تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

واھه مائي…ڊاڪٽر امداد شيخ

پنج صابڻ ، پنج ميري بسڪيٽس خوبصورت شاپر لاءِ دوڪاندار ڏي آيس، شاپر ھٿ ۾ جھلي سيلفي جا شارٽس ورتا ڦوٽو سٺو لڳو ، دوڪاندار بسڪيٽ ريپرجا ڏھ رپيا ته شاپر جا چيائين پندرھه ، سوچيم شاپر پنج ڪافي آھن صابڻ سکڻو ڀلو، ڦوٽو بھ چٽو، سئوٽ کي فون ڪئي، سؤٽ سڀاڻي دادو ڪئنال جي ڪپ تي پندرھه ويھه گھر آھن الله الائي ڪھڙي ڳالھه ۾ رازي ڇونه ڪنھن جي ھن ڏکئي وقت مدد ڪجي صبح روشني ۾ ، جيئن ڦوٽو ڪليئر اچي پنھنجي سمارٽ فون کڻي اچجان ،سئوٽ تنھنجو ڦوٽو ڪڍڻ جو انداز مجال آھي جو ڪنھن کي اچي بس سڀاڻي اھڙو ٿي وڃي جو ، فيس بڪ تي ھڻان ته ڪمينٽس جا ٽڙ ڪا ھجن.
ھيڏانھن گھڙيال جي سئي ڏھن تي لڳي ھوڏانھن گھر جو بيل وڳو،ٻاھر ڏٺم ته سئوٽ گليل ڦليل ڪيو بيٺو آھي، ساڻس ٻه دوست به گڏ ھئا چيائين ادا ڦوٽو اسڪرين ڀريل ھوندي ته شارٽس خوبصورت لڳندي،اسين دادو ڪينال جي ڪپ لڳ غريبن جي درروازن تي گاڏي بيھاري گاڏي جي آواز تي ماڻھن در کوليا شايد سوچيو ھوندن ته ھفتي جو ته راشن ھوندو ئي ھوندو، ھرڏانھن وري سئوٽ ڦوٽو لوڪيشن ڳولي ورتي مونکي سڏ ڪندي مخصوص ھنڌ تي بيھاريندي چيائين ته ولڻ توکي شاپر ڏيندو، ڍولو ماڻھن کي قطار ڪري بيھاريندو مان ھڪ،ھڪ جا ٻه ٽي شارٽس ڪڍي وٺندس ٿيو به ائين، پنجن سئون (٥٠٠)جو سامان ڏھ،ٻارھن شارٽس وٺي گاڏي ۾ ويٺا سين، ايتري ۾ سامھون گھر مان ھڪ مائي اڇي برقعي جو اڳيون حصو مٿي وريل گاڏي اڳيان پنھنجي ننڍڙي ٻارڙي جنھن جي ھٿ ۾ اسان جو ڏنل شاپر ساڻ ھو ، گاڏي روڪيندي چيو،توھان کي شرم به نه آيو جو ھڪ بسڪيٽ جي فاري ۽ صابڻ ذري ڏئي ايڏا چار ھٽا ڪٽا ايڏي وڏي گاڏي ۾ وري ھڪ ھڪ شيءَ تي ڦوٽو ڪڍي ھاڻي وري فيس بڪ تي لڳائيندؤ ته اسان غريبن ۾ راشن ورھايو سين.
مائي ڪا ٻه ٽي درجا پڙھيل پئي لڳي پنھنجي برقعي مان ھٿ ڪڍندي ھڪ وڏي شاپر مونکي ڏيندي چيو کاڌي پيتي جون شيون اٿو ، مون کي ڦوٽو، فيس بڪ جي ضرورت ،نه وري مان ڪنھن کي ٻڌائيندس . سنڀال پنھنجي ٿيلهي ، ننڍڙي کان وٺندي مون ڏانھن اڇلائي. مان سئوٽ کي پنھنجي گھر ڇڏيندو، راشن جا پاڪيٽ ٺھرايم ، ھر ھڪ پاڪيٽ ۾ ڪجهھ روڪ پئسا وجھي ساڳئي ھنڌ آيس، ڪڙو کڙڪائي سڀ راشن مائي حوالي ڪندي سڀني کي ورھائي ڏيڻ لاءِ چيو ، ھي مونکي ڏسندي رھي مون ھٿ ٻڌي چيو، ھاڻ مونکي ڦوٽو نه وري فيس بڪ جي ضرورت آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *