تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

وبا وهمن ۽ وسوسن مان جان ڇڏائڻ جو وسيلو…عروسه کٽي

جنهن ڪورونا وائرس سڄي دنيا کي پريشاني ۾ مبتلا۽ دنيا جي نظام کي منجمد ڪري ڇڏيو آهي اتي اسان جي ملڪ ۾ وري ڪيترائي اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي مختلف وهمن ۽ وسوسن جو شڪار ٿي رهيا آهن. اسان جا ماڻهو هونئن به تعويذ، ڌاڳن ۽ ڦيڻن تي تمام گهڻو ويساهه رکن ٿا. جڏهن کان سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ٿيو آهي ته سوشل ميڊيا معلومات جو اهم ذريعو بڻجي ويو آهي ۽ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ يا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جون خبرون، تصويرون، يا وڊيوز تمام تيزي سان وائرل ٿي وڃن ٿيون. تازو ئي هڪ وڊيو سنڌ جي ڪنهن شهر جي هئي جنهن ۾ هڪ همراهه مٺائي جو ٿالهه کڻي بيٺل آهي ۽ ٻڌائي پيو ته ڪورونا وائرس رات هن جي خواب ۾ آئي هئي ۽ چوڻ لڳي ته مان پاڪستان مان سڀاڻي پنجين وڳي هلي وينديس هتي رڳو دعائون ۽ ذڪر ٿو هلي سو مون کي حڪم ٿيو آهي ته مان هي ملڪ ڇڏي هلي وڃان. اهڙي ريت هو همراهه اها ڪهاڻي هر ايندڙ ويندڙ کي ٻڌائي به رهيو هو ۽ مٺائي به ورهائي رهيو هو، ان ڏينهن کان پوءِ به ڪيترائي نوان ڪيس رپوٽ ٿيا ۽ ٻيا به ٿي رهيا آهن. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به ڪورونا گهمي رهيو آهي اهو ڪنهن به صورت واپس وڃڻ لاءِ تيار نه آهي. پر هن همراهه جي خواب کان پوءِ سڀني کي اها خبرضرور پئي ته ڪورونا وائرس هڪ عورت آهي ۽ هونئن به تاريخ گواهه آهي ته جيڪي به طوفان ۽ تباهيون دنيا ۾ آيون آهن. اهي سڀ عورتن جي نالن سان منسوب ڪيون وڃن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته عورت سنڌ جي هجي، پاڪستان جي هجي يا دنيا جي ڪنهن به خطي سان ان جو تعلق هجي سدائين امن پسند ۽ محبت پسند رهي آهي.
هڪ ٻي خبر جيڪا واٽس ايپ تي وائرل ٿي آهي اها هڪڙي ننڍڙي ٻار جي آهي. جنهن لاءِ ڪجهه ماڻهو ٻڌائين ٿا ته اهو لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو آهي يا ڪجهه ماڻهو سکر شهر جو نالو کڻن ٿا ته هي ٻار جنهن ڏينهن پيدا ٿيو انهي وقت تي هن ٻار ڳالهايو ۽ چيائين ته ڪورونا وائرس جو علاج صرف سليماني چانهه سان ٿي سگهي ٿو سو جيترو ٿي سگهي سليماني چانهه پيو ۽ ڪورونا وائرس کي ختم ڪريو. اهي خبرون ڪندي اهو ٻار وري انهي ڏينهن فوت به ٿي ويو. جيڪا انتهائي حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ تازو ڄاول ٻار ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهي ۽ ان کي اها خبر ڪيئن پئي ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس جهڙي موتمار بيماري حملو ڪيو آهي.
اهڙي ئي هڪ خبر ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن کان به ٻڌڻ ۾ آئي آهي. جنهن ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته جڏهن به دنيا ۾ ڪا وبا يا ڪا مصيبت ايندي آهي ته چوهڙ جمالي جي ويجهو هڪ مشهور درگاهه جيڪا شاهه عقيق جي آهي اتان ماڻهن کي اشارو ٿيندو آهي ۽ بيمارين يا وبائن جي علاج جو ڏس پتو ملندو آهي. انهي سلسلي ۾ هڪ ماڻهو کي خواب ۾ اشارو ٿيو آهي ته توهان جي گهر ۾ جيڪا به اڇي شيءِ موجود هجي ان کي رڌي کائيندا ته هي وبا اسان جي ملڪ مان ختم ٿي ويندي.اها اڇي شيءِ چانوريا کير يا ٻي ڪا اهڙي کاڌي جي ٿي سگهي ٿي. بهرحال وسوسن ۽وهمن ۾ ورتل ماڻهو اهڙين ڳالهين تي عمل ڪري رهيا آهن.
اسان وٽ جڏهن به اهڙي قسم جون وبائون يا بيماريون ٿين ٿيون ته تعليم ۽ شعور نه هئڻ سبب ڪيترائي ماڻهو اهڙن وسوسن جو شڪار ٿين ٿا ۽ انهي جي ڪري هو نه صرف پنهنجو پر ٻين جو پڻ نقصان ڪري رهيا آهن. خاص ڪري هن وبا دوران جنهن ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي آهي، ڪنهن سان هٿ نٿو ملائي سگهجي اتي ماڻهو مٺائي ورهائي ڪورونا وائرس کي اڃان گهڻي طاقت ۽ رستا مهيا ڪري رهيا آهن.
شايد اهڙا وسوسا دنيا جي ٻين ملڪن خاص ڪري ترقي يافتا ملڪن ۾ تمام گهٽ نظر ايندا. انهي جو اهم سبب اتان جو تعليمي نظام، ذهني شعور جي ترقي، تربيت ۽ سائنسي ترقي آهي. جيڪا انسان کي اڳتي وڌڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اتي وسوسن جي لاءِ ڪابه جاءِ ناهي.
هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪل ساڍا يارهن لک ماڻهو هن وبا ۾ورتل آهن ۽ ايڪهٺ هزار ماڻهو هن بيماري جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آمريڪا آهي جتي جي صورتحال اها آهي جو اٽڪل ٽي لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. اتي نه وينٽيليٽردستياب آهن نه ماسڪ ملن ٿا ۽ نه ئي سينيٽائزر موجود آهن. پر اهي ڪوششون ڪري رهيا آهن ته جلدکان جلد هن وبا جي خاتمي لاءِ ويڪسين يا ڪو علاج تيار ڪيو وڃي ته جيئن قيمتي جانيون بچائي سگهجن. هي سڀئي ملڪ چائنا وانگر هن وبا مان پنهنجي ملڪ جي جان جلد ڇڏائي ويندا ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن جو اعتماد وسوسن تي نه پر پنهنجي علمي سگهه ۽ سائنسي ترقي تي ٻڌل آهي.
چوندا آهن ته هر مصيبت يا ڏکيو وقت پاڻ سان گڏ موقعا به آڻيندو آهي ۽ اميد ٿي ڪجي ته هي وبا اسان وٽ موجود هزارين سال پراڻين ڏندڪٿائن ۽ وهمن وسوسن کي ختم ڪندي. جيڪڏهن اسان ڌاڳن، ڦيڻن وسوسن ۽ وهمن مان پنهنجي جان ڇڏائي تعليم تي ڌيان ڏينداسين، محنت ڪنداسين ته پنهنجي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهنداسين.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *