تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

واٽس ايپ هيڪ ڪري سگهجي ٿو

اسلام آباد (ٽيڪنالاجي نيوز) قومي اسيمبلي کي ڪابينا ڊويزن پاران انڪشاف ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جون ايجنسيون واٽس ايپ، ٽيليگرام ۽ ٻين موبائل فون اپليڪيشن کي هيڪ ڪرڻ جون صلاحيتون ر کن ٿيون. ڪابينا ڊويزن پاران ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي سوال جو قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ جواب پيش ڪندي ٻڌايو ويو ته والٽ 7، وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا جون ايجنسيون آءِ فون، اينڊرائڊ فون ۽ سمارٽ ٽي وي کي هيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، موبائيل فونن جي سيڪيورٽي صارفين جي پنهنجي ذميواري آهي، موبائيل صارف سيڪيورٽي اپڊيٽس نه ٿو ڪري ۽ ناقابل اعتماد اپليڪيشن فون ۾ انسٽال ڪري ٿو ته امڪان آهي ته ان جو فون هيڪ ڪيو وڃي، فون هيڪنگ کان بچڻ جو واحد طريقو صارفين کي آگاهي ڏيڻ آهي، جواب ۾ اهو به چيو ويو آهي ته والٽ 7 ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مختلف ايجنسيون واٽس ايپ، ٽيلي گرام سميت مختلف اپليڪيشن کي هيڪ ڪري سگهن ٿيون.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *