سيريندو باھ ٻاريندو ٿو رهي, هوء جلي ٿي پچي ٿي, ڪجھ عرصو ٺري وري پچي ٿي. هن محسوس ڪيو ته آخر ڪنهن جا سور سوايا آھن, هڪ زال جا, هڪ پٽ جا يا هڪ ماءُ جا….. هوء ڪاٿو نه لڳائي سگهي. اڄ شام ئي ته ننهن ڪاوڙ وچان کيس چيو هيو ته, “تون ته اصل کان ئي نڀاڳي آھين”، تڏھن هن صرف ايترو چيو هيو ته “هائوڙي امان! سچ پئي چوين”۽ پوءِ هو ماضي گرڻ ۾ لهي وئي….
هن پنهنجي زندگي ۾ سنها سُڪا ڌڪ ته گهڻا ئي کاڌا پر ٻچن ۽ گهرواري جي موت ته هن کي جهوري ڇڏيو. پر ان باوجود به هو جيئري آھي, هو تڏھن به نه مُئي هئي جڏھن سندس وڏور ڌيءُ کي اک ۾ ڪا بيماري ٿي جنهن ۾ هن جي هڪ اک ضايع ٿي وئي هئي ۽ ان وڏور ڌيءُ کي سندس گهروارو “ڪاڻي” ڪري سڏيندو هيو ۽ نيٺ اها به سور سهي سهي مري وئي, ۽ هڪ اهڙو دور به آيو جو ملڪان ملڪ هڪ وبا منهن ڪڍيو, ملڪن جا ملڪ, شھرن جا شھر, ڳوٺن جا ڳوٺ تباھ ٿي ويا, ماڻھو مرندا رهيا, ماڻھو پنهنجن پيارن جا لاش ڍوئي ڍوئي ساڻا ٿي پيا, ملڪ تي موت راڪاس بڻجي هوڪا ڏيندو رهيو, تڏھن هن زبير عرف زُبوء جي ڄمڻ کان پنج ڏينهن پهريان سندس ڏاڏو هن وبا جو شڪار ٿيو ۽ هن جي ڄمڻ کان پوء ٻئي ڏينهن تي سندس ننڍو چاچو قبر ڀيڙو ٿيو هيو. ڪراڙي سوچيندي رهي ۽ پوءِ ڏک وچان آسمان ڏانهن ڏٺائين, هن کي تمام ٿورڙا تارا ٽمڪندي نظر آيا, “ڇا تارا به مرندا آھن” ڪراڙيءَ سوچيو ۽ پوءِ خيال آيس ته “اصل ۾ سندس نظر ڪمزور ٿي پئي آھي تڏھن کيس تارا ٿورڙا ٿا نظر اچن نه ته وبا وارن ڏينهن ۾ به تارا جام بيٺا هوندا هيا ۽ تڏھن هن جهولي جهلي هن وبا کان بچڻ جي دعا گهري هئي.
وبا وارن ڏينهن ۾ پکي به ڄڻ اسان سان سوڳ ۾ هيا, تڏھن جڏھن هر گهر مان لاش ٿي نڪتو, تڏھن ته ماڻھن جي اکين جا ڳوڙھا به خشڪ ٿي چڪا هيا, پر قدرت مهربان آھي….. انسان هڪ دفعو وري هٿوراڙيون هڻي اٿيو, زمين تي ٻيهر ڦھلجي ويو, خوشيون ۽ شادمانيون ٿيڻ لڳيون, درد ۽ خوف ماضيء جا قصا بڻجي ويا, انسان ڏاڍو آھي. انسان هر مصيبت سهي ٿو وڃي, هو جيئي ٿو, مري ٿو ۽ وري جيئي ٿو.” ڪراڙيءَ پاسو ورايو ۽ اکيون بند ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪيائين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *