تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

وبا جي ڏينهن ۾ لائبريري جو قيام … صدام ساگر

جڏهن ڪورونا وبا کان بچاءُ خاطر سموري دنيا تعليمي ادارا بند ڪري ويٺي آهي، ته ساڳئي وقت ٿرپارڪر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾نوجوانن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت لائبريري جو قيام عمل ۾آڻڻ يقينن خوش آئند قدم آهي، جيڪو شاگردن ۽ نوجوانن لاءِ نه صرف بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو پر لائبريري جي قيام سان پڙهندڙ علم ۽ تاريخ کان پڻ واقف ٿيندا ٿي سگهندا. اها عام فهم آهي ته معاشرو تيستائين ترقيءَ نه ٿو ڪري جيستائين اسان علم ۽ مطالعي کان پري هونداسين، لائبريريون ته هونئن به علم ۽ ادب کي فروغ ۾نمايان ڪردار ادا ڪنديون آهن.
سڊني شيلڊن چواڻي:
Libraries store the energy that fuels the imagination. They open up windows to the world and inspire us to explore and achieve, and contribute to improving our quality of life. Libraries change lives for the better.
لائبريرين جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي، پر وقت ۽ حالتن سان گڏ ان ۾جدت ۽ نواڻ اچي رهي آهي. جديد دور ۾انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي لائبريرين کي به جديد بڻايو آهي. اهڙي طرح آن لائين يا ڊجيٽل لائبريري جو تصور پيدا ٿيو آهي، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جتي پوري دنيا وٽ ڊجيٽل، ورچوئل، ملين باڪس، گوگل، سوشل ميڊيا، اليڪٽرونڪس لائبريريون ۽ ايمازون جي شڪل ۾ بي شمار لائبريريون موجود آهن، ته اُتي ٿرپارڪر جا ڪافي شاگرد ڊجيٽل لائبريرين جي نالن کان به واقف ناهن. اهڙي الميي واري صورتحال ۾“پاٻوهر يوٿ فورم” جي نوجوانن پاران لائبريري جو بنياد رکڻ يقينن بيٺل پاڻي ۾کڙو برابر آهي. چوڻ جي حد تائين ٿرپارڪر ۾ته درجنين لائبريريون آهن جيڪي صرف رڪارڊ ۾موجود آهن، پر ڪارآمد ناهن. ڪٿي وسيلن جي ڪمي آهي، ته ڪٿي اسٽاف جي کوٽ آهي، ڪٿي عوام جي عدم دلچسپي آهي، ته ڪٿي حڪومت جي عدم توجهه ۽ ڪٿي وري فنڊز جي فراهمي نه ٿيڻ، سبب بڻيل آهي، جنهن ڪري لائبريريون ويراني جي ور چڙهيل آهن.
ٿرپارڪر ۾لائبريرين جي انگ اکرن ۽ ڪارآمد هجڻ جي ڳالهه ڪنداسين ته ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر واري مٺي شهر ۾سرڪاري سطح تي صرف 3 لائبريريون آهن، جيڪي شهيد بينظير ڀٽو، شاهه عبدالطيف ۽ بلاول جي نالي سان قائم آهن، جنهن مان 2 اڄ به فنڪشنل آهن. ڏيپلي ۾سرڪاري پبلڪ لائبريري آھي پر بند آھي، اسلام ڪوٽ ۾ھڪ سرڪاري لائبريري عجائب گهر ۾آهي جيڪا کليل آھي، چيلهار ۾رائچند راٺوڙ جي نالي سان قائم لائبريري به فنڪشل آهي. ننگرپارڪر ۾مسڪين جھان خان کوسو سرڪاري لائبريري جيڪا گذريل 10 ورهين کان بند پيل آھي. ڇاڇري ۾هڪ لائبريري آهي جيڪا قسمت سان ڪڏهن ڪڏهن کليل رهندي آهي، ڪلوئي جي رحمان آباد اسٽاپ تي ھڪ نجي لائبريري آهي جيڪا فنڪشنل آهي ۽ هڪ لائبريري ڳوٺ ويڙهار ۽ هڪ ڳوٺ ٽوهه ۾قائم ٿيل آهي پر پڙهندڙ جي عدم دلچسپي سبب اها اڳتي هلي نه سگهيون ۽ بند ٿي ويون. جڏهن ته تازو ڳوٺ پاٻوهر ۾نوجوانن پاران قائم ڪيل لائبريري جيڪا هڪ طرف حڪومتي دلچسپي جي منتظر آهي ته ٻئي طرف پڙهندڙن جي راهه تڪي رهي آهي. ڏٺو وڃي ته نوجوانن پاران وبا جي دور ۾پڻ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾سنڌ اندر لائبريرين جي اھميت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي، ٽوٽيئر تي ٽرينڊ هلايا پيا وڃن، مختلف شهرن ۾لائبريرين جي تعمير لاءِ احتجاج ڪيا پيا وڃن، خاص طور تي خيرپورناٿن شاھه جي سڄاڻن طرفان شھر ۾ زير تعمير “وفا ناٿن شاھي پبلڪ لائبريري” جيڪو ھاڻي پوري سنڌ جو آواز بڻجي چڪي آھي. نوجوانن پاران پيدا ڪيل اها مهم يقينن اتساهه واري آھي جنهن کي اڃا وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آھي.
سچ اهو آهي ته مطالعي کان سواءِ اسان سماج ۾فرسوده رسمن، عجيب ذهنيت مان ڇوٽڪارو حاصل نه ٿا ڪري سگهون ٿا. مطالعو ئي سماج جي بهتري ۽ ذھني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ اهم آهي، جنهن ذريعي هڪ ته پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ سٺو ماحول پيدا ڪري سگهون ٿا، ٻيو وري معاشري جي تمام براين جو خاتمو پڻ آڻي سگهون ٿا. تنھن لاءِ ضروري آھي ته اسان کي هر ڳوٺ ۾ڪوشش ڪري پنهنجي وس ۽ وت آهر لئبريريون قائم ڪرڻ گهرجن ۽ حڪومت کي پڻ ان مامري ۾سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي ته جيئن بهتر معاشري جي تشڪيل ممڪن بڻجي سگهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *